ماڻڪ ڪنگراڻي
ماڻڪ ڪنگراڻي ناميارو شاعر، ڪھاڻيڪار، ڊرامہ نگار ۽ صحافي آھي. سندس لکيل ڪيترائي ڊراما ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ ڪراچي سان گڏ پاڪستان ٽيليويزن نيٽورڪ ڪراچي، سنڌ ٽي وي ۽ ڪي ٽي اين تان ٽيليڪاسٽ ٿيا آھن. ماڻڪ ڪنگراڻيءَ جو پورو نالو ماڻڪ خان ڪنگراڻي ولد سومار خان ڪنگراڻي آھي. سندس جنم دادو ضلعي، جوھي تعلقي جي ڳوٺ حاجي ماڻڪ خان ڪنگراڻيءَ ۾ 26 مارچ 1978تي ٿيو. ھن پرائمري تعليم ڀر واري ڳوٺ گل محمد گنب جي پرائمري اسڪول مان 1990ع ۾ حاصل ڪئي. ميٽرڪ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول جوھي مان 1995ع ۽ انٽر 1997ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج جوھي منجهان ڪئي. بي.اي استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو مان ۽ ايم.اي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان حاصل ڪيائين. ماڻڪ ڪنگراڻيءَ لکڻ جي شروعات 1993ع کان ڪھاڻيوڻ لکڻ سان ڪئي، سندس پھرين ٻارن لاءِ ڪھاڻي “رمونءَ جي عيد” روزانہ عوامي آواز ڪراچي ۾ ڇپي، ان کان پوءِ ٻارن لاءِ توڙي ٻيون ڪھاڻيون روزاني جاڳو ڪراچي، روزاني سنڌ سجاڳ ڪراچي، ماھوار سنڌ سجاڳ ڪراچي ، عبرت ميگزين حيدرآباد، نئين زندگي حيدرآباد، ڪينجهر، ھالار ميگزين حيدرآباد ، سنڌ رنگ ميگزين حيدرآباد، ھزار داستان ميگزين حيدرآباد ، سنڌو ميگزين حيدرآباد ، سورهيہ ميگزين حيدرآباد، ٽماھي مھراڻ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، سوجهرو ميگزين ڪراچي، نئون نياپو ميگزين ڪراچي کان سواءِ ٻين مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڪھاڻيون، مضمون ۽ شاعري شايع ٿي آھي. 1999ع ڌاري حيدرآباد مان صحافت جي شروعات ڪيائين. ان ئي دور ۾ ريڊيو تي 2003ع کان ڊراما لکڻ جي شروعات ڪيائين. سندس لکيل ڊراما ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ تان نشر ٿيا آھن. جڏهن تہ سنڌي اردو ڊرامہ پاڪستان ٽيليوزن ڪراچي، ڪي ٽي اين۽ سنڌ ٽي وي سميت سمورن نجي چينلن تان ٽيليڪاسٽ ٿيا آھن، سندس اردو ڊرامو بدلتا ھي رنگ ۽ سنڌي ڊرامہ ريشمي ڏور، اڌورو خواب، رڻ ۾ رات ٺري. کاٽ، مياڻ ، وياج، کوٽو سڪو ۽ اکرڀور ذڪر لائق ڊرامہ آھن. جڏهن تہ صحافي طور روزانہ ڪاوش حيدرآباد، روزانہ ڪوشش حيدرآباد، سنڌو حيدرآباد، تعمير سنڌ حيدرآباد، واڪا ڪراچي، جيجل ڪراچي، امت ڪراچي ، پاڪ ڪراچي، ھلال پاڪستان ڪراچي، عوامي آواز ڪراچي، ڪي ٽي اين ڪراچي، سنڌ ٽي وي ڪراچي ۽ مھراڻ ٽي وي ۽ اردو اخبارن ۾ رپورٽر ، سب ايڊيٽر ، اسڪرپٽ ايڊيٽر طور ڪم ڪري چڪو آھي. پي ٽي وي سينٽر ڪراچي تان سندس آن ايئر سيريلن ۾ ريشمي ڏور، بي نشان، اردو ۾ بدلتي ھين رنگ ۽ ٻيا شامل آھن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ” ڀڳت ڪبير جي شاعري، فن ۽ فلسفو“ (سنڌ بوڪ ڪلب نواب شاھہ، 2000ع )، ”ردي پنا“ (ڪھاڻيون)، نئون نياپو اڪيڊمي ڪراچي، 2007ع ۽ ”ستين آسمان جا فرشتا“ (ڪھاڻيون)، نئون نياپو اڪيڊمي ڪراچي، نومبر 2014ع ۾ ڇپيا آھن.
ماڻڪ ڪنگراڻي 21 مارچ 2025ع تي دل جي دوري سبب ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو
- جنم: 1978-03-26
- ورسي: 2025-03-21
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل