چندر ڪيسواڻي

 مشهور اديب ۽ نقاد چندر ڪيسواڻيءَ جو پورو نالو چندر پرڪاش ڪيسواڻي آهي. سندس جنم 4 اپريل 1963ع تي ڪشمور شهر ۾ روپچند جي گهر ۾ ٿيو. بي. اِي BE  ڪرڻ کانپوءِ  ايم. ايس. سي MSC ڪيميسٽري ۾  ڪرڻ بعد ٻاهرين ملڪ ويو. يونائيٽيڊ ڪنگڊم (U.K) مان آءِ. جي. سي جي تعليم حاصل ڪيائين. هن لکڻ جي شروعات 1981ع کان ڪئي. سندس شاعري توڙي مضمون مختلف ادبي رسالن، اخبارن ۾ ڇپجندا رهن ٿا. سندس ٽي ڪتاب ڇپيل آهن، جن ۾: ‘زندگي، خواب، خودڪشي’، ‘روپوش محبت’ ۽ ‘نئون ادب نيون ڳالهيون’ شامل آهن.

1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image
book image