ڊاڪٽر ونود آسوداڻي

Author Name

ڊاڪٽر ونود آسوداڻيءَ جو جنم مھاراشٽر جي ناگپور شھر ۾ ٿيو۔ هوُ شري ھرديال ۽ شريمتي لڇمي آسوداڻيءَ جو چوٿون ٻارُ آھي۔ اَٺن ڀائرن–ڀينرن مان ٽي ڀائر ۽ ٻہ ڀينرون ڄائي ڄم کان نابين (درشٽي ھين) آهن۔ نابينيءَ باوجود ٻالڪپڻي کان ئي پنھنجي لاجواب قابليت جو مظاھرو ڪندا رهيا آھن۔
ڏھين درجي بورڊ جي امتحان ۾ 90 سيڪڙو مارڪون کڻي ونودَ ميرٽ لسٽ ۾ سترھون نمبر پراپت ڪيو ۔ اھڙي طرح ڀارت جو اھڙو پھريون نابين ھئڻ جو گؤرَو حاصل ڪيائين۔ بورڊ ۾ ئي ٻارھين درجي ۾ بہ 78 سيڪڙو مارڪون حاصل ڪري ڪلا شاخا جي ميرٽ لسٽ ۾ پنجون نمبر حاصل ڪيائين۔ ھڪ ئي يونيورسٽيءَ مان ايم۔ اي۔ (انگريزي ساهتيہ ) ايم۔ اي۔ (اتھاس ) ۽ ايم۔ اي۔ (سماج شاستر ) ۾ پھريون نمبر اَچي 3 گولڊ ميڊل حاصل ڪيائين۔ بي۔ ايڊ۔ ۾ يونيورسٽيءَ ۾ پنجون ۽ پوني وشوودياليہ جي۔ ايس۔ اي. ٽي۔ ۾ سموري مھاراشٽر ۾ پھريون نمبر حاصل ڪيائين۔
ايترو ئي نہ، ھن اَناملائي وشوودياليہ مان اپلائيڊ سائڪولاجي ۾ ايم۔ ايس سي ۽ P.G. Diploma in guidance and counselling ڪري پوري ملڪ ۾ پھريون نابين منووگياني بڻجڻ جو شرف حاصل ڪيو۔ ناگپور يونيورسٽي مان ونود کي انگريزي ساهتيہ ۾ ۽ سائيڪولاجيءَ ۾ بہ پي۔ايچ۔ڊي. جي اُپاڌي حاصل ٿي آھي۔ راشٽرڀاشا سمتي پوني مان ھندي ساهتيہ ۾ ’پنڊت‘ ۽ وِدرڀ ساهتيہ سنگهہ، ناگپور مان مراٺي ڀاشا ۾ اسناتڪ جي اُپاڌي بہ حاصل ڪئي اَٿائين۔
ڪمپيوٽر بہ سندس پسند جو وشيہ رھيو آھي۔ اِن کيتر ۾ M.Sc (IT) امتحان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪري پنھنجي مھارت ڏيکاري اَٿس۔ گذريل 20 سالن کان اَدب جي کيتر ۾ سَرگرم آھي۔ ھيل تائين سندس سنڌيءَ ۾ 6 ڪتاب، جن ۾ پنج غزل–سنگره آهن، شايع ٿي چُڪا آهن:

1.’چڻگون–چڻگون ‘
2. باھ جون پاڙون‘
3. ڀُڻ – ڀُڻ‘
4. ’مان ڀي اُتي ھئس‘
5. ’ھٿ پڪڙجانءِ‘

اِن کان علاوہ هِڪ ھندي غزل سنگره ’اڌورا آسمان‘ سندس ننڍي ڀاءُ راجيش آسوداڻي ’رقيب‘ سان گڏ پڻ شايع ٿيل آھي۔

سندس ست ڪتاب انگريزيءَ ۾ شايع ٿيل آهن۔ جن ۾ "Silent lips " (ڪهاڻي سنگره ) ۽ "Soft corner" (ناول) شامل آهن. ھيلتائين ونود آسوداڻيءَ جا سنڌيءَ مان انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيل 14 ڪتاب شايع ٿي چُڪا آهن۔
انکان سواءِ سنڌي، ھندي ۽ انگريزيءَ ۾ 600 کان وڌيڪ غزل، گيت ۽ ڪوتائون لکيون اَٿائين۔ راشٽريہ ۽ انترراشٽريہ سطح تي 100 کان وڌيڪ رِسرچ پيپر پيش ڪري چُڪو آھي۔

گذريل 20 سالن کان اِنساني وسيلن جي وڪاس (HRD) جي کيتر ۾ پنھنجون شيوائون ڏئي رھيو آھي۔ ڀارت جي جُدا- جُدا شھرن ۾ HRD تي 200 ورڪشاپ ڪيا اَٿائين۔
سماجي کيتر ۾ بہ ڪافي سرگرم آھي۔ گذريل 20 سالن کان نابينن جي ڪلياڻ لاءِ ڪم ڪري رھيو آھي۔ ونود گهڻين ئي سنسٿائن سان جُڙيل آھي، جن ۾ خاص آھن –

1. نِديشڪ، Institute for transformation, Nagpur
2. سَنيوجڪ : سنڌو ساهتيڪ ۽ سانسڪرتڪ سنسٿا، ناگپور
3. اَڌيڪش : نَوسَرجن ھندي ساهتيہ سنسٿا، ناگپور
4. اڌيڪش : سنڌي ساهتيہ سڀا، ناگپور
5. لائيف ميمبر : اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهتيہ سَڀا، جئپور
6. لائيف ميمبر : انڊين سائنس ڪانگريس ڪولڪتہ
7. لائيف ميمبر: آل اِنڊيا سوسائٽي فار ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن، دھلي
8. راشٽريہ ڪاريہ ڪارڻي سدسيہ : ’سَڪشم‘ (دويانگن جي سروانگيڻ وڪاس لاءِ سويم سيوي سنگٺن)
9. جنرل سيڪريٽري : بلائينڊ گريجوئيٽ فورم آف اِنڊيا
10. اڌيڪش : نيشنل آرگنائزيشن فار دي انٽيگريشن آف دي بلائنڊس

غير معمولي تعليم، اَدبي ۽ سماجي ڪمن سبب سندس نالو ڪيترن ئي راشٽريہ ۽ انترراشٽريہ پبلڪيشنس ۾ شامل ڪيو ويو آھي۔ اَنھن مان خاص آھن : –

1. لمڪا بُوڪ آف رڪارڊس (ڀارت مان شايع ٿيندڙ)
2. هوُ اِز هوُ آف مين ائنڊ وومن آف ڊسٽنڪشن (ڀارت مان شايع ٿيندڙ)
3. فائيو ٿائوزينڊ ليڊرس آف دي ورلڊ ( امريڪا مان شايع ٿيندڙ)
4. آئوٽ اسٽينڊنگ پيپلس آف ٽوينٽيٿ سينچري (ڪيمبرج، برٽين مان شايع ٿيندڙ)
5. انٽرنيشنل ڊڪشنري آف انٽيليڪچوئلس (ڪيمبرج، برٽين مان شايع ٿيندڙ)
6. ايشين اميرڪن هوُ اِز هوُ (ڀارت مان شايع ٿيندڙ)
7. ايشين پيسفڪ هوُ اِز هوُ (ڀارت مان شايع ٿيندڙ)
8. ايشين ايڊمائريبل اَچيورس (ڀارت مان شايع ٿيندڙ)
9. کيس ڪينبرج، يو. ڪي. پاران ’انٽرنيشنل مئن آف دي ملينيم‘ پُرسڪار سان 2001 ۾ نوازيو ويو
10. ساماجڪ ۽ سانسڪرتڪ سنسٿا ’چوکٽ‘ پاران 2001 ۾ ”ناگپور رتن“ جي اُپاڌي ڏني وئي.
11. سنڌو مُڪتي سنگٺن پاران ’سنڌو رتن‘ اعزاز سان نوازيو ويو.
12. 2016 ۾ يونيورسٽي آف سائوٿ اميرڪا پاران کيس D.Littجي مانَد اُپاڌي ڏئي سمانت ڪيو ويو.ونود جي شخصيت گهڻ–ڪُنڊائي آھي۔ کيس ساهتيہ، سنگيت، شطرنج، ڪرڪيٽ، منووگيان، درشن شاستر، راڄنيتي، سماج سيوا، تعليم، نابينن جو ڪلياڻ، وگيان وغيره ۾ گَھِري دلچسپي آھي۔ ھن وقت ناگپور جي رامديو بابا ڪاليج آف انجينئرنگ اينڊ مئنيجمينٽ ۾ مانوشاستر کاتي ۾ ايسوسئيٽ پروفيسر ۽ هيڊ آف ڊپارٽمينٽ جي روپ ۾ شيوائون ڏئي رھيو آھي۔

ونود آسوداڻيءَ جي سنڌي غزلن جي مجموئي ”باھ جون پاڙون“ کي ڀارتيہ ڀاشا پريشد ڪولڪتہ پاران 2012 ۾ يُوا پُرسڪار عطا ڪيو ويو۔ تعليمي کيتر ۾ ڪيل سرگرمين تي کيس سَن رائيز پيس فائونڊيشن پاران ’يوگي منوهر شِڪشا رتن‘ اَوارڊ سان سنمانت ڪيو ويو۔ اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهتيہ سڀا، جئپور پاران اَدبي کيتر ۾ ڪيل شيوائن لاءِ کيس 2014 ۾ راشٽريہ پرسڪار سان نوازيو ويو۔ 2015 ۾ ’ڀڻ – ڀڻ‘ ڪتاب تي NCPSL جو 50,000 روپيہ جو راشٽريہ ساهتيڪار پُرسڪار ڏنو ويو۔ 5 سيپٽيمبر 2015 تي R.T.M ناگپور يونيورسٽيءَ پاران ڊاڪٽر ونود آسوداڻيءَ کي ’بيسٽ ٽيچر رائٽر اَوارڊ‘ سان نوازيو ويو۔
ونود جي ھندي ساهتيہ ۾ يوگدان واسطي راشٽرڀاشا پرچار سمتي ورڌا جي دھليءَ ۾ ٿيل ڊائمنڊ جبلي جلسي ۾ ڀارت سرڪار جي اُن وقت جي هوم منسٽر شري سشيل ڪمار شندي سندس ستڪار ڪيو۔
ونود آسوداڻيءَ گهڻن ئي سنڌي ڪتابن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو آھي۔ انھن مان ھيٺ ڄاڻايل ڪتاب شايع بہ ٿي چُڪا آهن:

1. سائلينٽ پاٿ – وينا شرنگيءَ جون سنڌي ڪوتائون
2. دئٽ وَن مومينٽ – واسديو موهيءَ جون سنڌي ڪھاڻيون
3. ’ چيڪ بُوڪ اينڊ ادر سٽوريز‘ – واسديو موهيءَ جون

ڪھاڻيون

4. ’سائلڊ سن‘– اَرجن حاسد جو غزل سنگره
5. ’ ايِڪو آف مومينٽ‘– هري دلگير جو ڪوتا سنگره
6. ’دي لاسٽ وِش ائنڊ اَدر اِسٽوريز‘– وينا شرنگي جون ڪھاڻيون
7. ’اِسٽوري آف ورڊ‘– نَند جَويريءَ جو ڪوتا سنگره

ونود آسوداڻي مرڪزي ساهتيہ اَڪادمي، نئي دهليءَ جي سنڌي ايڊوائزري بورڊ تي بطور ميمبر جنوري 2013 کان ڊسمبر 2017 تائين نامزد رھيو۔ اِن کان سواءِ هو مھاراشٽر سنڌي اَڪادميءَ جو پڻ ميمبر رھيو آھي۔

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي ڊاڪٽر ونود آسوداڻي جا ڪُل 4 ڪِتاب موجود آھن


ڊاڪٽر ونود آسوداڻي جا ڪتاب

مان ڀي اُتي هئس، ليکڪ : ڊاڪٽر ونود آسوداڻي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
مان ڀي اُتي هئس
ليکڪ : ڊاڪٽر ونود آسوداڻي
ڀُڻ ڀُڻ، ليکڪ : ڊاڪٽر ونود آسوداڻي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ڀُڻ ڀُڻ
ليکڪ : ڊاڪٽر ونود آسوداڻي
باھ جون پاڙون، مصنف : ڊاڪٽر ونود آسوداڻي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
باھ جون پاڙون
مصنف : ڊاڪٽر ونود آسوداڻي
ھٿ پڪڙجانءِ، مصنف : ڊاڪٽر ونود آسوداڻي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ھٿ پڪڙجانءِ
مصنف : ڊاڪٽر ونود آسوداڻي
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ