اسحاق انصاري

Author Name

ڊاڪٽر اسحاق انصاري 4 مارچ 1960ع تي  اديب ۽ سلڇڻي ليکڪ الله بخش “انيس انصاري” جي گهر لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.   پاڻ پرائمري تعليم لاڙڪاڻي جي پي. سي اسڪول مان،  سيڪنڊري تعليم گورنمينٽ پائلٽ سيڪنڊري اسڪول مان،  بي. ايس. سي لاڙڪاڻي ڊگري ڪاليج مان، ايم ايس سي (اسٽيٽڪس ۾) 1985ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪري، جنوري 1990ع ۾ ڪلچرل ايڪسچيج اسڪالرشپ تحت ان وقت جي چيڪو سلوواڪيا مان پي. ايڇ. ڊي ڪرڻ ويو، جتي هن پهريان سلوواڪ ٻوليءَ ۾ ڊپلوما حاصل ڪيو ۽ پوءِ 1995ع ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪري واپس وطن موٽيو. 
پيشي جي لحاظ کان پاڻ شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جي اسٽيٽڪس ڊپارٽمينٽ جو ايسوسيئيٽ پروفيسر ۽ ٽن،ٽن سالن تائين ٻه ڀيرا شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي سينيٽ جو چونڊيل ميمبر رهيو. ان کان علاوهه شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جي سينڊيڪٽ جو بہ ميمبر رهيو آهي. 
پاڻ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، فيڊرل اردو يونيورسٽي، زيبسٽ، بزيٽڪ ۽ سي. بي. ايم ادارن جو ريسرچ گائيڊ به آهي. هن وقت بئنڪ آف پاڪستان اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ڪراچي مان ايڊيشنل ايشنل ڊائريڪٽر طور رٽائر ٿيا. 
اسحاق انصاري صاحب جي پهرين لکڻي گل ڦل ۾ 1973ع ۾ شايع ٿي، تنهن کان پوءِ هو مسلسل سنڌي رسالن ۽ اخبارن ۾ مضمون مقالا ۽ ڪهاڻيون لکندو رهيو آهي. اسحاق انصاري صاحب ادب ۽ سير سياحت ۾ خاص دلچسپي رکي ٿو، پاڻ 24 ملڪن جي سياحت ڪري چڪو آهي، مختلف بين الاقوامي سيمينارن، ورڪشاپن ۽ ڪانفرنسن ۾ پاڪستان جي نمائندگي پڻ ڪري چڪو آهي. 
اسحاق انصاريءَ جون ڪيل علمي، ادبي خدمتون ھيٺين ڪتابن جي صورت ۾ موجود آھن. 

1.خالي بينچ (ناول) 
2.پرين هُن پار (سفرنامو) 
3.نڪري پيس نيپال ڏانهن (سفرنامو)
4.ننڍڙو شھزادو (ناول) (نتولن دُسان اڪسو پئغي جي جڳ مشهور ناول ”لٽل پرنس“ جو ترجمو)
5.پيار درياهه (ناول) 
6.سنڌي ڪھاڻي (سھيڙ)

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي اسحاق انصاري جا ڪُل 3 ڪِتاب موجود آھن


اسحاق انصاري جا ڪتاب

خالي بينچ، ليکڪ : اسحاق انصاري

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
خالي بينچ
ليکڪ : اسحاق انصاري
نڪري پيس نيپال ڏانهن، ليکڪ : اسحاق انصاري

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
نڪري پيس نيپال ڏانهن
ليکڪ : اسحاق انصاري
پيار درياھ، ليکڪ : اسحاق انصاري

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
پيار درياھ
ليکڪ : اسحاق انصاري
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ