ساجد سنڌي
سنڌ جي ناليواري شاعر صحافي ۽ پبلشر ساجد سنڌيءَ جو اصل نالو مير امام بخش ولد محمد صادق جاگيراڻي آھي. ھن 5 مارچ 1978ع تي ڳوٺ سچي بخش جاگيراڻي، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم پنھنجي ڳوٺ مان، مئٽرڪ، انٽر ۽ بي. اي جا امتحان لاڙڪاڻي مان پاس ڪيائين. ڪجهہ عرصو آرميءَ ۾ ڪلارڪ طور پنھنجا فرض سرانجام ڏنائين. ھن صحافت جي شروعات 1998ع کان ھلال پاڪستان اخبار ۾ سب ايڊيٽر طور ڪئي، جنھن بعد ڪيترو ئي عرصو روزاني ‘خبرون’ ڪراچيءَ جو ايڊيشن ۽ ايڊيٽوريل صفحن جو انچارج رهيو، جنھن دوران عورتن لاءِ ھفتيوار صفحو ‘سورٺ’، ادبي صفحي ‘مھراڻ رنگ’ سميت ٻارڙن لاءِ ڪيترائي ايڊيشن سندس ادارت ۾ جاري ٿيندا رهيا. ان کان علاوہ ساجد سنڌي روزاني نجات ڪراچي، روزاني برسات، روزاني جاڳو، مقدمو، آسرو، عوامي فورم ۽ ٻين اخبارن ۾ نيوز ايڊيٽر طور پڻ ڪم ڪري چڪو آھي. ھن وقت روزاني اخبار ’صوبہ سنڌ‘ حيدرآباد جو ايڊيٽر ۽ روزاني سڪار اخبار جي ايڊيٽوريل صفحي ۽ ايڊيشن جو انچارج پڻ آھي. جڏهن تہ روزاني ’سڪار‘ اخبار جو ادبي صفحو ’ڏات‘ سندس سڃاڻپ رهيو.
ساجد سنڌي ادبي دنيا ۾ ليکڪ طور 1991ع ۾ پير پاتو، جنھن دوران سنڌ جي ناليوارن شاعرن حڪيم ضياءُ الدين ‘ضياءَ’ جتوئي، سرڪش سنڌي ۽ ٻين سينئر شاعرن سندس رهنمائي ڪئي. ھن شاعريءَ جي سڀني صنفن ۾ لکيو آھي. سندس ڪيترائي سياسي، سماجي ۽ ادبي موضوعن تي لکيل مضمون مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا. ھو سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي، گلشن حديد ڪراچي ۽ حيدرآباد سان بہ مختلف وقتن تي سلھاڙيل رهيو آھي. ھن حيدرآباد مان ’سورٺ‘ نالي ادبي رسالو پڻ جاري ڪيو، جنھن جو پاڻ ايڊيٽر آھي. ساجد سنڌي ڪيترن ئي ادبي ڪتابن جا مھاڳ ۽ تاثر پڻ لکيا آھن، سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾ ‘تون، مان ۽ خدا’ (شاعري: 2004ع)، ‘هاءِ ھٺيلا ھوڏي پريتم’ (مضمون: 2014ع) ۽ ‘سمبارا’ (شاعري: 2017) شامل آھن. جڏهن تہ نثر توڙي نظم کان سواءِ ڪيترائي اڻ ترتيب مسودا جنھن ۾ ترجما، ڪھاڻيون ۽ ڪالم بہ شامل آھن، ڇپائيءَ جي اوسيئڙي ۾ آھن. کيس ڪيترائي مڃتا اوارڊ ملي چڪا آھن.
________________________________________
- جنم: 1978-03-05
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل