علي اظھار

ناليواري اديب، شاعر، ترجمي نگار ۽ صحافي علي اظھار جو پورو نالو علي محمد ولد ڌڻي بخش سومرو آهي. سندس جنم 7 جنوري 1971ع تي ڀريا سٽي، ضلعي نوشھري فيروز ۾ ٿيو. پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڀريا سٽيءَ مان، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڀريا سٽيءَ مان، انٽر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڪنڊياري مان ۽ ايم. ايس. سي (ايگريڪلچر) زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام مان 1998ع ۾ ڪيائين. ان کان سواءِ هن صوفي يونيورسٽي ڀٽ شاھ مان صوفي ازم ۾ ڊپلوما بہ ڪئي آهي. هن عملي زندگيءَ جي شروعات 2003ع ۾ ايگريڪلچر آفيسر جي حيثيت ۾ ڪئي. هن وقت زرعي توسيع کاتي ڄام شوري ۾ ايگريڪلچر آفيسر طور پنھنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. هن لکڻ جي شروعات 1987ع ڌاري ڪئي. سندس لکڻيون ادبي رسالن توڙي اخبارن ۾ ڇپجنديون رهيون. علي اظھار، سنڌي ادبي سنگت جي  دريا خان جلباڻي، ٽنڊي ڄام ۽ حيدرآباد شاخن سان سلھاڙيل رهيو. علي اظھار زرعي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ دوران، 1995ع ڌاري ماهوار رسالي ‘هزار داستان’ جو ايڊيٽر رهيو. 1999ع ۾ ڪجهہ عرصي لاءِ عبرت گروپ آف پبليڪيشن جي ايڊمنسٽريٽوِ آفيسر طور ڪم ڪيائين. ان کانپوءِ روزاني ‘سچ’ اخبار جي ڪرائيم رپورٽر ۽ ماهوار ايم. ڪي هيلٿ مئگزين جي 2006ع ۾ هڪ سال لاءِ ايڊيٽر رهڻ کان سواءِ عبرت مئگزين ۽ هلچل اخبار ۾ به ڪم ڪيائين. علي اظھار غزل، پابند نظم ۽ نثري نظم جو پختو شاعر آهي. سندس هڪ نظم صادق فقير جي آواز ۾ ‘نہ هاڻي جام آڇيو، اسان پيئڻ ڇڏي ڏنو’ بيحد مقبول ٿيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ (1) اُڃايل آبشار (شاعري: 1995ع)، (2) دنيا جون بدنام عورتون (ترجمو)، (3) فحاشيءَ جي تاريخ (ترجمو)، (4) سونو سج ڪبير (ترجمو)، (5) اسٽور روم (شاعري: نثري نظم)، (6) توهان کٽي سگهو ٿا (شِو کيڙا جي ڪتاب جو ترجمو)، (7) الڪيمسٽ (ناول: ترجمو)، (8) مٽيءَ جو آسمان (شاعري) ۽ (9) قيد (ناول: ترجمو) شامل آهن. هن وقت حيدرآباد ۾ رهي ٿو.

  • جنم: 1971-01-07
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image