شبنم گل

مشھور ليکڪا، شاعرہ، ڪالم نويس ۽ ڪمپيئر، شبنم گل، 5 جولاءِ  1963ع تي دادوءَ ۾ ڊاڪٽر بشير احمد لاشاريءَ جي گھر جنم ورتو. سندس اصل نالو رضيہ سلطانہ آهي. هڪ روايتي بلوچ خاندان جي نياڻي هئڻ ڪري کيس تعليم حاصل ڪرڻ کان مختلف شعبن تائين پھچڻ ۾ ڪافي مشڪلاتون پيش آيون، پر والد جي حوصلي افزائيءَ کيس اڳتي وڌڻ جو اتساهہ ڏنو. شبنم گل ابتدائي تعليم سيوهڻ مان ورتي. ان کانپوءِ جوهيءَ، دادو، حيدرآباد ۽ ٺٽي جي تعليمي ادارن مان وڌيڪ تعليم ورتائين. شبنم گل 1988ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان انگريزيءَ ۾ ايم. اي ڪئي. هن پوليٽيڪل سائنس جي مضمون ۾ ايم. اي سان گڏ ايل. ايل. بي پڻ پاس ڪئي آهي. 1990ع کان هوءَ انگريزي مضمون جي ايسوسيئيٽ پروفيسر طور تعليم کاتي ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي. شبنم گل شاگرديءَ واري زماني کان لکي رهي آهي، گرئجوئيشن ڪرڻ دؤران هن ڪراچيءَ جي اردو اخبار ‘امن’ لاءِ عورتن جا 100 کان مٿي انٽرويو ڪيا ۽ ڪيتريون ئي ڪھاڻيون ۽ ڪالم لکيا. 1986ع ۾ هيءَ ريڊيو تي هڪ ڪمپيئر جي حيثيت ۾ متعارف ٿي، ان دوران ئي هن يونيورسٽيءَ ۽ شھر ۾ ٿيندڙ ڪيترن ئي ادبي پروگرامن جي ڪمپيئرنگ پڻ ڪئي. ريڊيو تي ڪمپيئرنگ کان علاوہ ڊراما بہ لکيائين، سندس پھريون ريڊيو لاءِ لکيل ڊرامو ‘اجهاميل ڏيئو’ نشر ٿيو. ان کان پوءِ هن سنڌي ۽ اردوءَ ۾ ڪيترائي ڊراما لکيا. ساڳئي عرصي ۾ شبنم گل ٻہ سال عبرت گروپ آف پبليڪيشن پاران نڪرندڙ عورتن جي رسالي ‘بختاور’ جي ايڊيٽر پڻ رهي ۽ عبرت مئگزين جي ٽيم ۾ پڻ ڪجهہ وقت شامل رهي. هن ٻن سالن تائين ‘جاڳو’ اخبار پاران نڪرندڙ ادبي صفحو پڻ سنڀاليو. ريڊيو تي هن ‘سگهڙين سٿ ’ ، ‘سڳنڌ’، ‘صبح مھراڻ’ ۽ ‘رهاڻ’ جھڙن مشھور پروگرامن ۾ ميزبانيءَ جا فرض سرانجام ڏنا. شبنم گل ادب جي مختلف صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. هن سنڌيءَ سان گڏ اردو ۽ انگريزيءَ ۾ پڻ لکيو آهي. 1990ع کان 1998ع تائين شبنم پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر جي سنڌي پروگرامن جي ڪمپيئرنگ بہ ڪئي. سندس ڪمپيئرنگ کي تمام گهڻو ساراهيو ويو. هن ٽي. ويءَ تي ‘سگهڙين سٿ ’ ، ‘سرتيون’ ۽ ‘سر لطيف’ جهڙا ڪامياب پروگرام ڪيا. پاڻ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي سيڪريٽري ۽ اُن جي بورڊ آف گورنرس جي ميمبر رهي آهي. شبنم گل 1989ع کان سنڌي ڪھاڻيءَ جي کيتر ۾ متعارف ٿي. هن جون ڪھاڻيون مشھور سنڌي رسالن ۾ ڇپجنديون رهيون آهن. ڪھاڻين ۾ هن انساني نفسيات ۽ سماجي مسئلن کي پنھنجي تحريرن جو محور بڻايو آهي. سندس ڪھاڻين جو مجموعو ‘اڻڄاتل شھر جو نقشو’ 1995ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. ان سان گڏوگڏ 1991ع ڌاري شبنم گل شاعريءَ جو آغاز پڻ ڪيو. هن غزل، وائي، بيت، نظم ۽ هائيڪا لکيا آهن. مھان ڪوي شيخ اياز سندس شاعريءَ کي ساراهيندي لکيو آهي تہ “شبنم جي شاعريءَ ۾ مرداڻي سماج خلاف ٻڙڪ ٻاهر ڪڍڻ جو حوصلو موجود آهي.” اهڙيءَ ريت شبنم جي طويل نظم ‘خود ڪلامي’ کي سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ اهم مقام حاصل آهي. سندس شاعريءَ جو مجموعو ‘آخري لفظ ‘ 1993ع ۾ شايع ٿيو. شبنم گل اخباري ڪالمن وسيلي سياسي ۽ سماجي مسئلن تي مستقل لکندي رهي آهي. هن ڪيترن نون ۽ جديد موضوعن کي پنھنجي تحريرن جو مرڪز بڻايو آهي. سندس ڪالم سنڌي، اردو، انگريزي اخبارن: ڪاوش، جنگ، ڊان، امن، عوامي آواز ۽ ايڪسپريس ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن. شبنم شاهہ لطيف ۽ مغربي شاعرن جو تقابلي جائزو پڻ ڪيو آهي. جن ۾ وليم ورڊز ورٿ، وليم بليڪ، وليم شيڪسپيئر، جان ڪيٽس ۽ جان ڊن شامل آهن. صوفي شاعرن تي سندس تحقيقي مضمون پڻ شايع ٿيندا رهن ٿا. صوفي ازم سان گڏ هن نفسيات، بعد از نفسيات جھڙن موضوعن تي پڻ قلم کنيو آهي. شبنم گل سفرناما بہ لکيا آهن. شبنم گل ٽيليويزن لاءِ بہ ڊراما لکيا آهن، جيڪي پي. ٽي. وي، ڪي. ٽي. اين ۽ هم ٽي وي تي نشر ٿي چڪا آهن. 1988ع ۾ سندس يادگيرين تي لکيل ڪتاب ‘منھنجو سورج مکي’ شايع ٿيو. ٻار ۽ ماءُ جي مقدس رشتي جي حوالي سان لکيل هن ڪتاب کي سٺي موٽ ملي. 2015ع ۾ شبنم جو مَکي ڍنڍ جي پسمنظر ۾ لکيل ناول ‘مَکي کان موڪلاڻي’ شايع ٿيو آهي، جنھن کي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ، 2015ع جي بھترين ناول جو اوارڊ پڻ ڏنو آهي. شبنم گل جي شادي  1995ع ۾ سنڌ جي مشھور ادبي گهراڻي جي نامياري محقق اشتياق انصاريءَ سان ٿي. شبنم کي ٻہ ٻار آهن. سندس ٻار عرين انصاري ۽ عرصم انصاري پڻ علم و ادب سان چاهہ رکن ٿا ۽ سندن تحريرون اسڪول جي مئگزين ۾ ڇپجنديون رهيون آهن.

  • جنم: 1963-07-05
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image