اقبال بلوچ

Author Name

نالو: محمد اقبال بلوچ 
ادبي نالو: اقبال بلوچ 
والد جو نالو : حسن علي بلوچ 
ذات : ڪهيري بلچ 
اصل ڳوٺ: تلهار ضلع بدين
پيدائش ۔ 1.12.1956 

نوڪري

ٽريزري آفيس 
بدين/ حيدرآباد 

مارچ 1976 کان 2016 تائين 

پهرين لکڻي ۔۔۔۔ ٻاراڻي ادب ۾ 1972 کان "گل ڦل" ۽ "گلن جهڙا ٻارڙا"  ۾ ٻاراڻي ادب جون لکڻيون شائع ٿيون ، اڳتي هلي روزانا "هلال پاڪستان ڪراچي": ۾ ڪالم "جهاتيون"  جنهنجو انچارج "عبدالڪريم سعدي"  هو ،  هن ۾ باقائده حصو ورتم ، 

پهرين ڪهاڻي ۔۔۔۔ پهرين ڪهاڻي "لڙڪ ۽ سڏڪا" عبرت اخبار جي "سنڊي ميگزين" ۾ 25. مارچ 1976 ۾ ڇپي ، جنهنجو انچارج  "عبدالغني درس"  هو ۔ اهڙي طرح پوء "هلال پاڪستان " جي" ادڀي صفحي " جنهنجو انچارج "جي اين مغل"  هو ، عبرت اخبار ، عبرت مئگزين ۽ اسي واري ڏهاڪي ۾ نڪرندڙ هر ميگزين ۽ اخبارن ۾ ڪهاڻيون ، شاعري ، مضمون ، وغيره باقائدگي سان شائع ٿيندا رهيا ۽ اهو سلسلو اڄ تائين جاري آهي ۔ 

هيستائين ست ڪتاب شائع ٿي چڪا آهن ۔ 

(1) ۔ سانول جا سور ۔۔۔ (ڪهاڻين جو مجموعو)  ( 2013 )
(2) اي منهنجي شهر جي مٽي (شاعري جو مجموعو) ( 2014) 
(3) جيئڻ جنين ڪاڻ (ڪهاڻين جو مجموعو)  ( 2016 )
(4) سروس بخير (يادگيريون)   ( 2016 )
(5) آخري پيار (ڪهاڻين جو مجموعو )  (2019) 
(6) مرڪون مهڪون ميڙيم  ( 2019)
(7) رولاڪ محبتون  (نثري ٽڪرا )  (2019) 

انهي کان علاوه غلام مصطفي' سولنگي جو مرتب ڪيل ۔۔ 

روح جو رمتو (اقبال بلوچ جو فن ۽ شخصيت) 2018 ۾ شائع ٿيو ۔ 

ايندڙ ڪتاب  

١۔ ڪهاڻين جو مجموعو 
٢ ۔شاعري جو مجموعو 
٣ ۔ناول 
٤۔خاڪا 

نوڪري تان رٽائرڊ ٿيڻ بعد گذريل ٻن سالن کان ڪراچي ۾ رھائش پذير آھي ۔

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي اقبال بلوچ جا ڪُل 4 ڪِتاب موجود آھن


اقبال بلوچ جا ڪتاب

سانول جا سور، ليکڪ : اقبال بلوچ

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
سانول جا سور
ليکڪ : اقبال بلوچ
جيئڻ جنين ڪاڻ، ليکڪ : اقبال بلوچ

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
جيئڻ جنين ڪاڻ
ليکڪ : اقبال بلوچ
سروس بخير، ليکڪ : اقبال بلوچ

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
سروس بخير
ليکڪ : اقبال بلوچ
مُرڪون مهڪون ميڙيم !، مصنف : اقبال بلوچ

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
مُرڪون مهڪون ميڙيم !
مصنف : اقبال بلوچ
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ