ياسر قاضي
ناميارو شاعر، ليکڪ، ڪمپئر، ريڊيو ۽ ٽي وي براڊڪاسٽر، آرٽسٽ ۽ راڳِي، ياسرقاضي 17 جنوري 1979ع تي، ضلعي لاڙڪاڻي جي شھر رتيديري ۾، سنڌ جي نامياري شاعر، نثرنويس، ڪالم نگار، ٻارن جي اديب، صحافيءَ، ۽ حضرت سچل سرمست رحہ جي شارح، مقصُود گُل جي گهر ۾، جنم ورتو. هُن پرائمري تعليم ۽ سيڪنڊريءَ جي ٽن ڪلاس جي (اٺين ڪلاس تائين) تعليم، مڪاني طور رتيديري ۾ حاصل ڪرڻ کان پوءِ، نائين ڪلاس ۾ پبلڪ اسڪُول ميرپُورخاص ۾ داخلا ورتي، جتان 1993ع ۾ ميٽرڪ ۽ 1995ع ۾ انٽر (پري انجنيئرنگ) ۾ امتيازي نمبرن ۾ پاس ڪئي ۽ ”رول آف آنر گولڊ ميڊل“ حاصل ڪيو. جنھن کان پوءِ هن 1996ع ۾، مھراڻ يُونيورسٽي انجنيئرنگ ڪاليج نوابشاھہ ۾ داخلا ورتي، جنھن کي ان ئي سال يُونيورسٽيءَ جو درجو مليو. ياسرقاضيءَ 2001ع ۾ قائدِ عوام انجنيئرنگ يُونيورسٽي نوابشاھہ مان اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ۾ گريجُوئيشن جي ڊگري حاصل ڪئي. جنھن کان پوءِ هُن ادب سان دلچسپيءَ سبب، شاھہ عبداللطيف يُونيورسٽي خيرپُور مان فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن، سنڌي ادب ۾ ماسٽرس جي ڊگرِي حاصل ڪئي ۽ ”وائيس چانسيلرس گولڊ ميڊل“ ماڻيو. 2010ع ۾ هُن نيشنل يُونيورسٽي آف ماڊرن لئنگئيجز ڪراچيءَ مان اردُو ادب ۾ ماسٽرس جي ڊگرِي حاصل ڪئي ۽ اڄڪلھہ هُو وفاقي اردُو يُونيورسٽي ڪراچيءَ مان سنڌيءَ ۾ پي.ايڇ.ڊي. ڪري رهيو آهي، صحافت جي تعليم جي سلسلي ۾ هُن 2014ع ۾ امريڪا جي رياست ”هوائِي“ جي يُونيورسٽي آف هوائِي ۾ قائم ”ايسٽ ويسٽ سينٽر“ ۽ امريڪي رياست ”مِزُورِي“ جي شھر ڪولمبيا ۾ قائم ”يُونيورسٽي آف ڪولمبيا“ مان ڊپلوما ڪيو.
ياسرقاضِيءَ عملي زندگيءَ جو آغاز 2002ع ۾ ڪراچيءَ ۾ صحافت سان ڪيو. هُو سنڌ جي نامياري اخبار، روزاني ، ”سنڌ سجاڳ“ ۾ ايڊيٽوريل صفحي جو انچارج رهيو. هُن جي روزاني ”عوامي آواز“ جي ايڊيٽوريل صفحي ۽ انگريزي رسالي ”انڊس“ سان خاص رپورٽر طور بہ ڳچ عرصو وابستگي رهي. هن ”عوامي آواز“ جي ٻارن جي صفحي توڙي ادبي صفحي لاءِ سوين اسڪيچ، السٽريشنز ۽ ڪيليگرافيُون ڊزائن ڪيوُن.
ياسرقاضِي، ڪراچي يُونيورسٽِيءَ جي شاھہ عبداللطيف ڀٽائي چيئر ۾ ٻہ سال (2002ع کان 2004ع تائين ”ريسرچ آفيسر“ رهيو، جتي هُن چيئر جي ٽماهي ريسرچ جرنل ”ڪلاچي“ جي سب ايڊيٽر جي حيثيت سان پڻ پنھنجيُون خدمتُون انجام ڏنيُون ۽ ”ڪلاچيءَ“ جي بيڪ ٽائيٽل لاءِ ڀٽائيءَ جي مُختلف بيتن جي ڪيليگرافي پڻ ڪئي. 2002ع کان 2004ع تائين هُو وفاقي اردُو يُونيورسٽي ڪراچيءَ ۾ سنڌيءَ جو اُستاد رهيو. 2007ع کان 2001ع تائين هُو وفاقي سرڪار جي ثقافتي ادارَي، پاڪستان نيشنل ڪائُونسل آف دي آرٽس (پِي اين سِي اي) جو پھريان ”پروگرام ايگزيڪٽو“ (Program Executive) ۽ بعد ۾ ڊائريڪٽر رهيو ۽ پاڪستان خاص طور سنڌ جي ثقافتي طائفن جي ڪيترن مُلڪن ۾ سرواڻي ڪيائين. 2012ع کان 2013ع تائين هُو محترمہ بينظير ڀُٽو شھيد جي ٺاهيل اداري، ”شھيد ذوالفقار علي ڀُٽو انسٽيٽيُوٽ آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (SZABIST)“ ڪراچيءَ ۾ اُستاد ۽ مُحقق جي حيثيت سان وابستہ رهيو، جتي هُن سوشل سائنسز ۽ ميڊيا سائنسز جي شاگردن کي ”سنڌ جي موسيقيءَ“ ۽ ”براڊڪاسٽنگ“ جي تعليم ڏني. ياسر اڄ بہ سنڌ جي مختلف سرڪاري ۽ خانگي يُونيورسٽين ۾ مختلف وقتن تي ”مھمان مُقرر“ (Guest Speaker) طور ميڊيا، صحافتي رواتين توڙي ان سان لاڳاپيل موضُوعن بابت ليڪچر ۽ ميڊيا جي تربيت ڏيندو رهندو آهي.
ٽن ٻولين ۾ مھارت رکندڙ ريڊيي ۽ ٽي وِيءَ جي ڪمپئر، ياسرقاضِيءَ، پھرين آڪٽوبر 1995ع تي، انٽر پاس نؤجوان جِي حيثيت سان، سنڌي ڪمپيئر طور، ريڊيو جي دُنيا ۾ پيرپاتو ۽ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تان پنھنجي سفر جي شرُوعات ڪئي، جتي کيس خواجہ امداد عليءَ ۽ ڪوثر ٻُرڙي مُتعارف ڪرايو. سندس پھريون ريڊيو پروگرام ”رُوح رهاڻ“ هو، جيڪو هُن ڳچ عرصو ڪيو. 1995ع کان 2002ع تائين هُن لاڙڪاڻي سان گڏوگڏ ريڊيي پاڪستان خيرپُور، حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي مائڪروفون تان پڻ ”مھمان ڪمپئر“ طور مختلف پروگرامن جي ميزباني ڪئي. 2002ع کان 2010ع تائين هُو ايف ايم 101 ريڊيو ڪراچيءَ جو پريزنٽر ۽ ”ڊسڪ جوڪي“ (DJ) رهيو. 2010ع کان 2013 تائين هُو ”ايف ايم 94.6 ڪراچيءَ“ تي پروڊيُوسر ۽ ريڊيو جوڪي (آر جَي) جي حيثيت سان پروگرام پيش ڪندو رهيو. مارچ 2013ع کان هُو پاڪستان جي وڏي ۾ وڏي ايف ايم ريڊيو نيٽورڪ، هاٽ ايف ايم 105 تي ”نيشنل پروگرام مينيجر“ طور پنھنجيُون خدمتُون انجام ڏئي رهيو آهي.
ٽيليويزن جي دُنيا ۾ ياسرقاضِيءَ، سنڌي ٻوليءَ جي پھرين سيٽلائيٽ چينل، ”ڪي ٽِي اين“ جي پھرين مرد ڪمپئر طور فني سفر جو آغاز ڪيو، جڏهن هُن پھرين آڪٽوبر 2002ع تي ”ڪي ٽِي اين“ جي نشريات جي پھرين ڏينھن، ”محفل“ جي عُنوان سان پنھنجو پھريون پروگرام ڪيو. ياسر کي سنڌي ٻوليءَ جي پھرين ميُوزڪ چينل، ”ڪشش“ ٽِي وِيءَ ۽ پھرين نيُوز چينل، ”ڪي ٽِي اين نيُوز“ جي پڻ ”پھرين ميزبان“ هجڻ جو شرف حاصل آهي. ياسرقاضِي، پاڪستان ٽيليويزن تان بہ 2004ع کان مُسلسل پروگرام ڪري رهيو آهي. کيس ٻہ ڀيرا ”بھترين ڪمپئر“ طور ”ڪي ٽِي اين ايوارڊ“ ۽ هڪ دفعو ”پِي ٽِي وِي ايوارڊ“ پڻ ملي چُڪو آهي. ياسر قاضِيءَ ڪي ٽي اين تان محفل کان سواءِ ”فن ـ تارا“، ”نگر نگر ۾ گيت“، ”پرُوڙ“، ”بيت بازي آن لائن“، ”اِٽس آور شو“ جهڙا مقبُول ۽ يادگار پروگرام ڪيا. ڪشش ٽي ويءَ تان سندس مقبُول پروگرامن ۾ ”ڳاءِ بانورا ڳاءِ!“ ۽ ڪي ٽِي اين نيُوز تي سندس مقبُول پروگرامن ۾ ”اسپاٽ لائيٽ“ شامل آهي، جيڪو اڄڪلھہ هر آچر جي شام 8 لڳي نشر ٿيندو آهي. پي ٽِي وِيءَ تان هُن ”سي آيتُون آهين“، ”سنڌ سنگيت“، ”لوڪ رنگ“، ”پرک“ ۽ ”سنڌ صدين کان“ جهڙن انيڪ يادگار پروگرامن جي ميزباني ڪئي ۽ ٻارن جي پروگرام ”روشن تارا“ لاءِ ڪيترا ئي گيت ڳايا. مجمُوعي طور ياسرقاضي لڳ ڀڳ 3000 کان مٿي ٽي ويءَ جي پروگرامن جي ميزاني ڪري چُڪو آهي. ساڳئيءَ رِيت هُو 10 هزارن کان وڌيڪ ريڊيي جي پروگرامن جي ميزباني ۽ پيشڪش پڻ ڪري چُڪو آهي. ياسرقاضِيءَ جي ريڊيي جي مشهُور پروگرامن ۾ سنڌيءَ کان وڌيڪ اردُوءَ جا پروگرام شامل آهن، هُو اردُو حلقن ۾ پڻ سنڌي حلقن جيان مشهُور آهي. هُن لاتعداد انگريزي پروگرامن جي پڻ ميزباني ڪئي آهي. سندس ريڊيي جي مقبُول پروگرامن ۾ ”رُوح رهاڻ“، ”ماڻڪ موتي“، ”هڪ شعر ـ هڪ نغمو“، ”شعلہ سا لپڪ جائي هي“، ”گيت غزل ٽائيم“، ”بيت بازي آن لائن“، ”ايف ايم 101 هاٽ ڪيڪ“، ”ارائُونڊ دي ورلڊ“، ”مان! تُجهي سلام“، ”رهنمائي سُخن“، ”فريش مارننگ وِد ياسرقاضِي“، ”دہليزِ شب“، ”مِيٺاڪم، پتي تيز“، ”مڌُر يادين“، ”سُورج شاخُون ڪڍيُون“، ”بُڪ شيلف“، ”ريڊيومينٽري“، ”چمنزار“ وغيرہ شامل آهن.
ياسرقاضِيءَ جو اسٽيج سان تعلق تمام پُراڻو آهي. هُو پنھنجي والد صاحب جي همت افزائيءَ سبب پھرين ڪلاس جي شاگرديءَ کان وٺي مختلف ادبي اسٽيجن، سيمينارن توڙي ڪانفرنسن ۾ مشھور شاعرن جا شعر پڙهندو رهيو. ٽئين ڪلاس کان وٺي هُن تقريري مُقابلن ۾ شرڪت ڪرڻ جو آغاز ڪيو. سيڪنڊري اسڪُولنگ کان وٺي هُو شعلا بيان مُقرر جي حيثيت سان صُوبائي ۽ قومي سطح جا مُقابلا پوزيشن سان کٽندو رهيو. اسٽيج ڪمپيئرنگ جي تربيت جو آغاز نائين ڪلاس کان ٿيس، جڏهن پبلڪ اسڪُول ميرپُورخاص ۾ ”يومِ والدين“ ۽ اين سِي سِي پاسنگ آئُوٽ پيريڊس جهڙين تقريبن ۾ ڪمپيئرنگ ۽ نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽس ۾ سنئي سڌي ڪامنٽري ڪرڻ سان سندس ڳالھائڻ جي چڱِي تربيت ٿي. نوابشاھہ يُونيورسٽيءَ ۾ منعقد ٿيندڙ ادبي ۽ سماجي تقريبُن توڙي يُونيورسٽي گرانٽس ڪميشن پاران مُنعقد ٿيندڙ مُباحثن جي مُقابلن، سندس ڪمپئر ۽ مُقرر جي حيثيت سان چڱي خاصي تربيت ڪئي. ڪي ٽي اين جي آغاز کان پوءِ، ”ڪي ٽي اين“ جي ابتدائي ڏينھن ۾ سنڌ جي مُختلف شھرن ۾ مُنعقد ٿيندڙ ميگا ميُوزيڪل شوز ۾ لکن جي ميڙ آڏو هُن پنھنجي مُنفرد ڪمپيئرنگ جا جوهر ڏيکاريا ۽ پاڻ مڃايو. 2003ع کان لاڳيتو، هُو حضرت شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ، حضرت سچل سرمست ۽ حضرت لال شھباز قلندر جي ساليانن عُرسن جي موقعن تي مُنعقد ٿيندڙ موسيقيءَ جي ميڙاڪن ۽ ادبي ڪانفرنسن جي ڪمپيئرنگ جا فرض نڀائي رهيو آهي. کيس 2017ع ۾ ”لطيف ايوارڊ“ ۽ ٻہ ڀيرا ”شھباز ايوارڊ“ سان نوازيو ويو آهي. ياسرقاضِي، پاڪستان جي چئني صُوبن کان سواءِ برطانيہ، دُبئيءَ، ترڪيءَ، انڊونيشيا ۽ ڀارت سميت ڪيترن ئي مُلڪن ۾ سنڌيءَ سان گڏ اردُوءَ ۽ انگريزيءَ ۾ ڪيترن وڏن ميڙاڪن جي ڪمپيئرنگ پڻ ڪري چُڪوآهي. هن وقت ڪراچيءَ کان ڪشمور ۽ ڪِينجهر کان ڪارُونجهر تائين، سنڌ جي سمُورن اهم ادبي ۽ ثقافتي ميڙاڪن جي ڪمپيئرنگ لاءِ ياسرقاضِيءَ کي خاص طور دعوت ڏني ويندي آهي.
ياسرقاضِيءَ جِي ادبي دُنيا ۾ سُڃاڻپ هڪ شاعر، نثرنويس، مترجم، ڪالم نگار، منظُوم سوانح نگار توڙي ٻارن جي شاعر جي حيثيت سان آهي. سندس 7 ڪتاب ڇپجي ادبي دُنيا ۾ مڃتا ماڻي چُڪا آهن. سندس پھريون گڏيل تحقيقي ڪتاب ”سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن جي ڊڪشنري“ هو، جيڪو شاھہ عبداللطيف چيئر، ڪراچي يُونيورسٽِيءَ پاران ڇپيو، جنھن ۾ ياسر سان گڏ ٻين مُحققن پڻ سب ايڊيٽر طور تحقيقي خدمتُون انجام ڏنيُون. ياسر قاضِيءَ جو پھريون انفرادي ڪتاب، ٻارن لاءِ شاعريءَ جو مجمُوعو ”ٻيڙِيءَ ۾ چنڊ“ هو، جيڪو 2012ع ۾ ڇپيو. سندس ٻيون ڪتاب ”اُٺ ماما گوگڙُو“ هو، جنھن جو پھريو ڇاپو 2014ع ۾، ٻيو ڇاپو 2016ع ۾ ۽ ٽيون ڇاپو تازو 2018ع ۾ ڇپيو آهي. ان کان سواءِ ”گُل ڇنو گِرنار جو“ ياسرقاضِيءَ جو پنھنجي والد، مقصُود گل بابت ڪالمن ۽ تعزيتي تاثرات تي مشتمل ڪتاب آهي، جڏهن تہ ”جيون بحر شھباز جو“، ياسر پاران حضرت لال شھباز قلندر رحہ جي منظُوم سوانح تي ٻڌل ڪتاب آهي، جيڪو 2018ع ۾ ڇپيو آهي. سندس ٻارن لاءِ لکيل ٽنھي ڪتابن کي سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد پاران ۽ هڪ ڪتاب کي ”انسٽيٽيُوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشوري“ پاران ”سال جي بھترين ٻارن جي ڪتاب“ جو ايوارڊ ملي چُڪو آهي. ياسرقاضِيءَ جي ايندڙ ڪتابن ۾ ڏيارام گدُومل جي لکيل انگريزي ڪتاب ”دِي گريٽيسٽ پوئِٽ آف سنڌ“ جو سنڌي ترجمو “سنڌ جو وڏي ۾ وڏو شاعر” ۽ سچل سرمست رحه جي منظُوم سوانح شامل آهن، جيڪي جلد منظرِعام تي اچڻ وارا آهن.
- جنم: 1979-01-17
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل