وفا صالح راڄپر

 شاعر، ڪھاڻيڪار ۽ صحافي وفا صالح راڄپر جو اصل نالو محمد صالح راڄپر آھي. ھن 16 نومبر 1975ع تي ڳوٺ وڏي واھڻي، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ محمد عثمان راڄپر جي گهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم پرائمري اسڪول وڏي واھڻيءَ مان حاصل ڪرڻ بعد مئٽرڪ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول باڊھه مان ۽ انٽر گورنمينٽ حيدر بخش جتوئي سائنس ڪاليج ڏوڪريءَ مان ڪيائين. شاعري توڙي نثر ۾ لکڻ جو آغاز 99- 1998ع ڌاري ڪيائين. پاڻ سنڌي ادبي سنگت شاخ وڏي وهڻي جو ڪائونسلر ۽ سيڪريٽري، سنڌي ادبي سنگت شاخ باڊھ جو ڪائونسلر، خزانچي، آڊيٽر ۽ جوائنٽ سيڪريٽري پڻ رهي چڪو آھي. کيس لکڻ پڙهڻ سان گهرو چاھ رهيو آھي. ڪيترن ئي رسالن سان پڻ وابستہ رهيو آھي. جنهن ۾ ماھوار ‘سنڌ رائيٽر’ باڊھ جو ايڊيٽر، ماھوار ‘رم جهم’ دادو جو سب ايڊيٽر ۽ ماھوار ‘سمونڊ’ ڪراچيءَ جو سب ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آھي. سندس شاعريءَ جو ڪتاب ‘دردن ڦولاريا ڦول’ (2015) ۽ ڪھاڻين جو مجموعو ‘ارپڻ کان رهجي ويل محبت’ (2017ع) ۽ خاڪن ۽ مضمونن جو مجموعو ‘مون ساريندي سپرين’ (2018ع) ۾ شايع ٿي چڪا آھن. کيس سنڌي ادبي سنگت مرڪز پاران اوارڊ، سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي پاران مڃتا سرٽيفڪيٽ ۽ سنڌ رنگ ڊائجسٽ حيدرآباد پاران مڃتا سرٽيفڪيٽ مليا آھن. پاڻ روزاني سنڌ، جيجل ۽ آسرو لاءِ باڊھه جي نمائندي جي حيثيت ۾ ڪم ڪري رهي رهيو آھي. باڊھه ۾ رهائش پذير آھي.

  • جنم: 1975-11-16
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image
book image
book image