عنايت بلوچ

Author Name

نامياري اديب، شاعر ۽ براڊ ڪاسٽر عنايت بلوچ جو پورو نالو عنايت الله ولد غلام نبي ’اُداسي‘ کوسو بلوچ آهي. سندس والد پڻ پنھنجي دؤر جو اهم شاعر هو. عنايت بلوچ جو جنم 3 آڪٽوبر 1941ع تي ڳوٺ حاجي يار محمد کوسي لڳ احمد پور، ضلعي خيرپور ميرس ۾ ٿيو. سندس تعليم ايم. اي (اسلامڪ هسٽري) آھي. عنايت بلوچ شاعر هئڻ سان گڏ سٺو نثرنگار، نقاد ۽ لطيف جو پارکو پڻ آھي. ڪسٽمس کاتي ڪراچيءَ ۾ اگزئمننگ آفيسر جي نوڪريءَ کي خيرباد چئي، 1970ع ۾ براڊ ڪاسٽنگ جي دنيا ۾ داخل ٿيو، جتي هو مختلف هنڌن تي مختلف عھدن تي رهيو، جھڙوڪ: اسسٽنٽ ريجنل ڊائريڪٽر ريڊيو پاڪستان ڪراچي ۽ حيدرآباد، (جولاءِ 1970ع کان فيبروري 1974ع)، پروگرام مئنيجر ريڊيو اسٽيشن ڪوئيٽا ۽ ڪراچي (فيبروري 1974ع کان آگسٽ  1984ع)، اسٽيشن ڊائريڪٽر تربت، حيدرآباد ۽ اسلام آباد (ڊسمبر 1982ع کان سيپٽمبر 1995ع)، ڪنٽرولر هوم (ڊسمبر 1995ع کان نومبر 1996ع) ۽ ڊائريڪٽر پروگرامس پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن اسلام آباد (نومبر 1996ع کان 2001ع) وغيره. ھو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر پڻ رھيو. عنايت بلوچ کي مڃتا طور ڪيترائي اوارڊ ۽ ميڊل پڻ مليا آهن، 1987ع ۾ کيس وزيراعظم هٿان ”شھباز گولڊ ميڊل“ مليو ۽ پاڪستان رائٽرس گلڊ طرفان سندس شاعريءَ جي ڪتاب ’تند ڪٽارو ڪنڌ‘ ۽ سندس سفرنامي ’پرين جي پرديس‘ تي کيس انعام ڏنا ويا. هن جي لکيل ڪتابن ۾: (1). ”تند ڪٽارو ڪنڌ“ (شاعري: 1981ع)، (2). ”پرين جي پرديس“ (سفرنامو: 1984ع)، (3). ”پرديسي ڪھڙا پرين“ (سفرنامو: 1987ع)، (4). ”سھسين ٿيا سارنگ“ (سفرنامو: 1995ع) شامل آهن. مٿي ڄاڻايل سندس ذاتي تصنيفن کان سواءِ عنايت بلوچ سنڌ جي مشھور ادبي شخصيتن جا ڪتاب پڻ ترتيب ڏنا آهن، جھڙوڪ: (1'سڀ ۾ پنھون پاڻ“، (مير سڪندر خان کوسي جو ڪلام: 1974ع ۾ ڇپيل)، (2) ”ڪي پڙاڏا، ڪي سَڏ“ (جي. الانا ج  سنڌي شاعري: 1981ع ۾ ڇپيل)، (3) ”پيارن جا پيغام“ (ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي خطن جي ترتيب 2008ع ۾ ڇپيل) وغيره.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي عنايت بلوچ جا ڪُل 2 ڪِتاب موجود آھن


عنايت بلوچ جا ڪتاب

ساهان اوڏا سپرين، ليکڪ : عنايت بلوچ

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ساهان اوڏا سپرين
ليکڪ : عنايت بلوچ
سھسين ٿيا سارنگ، مصنف : عنايت بلوچ

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
سھسين ٿيا سارنگ
مصنف : عنايت بلوچ
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ