امر اقبال

Author Name

امر اقبال جو اصل نالو محمد اقبال ولد الهورايو چنا آهي. هن سنڌ جي نامياري استاد، شاعر ۽ محقق عطامحمد حاميءَ جي ڳوٺ ’سوهو ڪناسرا‘ تعلقي ڪوٽڏيجي، ضلعي خيرپور ۾ پهرين اپريل 1974ع تي جنم ورتو. پرائمريءَ کان مئٽرڪ تائين سينٽ ٿريساز هاءِ اسڪول خيرپور ۾ تعليم حاصل ڪيائين. گورنمينٽ سپريئر سائنس ڪاليج خيرپور مان 1991ع ۾ انٽر ڪري، اين. اي. ڊي يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ائنڊ ٽيڪنالاجي، ڪراچيءَ مان 1997ع ۾ بي. اِي (B.E) سول جي ڊگري ورتائين. امر اقبال 1992ع کان شاعري شروع ڪئي ۽ ٿوري ئي وقت ۾ نوجوانن ۾ هڪ پختي شاعر طور اڀري آيو آهي. خاص ڪري غزل، نظم ۽ وائي جي صنف تي عبور رکي ٿو. سندس شاعري سنڌ جي سمورن ادبي پرچن ۾ ڇپجي چڪي آهي. سندس ڇپيل ڪتاب ھيٺ  ڏجن ٿا:

سمنڊُ اَڪيلو آهي (غزلَ) 2004ع 
اکين مان ٽميلَ نظم (نظمَ) 2004ع 
ڇا رکيو آهي امر اقبالَ ۾؟! (شاعري) 2009ع 
کنڀَ مورڻين جا (نثري لکڻيون) 2013ع
سرگوشيون (ڪالمَ) 2014ع
آءُ اسان وٽ ويههُ.... (انٽرويو) 2015ع

 امر اقبال سچل يادگار ڪميٽي ۽ حامي يادگار ڪميٽيءَ جو سرگرم ميمبر آهي. سچل ادبي ڪانفرنس ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي امر اقبال جا ڪُل 3 ڪِتاب موجود آھن


امر اقبال جا ڪتاب

سرگوشيون، ليکڪ : امر اقبال

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
سرگوشيون
ليکڪ : امر اقبال
آءُ اسان وٽ ويههُ  (انٽرويو)، ليکڪ : امر اقبال

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
آءُ اسان وٽ ويههُ (انٽرويو)
ليکڪ : امر اقبال
سمنڊ اڪيلو آهي، ليکڪ : امر اقبال

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
سمنڊ اڪيلو آهي
ليکڪ : امر اقبال
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ