ناليواري عوامي ۽ انقلابي شاعر سرويچ سجاوليءَ جو اصل نالو محمد صديق ولد خميسو خان تارڙو هو. سندس جنم 14 مارچ 1937ع تي ڳوٺ ابراهيم تارڙي سجاول، ضلعي ٺٽي ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم سجاول ۾ ورتي. سندس پيءُ بنيادي طور هاري هو.
ننڍي هوندي چار درجا بدين ۾ ڳوٺ حکاڏني ساريجي ۾ پڙهيو، چوٿين جماعت پاس ڪيائين ته ڳوٺ مان اسڪول کڄي وڃڻ سبب سندس تعليم جو سلسلو رڪجي ويو ۽ هيءُ پيءُ سان گڏ هارپو ڪرڻ ۽ مال چارڻ لڳو. چوڏهن سالن جو ٿيو ته سندس والدين اباڻي ڳوٺ ۾ لڏي آيا، جتي هارپو به ڪيائين ۽ پڙهندو به رهيو. شاعريءَ جي ابتدا 1957ع کان ڪيائين. شاعريءَ ۾ مولوي احمد ملاح جي شعرن کان متاثر ٿي شاعري ڪرڻ لڳو. 1958ع ڌاري هڪ جلسي ۾ شعر پڙهيائين ته وقت جو ڪليڪٽر محمد يوسف جوڻيجو کانئس متاثر ٿيو ۽ پڙهيو لکيو هئڻ باوجود هارپي ڪرڻ جي خبر پوڻ تي کيس ٽانون ڪاميٽي سجاول ۾ منشي مقرر ڪيائين ۽ 1972ع تائين منشي رهيو ان کان اڳ ۾ سنڌي فائينل جو امتحان پاس ڪرڻ بعد 1960ع کان 1962ع تائين الهاشميه مدرسي سجاول ۾ پڙهايو. هي 1973ع کان 1977ع تائين سجاول ۽ دڙي جي ٽائون ڪاميٽين جو ايڊمنسٽريٽر پڻ مقرر ٿيو. سرويچ، شاعريءَ جي شروعات 1959ع کان ڪئي.
سرويچ سجاولي سنڌ جو بهترين عوامي شاعر رهيو آهي، جنهن جي شعرن جي سنڌ جي اڪثر سياسي توڙي ادبي اسٽيجن تي گونجار رهي آهي. هن عروض جي اڪثر صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. سرويچ جي شاعري سادي ۽ سنڌ جي نج ٻهراڙيءَ واري ماحول جي عڪاسي ڪندڙ ۽ قومپرستيءَ واري آهي. سنڌ جي ڪيترن سريلن فنڪارن سندس شاعري، ريڊيو، ٽي. وي ۽ آڊيو ڪئسٽن ۾ ڳائي آهي. انڊيا جي نامياري فنڪار ڀڳونتي ناواڻيءَ جي آواز ۾ به سرويچ سجاوليءَ جا رڪارڊ ٿيل ڪجهه ڪلام آل انڊيا ريڊيو تان نشر ٿيندا رهيا آهن. سرويچ جي شاعريءَ جي ٻولي بلڪل سادي آهي ۽ ان ۾ رواني ۽ لفظن جو جادو موجود آهي. هن جي شاعري ڏکويل ۽ مظلوم پورهيتن جي دردن جي ترجماني ڪري ٿي. سرويچ سجاوليءَ کي سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان جنون جي حد تائين پيار هو. سندس هڪ شعري مجموعو ’آليون اکيون، اڻڀا وار‘ 1972ع ۾ شايع ٿيو، جنهن تي کيس رائٽرز گلڊ پاران هڪ هزار روپيا انعام مليو هو.
سرويچ سجاولي جي فن کي سندس زندگيءَ ۾ ئي وڏي مڃتا ملي، ڪيترن ئي قومپرست ۽ سياسي اڳواڻن کيس عوامي، انقلابي ۽ قومي شاعر سڏيو. سندس ڪتاب ’آليون اکيون، اڻڀا وار‘ ڪراچي يونيورسٽي جي.ايم.اي سنڌي جي نصاب ۾ پڻ شامل ڪيو ويو آهي. سندس فن جي مڃتا طور کيس ڪافي اوارڊ به مليا.
سرويچ سجاولي ’ماڃر پبليڪيشن‘ ۽ ’لاڙ پبليڪيشن‘ جو سرپرستِ اعلى پڻ هو، هو سنڌي ادبي سنگت، بزم شعراء سنڌ ۽ ٻين ڪيترين ئي ادبي توڙي سماجي تنظيمن سان سلهاڙيل رهيو. سرويچ سياسي ميدان ۾ پڻ سرگرم رهيو، سندس واسطو مختلف وقتن تي جيئي سنڌ تحريڪ، عوامي تحريڪ، پاڪستان پيپلز پارٽي سان رهيو. 1970ع جي ڏهاڪي ۾ جيڪا سياسي هلچل ٿي، ون يونٽ مخالف تحريڪ اڀري، سنڌي ۾ ووٽر لسٽون ٺاهڻ لاءِ ماڻهن احتجاج ڪيا، ان دوران 4 مارچ وارو واقعو پيش آيو ۽ نيٺ ايوب جي آمريت جو خاتمو ٿيو، انهيءَ سڄي تحريڪ ۾ سياسي ۽ سماجي سجاڳي آڻڻ ۾ سرويچ جي شاعري جو وڏو ڪمال هو. کيس ايم.آر.ڊي تحريڪ وارن ڏينهن ۾ گرفتار پڻ ڪيو ويو. هن شاعريءَ جي نظم، غزل، گيت، لوڪ گيت، وائي، بيت، دوها، قطعا وغيره جهڙين صنفن ۾ لکيو.
هن جو ٻيو ڪتاب ’ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون‘، سندس وفات بعد 2008ع ۾ ڇپيو.
سنڌ جي هن عوامي انقلابي شاعر 22 آڪٽوبر 2007ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرام گاهه سندس اباڻي ڳوٺ ابراهيم تارڙو، لڳ سجاول ۾ آهي.
سنڌسلامت ڪتاب گهر تي سرويچ سجاولي جا ڪُل 2 ڪِتاب موجود آھن