ڪوثر ٻرڙو

شاعر ۽ براڊڪاسٽر ڪوثر ٻرڙي جو اصل نالو غلام قاسم ولد نبي بخش ٻرڙو آهي. هن پھرين سيپٽمبر 1958ع تي ڳوٺ جاني ٻرڙي، تعلقي ڪوٽڏيجي، ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو. هن پرائمري پنھنجي ڳوٺ مان پاس ڪئي، مئٽرڪ ڪمپريھينسو هاءِ اسڪول خيرپور مان (1975ع) ۾ پاس ڪيائين. انٽر سپيريئر ڪاليج خيرپور مان 1977ع ۾ ۽ ايم. اي (بين الاقوامي تعلقات) 1983ع ۾ شاهہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪيائين. ڪوثر ٻرڙي 3 نومبر 1983ع ۾ پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ اڪيڊمي اسلام آباد کان پنھنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي. اپريل 1984ع ۾ ريڊيو ڪراچي ۽ 1987ع ۾ ريڊيو حيدرآباد تي ريڊيو پروفيسر رهيو، سيپٽمبر 1995ع ۾ ريڊيو لاڙڪاڻي جو باني پروڊيوسر رهيو. ان بعد ريڊيو خيرپور، لاهور، تربت ۽ لاڙڪاڻي ۾ مختلف عھدن تي ڪم ڪرڻ بعد ريڊيو پاڪستان خيرپور جي اسٽيشن ڊائريڪٽر طور رٽائر ٿيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾  (1) اوجاڳا ۽ خواب (شاعري: 2000ع)، (2) ياد گهر (ساروڻيون ۽ خط : 2002ع)، (3) تنھن عشق کي شاباس (رومانوي قصا: 2004ع)، (4) تون منھنجو صنم آهين (شاعري : 2005ع)، (5) امر راڳي امر گيت (سرمد سنڌي جا ڳايل گيت: 2005ع)، (6) فن ۽ فنڪار (فنڪارن جا انٽرويو: 2007ع)، (7) اڏاڻا احساس (ريڊيو ڪمپيئرنگ: 2009ع)، (8) ڳليان پريم نگر ديان ( سهراب فقير جي فن ۽ شخصيت تي لکيل مضمونن، انٽرويوز ۽ رپورٽون2014ع)، (9) لفظَ آوارا بادل (ريڊيو اسڪرپٽ 2016ع) اچي وڃن ٿا. بھترين پروڊيوسر جي مڃتا طور کيس مختلف علمي، ادبي ۽ سماجي تنظيمن طرفان 40 کن اوارڊ ملي چڪا آهن، ان کانسواءِ علمي ادبي خدمتن تي ڪافي سرٽيفڪيٽ پڻ حاصل ڪري چڪو آهي. کيس مليل اوارڊن ۾: اجرڪ آرٽ اوارڊ (1990ع)، ٿر اوارڊ (1990ع)، سچل اوارڊ (1991ع)، شاهہ لطيف اوارڊ (1991ع)، مراد فقير اوارڊ (1992ع)، پراڻ اوارڊ (1992ع)، گربخشاڻي اوارڊ (1992ع)، پير صبغة الله راشدي اوارڊ (1992ع)، رئيس ڪريم بخش نظاماڻي اوارڊ (1993ع)، بھترين ريڊيو پروڊيوسر اوارڊ (1995ع)، محمد صديق مسافر اوارڊ (1995ع)، سامي اوارڊ (1995ع) ۽ شيخ علي محمد اوارڊ (1995ع) وغيرہ شامل آهن.

  • جنم: 1958-09-01
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image