ابراهيم منشي

Author Name

سنڌ جو ناميارو عوامي شاعر ابراھيم منشي، 15 جنوري 1934ع تي ڳوٺ جنھاڻ سومري، تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي محمد خان (اڳوڻي ضلعي حيدرآباد) ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو محمد اسحاق سومرو ھو، جيڪو ڪڙمت ڪندو ھو. غربت جي حالت ۾ بہ ھن پنھنجي پٽ (ابراھيم منشيءَ) کي ملان مڪتب ۾ پڙھڻ لاءِ ڇڏيو. اڃا چوٿون درجو سنڌي مس پڙھيو تہ مارچ 1945ع ۾ سندس پيءُ وفات ڪري ويو. گھر جي اٺن نون ڀاتين جو گذر سفر ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو، ان ڪري ابراھيم منشيءَ پنج درجا سنڌي پاس ڪري محنت مزدوري ڪرڻ شروع ڪئي. ھن ڏکين حالتن کان متاثر ٿي، 1949ع ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪئي. ابراھيم منشيءَ جو پيءُ پڻ شاعر ھو ۽ مولود  بہ چوندو ھو، مٿس ان جو بہ ڪافي اثر ھو. ابراھيم منشيءَ شروع ۾ رومانوي شاعري ڪئي ۽ ڪافيون چيون. شاعريءَ وسيلي ھيٺئين طبقي جي نمائندگي ڪرڻ لڳو. ھو پنھنجي شاعري ترنم سان پڙھندو ھو. 1960ع ڌاري شيخ اياز جي انقلابي شاعريءَ کان متاثر ٿيو. . 66- 1965ع ۾ ماھوار ’روح رھاڻ‘ ۾ سندس شاعري ڇپي. سندس شاعريءَ جو پھريون مجموعو ”پيغام مظلوم“ (1970ع) ۾ ڇپيو، ٻيو مجموعو ’وڳھ جا وريام‘ (1971ع) ۾ ڇپيو. 1985ع ۾ پريم نگر پبليڪيشن پاران سندس شاعريءَ جو ٽيون مجموعو ’گوندر ويندا گذري‘ ڇپيو، جنھن جو پيش لفظ محمد ابراھيم جويي لکيو. 1991ع ۾ سندس چوٿون مجموعو ’ڌرتي دين ڌرم‘ شايع ٿيو. سندس شاعريءَ جو پنجون مجموعو ’ڌؤنري ڏينھن ڌاڙا‘ (1995ع) ڇپيو ۽ ڇھون مجموعو ”اکر اکر اک“ روشني پبلڪيشن پاران 2006ع ۾ ڇپجي چڪو آھي. ھي عوامي ۽ انقلابي شاعر 31 جولاءِ 2003ع تي ھي جھان ڇڏي ويو. سندس فن ۽ فڪر تي ڊاڪٽر قربان چني وفاقي اردو يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي مان، ڊاڪٽر عنايت حسين لغاري جي نگرانيءَ ۾ تحقيقي مقالو لکي پي ايڇ. ڊي ڪئي آھي.
حوالو: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي ابراهيم منشي جا ڪُل 4 ڪِتاب موجود آھن


ابراهيم منشي جا ڪتاب

گوندر ويندا گذري، ليکڪ : ابراهيم منشي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
گوندر ويندا گذري
ليکڪ : ابراهيم منشي
ڌرتي دين ڌرم، ليکڪ : ابراهيم منشي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ڌرتي دين ڌرم
ليکڪ : ابراهيم منشي
ڇپر، ڇمر، ڇانورو، ليکڪ : ابراهيم منشي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ڇپر، ڇمر، ڇانورو
ليکڪ : ابراهيم منشي
وڳھہ جا وريام، مصنف : ابراهيم منشي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
وڳھہ جا وريام
مصنف : ابراهيم منشي
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ