امر ساھڙ

Author Name

امر ساهڙ جو اصل نالو غلام قادر ولد محمد صديق آهي. پاڻ 5 فيبروري 1962ع تي ضلعي ٿرپارڪر جي ڳوٺ ٿاڌات ۾ ڄائو. تعليم ايم اي (سنڌي) ۽ بي ايڊ اٿس. امر، سٺو شاعر ۽ نثر نويس آهي. 1990ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين. مختلف اخبارن، رسالن ۾ مضمون، خاڪا ۽ تاثر وغيره لکندو رهي ٿو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ”اکين ۾ الڪا“ (شاعري)، ”خيال ڪڙو کڙڪائن ٿا“ (ريڊيو اسڪرپٽ)، ”صحرا مون ۾ ساھ کڻي ٿو“ (شاعري) ۽ ”اسان کان پيار لکرايو“ (متفرق تحريرون)شامل آهن. پيشي جي لحاظ کان استاد ھيو،  جتان هاڻ رٽائرڊ ڪري چڪو آهي. سنڌي ادبي سنگت شاخ نئين ڪوٽ جو 1992ع کان 5 سال سيڪريٽري ۽ ميرپورخاص جو 2 سال ضلعي رابطہ سيڪريٽري رهيو. ريڊيو پاڪستان مٺيءَ تي 2005ع کان وٺي 2014ع تائين ڪمپيئرنگ ڪئي. کيس علمي ادبي مڃتا طور ڪيترائي اوارڊ ملي چڪا آهن، جن ۾: ’تنوير عباسي اوارڊ‘: (سنڌي ادبي سنگت)، ’بھترين شاعر اوارڊ‘: (سنڌي ادبي سنگت شاخ مٺي)، ’بھترين شاعر اوارڊ‘ (فقير مقيم فائونڊيشن)، انجمن ترقي پسند مصنفين پاران سندس شاعريءَ جي ڪتاب ”صحرا مون ۾ ساھ کڻي ٿو“ کي سال جي بھترين ڪتاب جو اوارڊ شامل آهن.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي امر ساھڙ جا ڪُل 3 ڪِتاب موجود آھن


امر ساھڙ جا ڪتاب

خيال ڪَڙو کڙڪائن ٿا (ريڊيو - اسڪرپٽ)، ليکڪ : امر ساھڙ

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
خيال ڪَڙو کڙڪائن ٿا (ريڊيو - اسڪرپٽ)
ليکڪ : امر ساھڙ
صحرا مون ۾ ساهه کڻي ٿو، ليکڪ : امر ساھڙ

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
صحرا مون ۾ ساهه کڻي ٿو
ليکڪ : امر ساھڙ
اسان کان پيار لکرايو، مصنف : امر ساھڙ

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
اسان کان پيار لکرايو
مصنف : امر ساھڙ
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ