آزاد بخاري
عبدالڪريم شاهه “ آزاد” بخاري ولد عبدالغفار شاهه مشهور مذهبي، علمي، ادبي ۽ فني گهراڻي جو فرد آهي. چڪ جو مشهور صوفي شاعر حضرت شاهه عبدالعزيز بخاري، آزاد بخاريءَ جي پڙ ڏاڏي مولوي غلام رسول شاهه جو ننڍو ڀاءُ هو. سندس وڏا پنهنجي دور جا نامور ديني عالم هئا. انگريزن کان آزاديءَ واري هلچل ۾ به سندن خاصو حصو هو. هي سادات گهراڻو چڪ جو اصلوڪو رهواسي آهي. آزاد بخاري جو جنم؛ اسڪولي رڪارڊ موجب پهرين مئي 1966 ع ۾ ٿيو. سندس ڇٺيءَ جو نالو پنهنجي خاندان جي ٻن بزرگن جي نالن پٺيان “عبدالڪريم شاهه” رکيو ويو. پر گهر ۾ عام طور مظفر شاهه سڏجڻ لڳو. ويجها عزيز کيس اڃا به مظفر نالي سان سڏيندا آهن.
پنجن سالن جي عمر ۾ کيس چڪ جي پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو. 1976ع ۾ پنج درجا پاس ڪري گورنمينٽ پراونشلائيزڊ هاءِ اسڪول چڪ ۾ انگريزي پڙهڻ ويٺو ان دوران سال ڏيڍ گورنمينٽ هاءِ اسڪول نمبر 1 سکر ۾ به پڙهيو. 1981ع ۾ چڪ مان مئٽرڪ پاس ڪيائين. اتان پنهنجي استاد سائين محمد هارون چني جي سهڪار سان اليمينٽري ۽ انٽر ڊرائينگ جو ڪورس به ڪري ورتائين. انٽر 1983ع ۾ ڊگري ڪاليج سکر مان، بي- ڪام ا985ع اسلاميه ڪاليجن سکر مان، ايم – اي (پرائيوٽ) 1994ع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي مان پاس ڪيائين. ان دوران ڊرائينگ جي وڌيڪ تعليم آرٽ ٽيچر ڪورس (ATC) 1991ع ۾ ۽ آرٽ ماسٽرس ڪورس (AMC) 1994ع ۾ مڪمل ڪري ورتائين. بي ايڊ ڪرڻ کان پوءِ ايم ايڊ (پرائيوٽ) 2011ع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي مان پاس ڪيائين.
عبدالڪريم شاهه شروعاتي طور تي پنهنجو تخلص “عبد بخاري” رکيو. بعد ۾ عبدالواحد آريسر جي ڪتابن ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد جي ساراهه پڙهي کانئس متاثر ٿيو ۽ پنهنجو تخلص ڦيرائي “عبدالڪريم آزاد” رکيائين. جنهن کان پوءِ اديب دوستن کيس “ آزاد بخاري” سڏي سڏي هميشه لاءِ آزاد بخاري بنائي ڇڏيو.
ڇپيل ڪتاب:
آزاد بخاري جيئن پاڻ سدائين تحرڪ ۾ رهيو آهي تيئن سندس قلم به سدائين جوش ۽ جنبش ۾ رهيو آهي. هو هن وقت تائين ڏهاڪو ڪتاب ڇپائي چڪو آهي. جن وچور هن ريت آهي. 1. سندر ناري (ڪهاڻيون) 1986ع. 2. رواداري (ترجمو) 2007ع. 3. گل، خوشبو، ٻار (ٻارن لاءِ شاعري) 2008ع. 4. سيڪيولرازم ڇا آهي؟ (ترجمو) 2008ع. 5. بنياد پرستي ڇا آهي؟ (ترجمو) 2008ع. 6. ڪامريڊ ابو شوڪت حمزو (شخصيت ۽ جدو جهد) 2008ع. 7. نچڻا کيڏڻا کلڻا ٻار (ٻارن لاءِ شاعري) 2011ع. 8. مري شال ملهايان (قومي شاعري) 2013ع. 9. چڪ جا چندن هار (شخصيتون) 2014ع. 10. سائنس ڏنو سوجهرو (ٻارن لاءِ سائنسي شاعري) 2015ع. 11.حق سڃاڻ اي ٻار (ٻارن جي حقن تي موضوعاتي شاعري)1918 ان کان سواءِ 2007ع کان 2010ع تائين ماهوار اردو رسالي “نوائي انسان” جي ڪيترن ئي پرچن کي اردو مان سنڌي ويس ڍڪايو. ان کان علاوه آزاد بخاريءَ جو لکڻيون سوڀ، ڪاوش سميت مختلف اخبارن ۽ عبرت ميگزين، سنڌو ۽ گل ڦل سميت مختلف رسالن ۾ ڇپجنديون رهيون آهن. روزاني “خبرون” اخبار ۾ “حق جي سدا” جي عنوان سان 100 کان وڌيڪ ڪالم ڇپي آهن. 80ع واري ئي ڏهاڪي ۾ آزاد بخاري سانگهڙ جي هفتيوار اخبار “الفقراءُ” جو عيوضي مقرر ٿيو. انهيءَ عرصي دوران چڪ مان “پيغام” نالي سان ڦوٽو اسٽيٽ پرچو ڪڍيائين جنهن جو ايڊيٽر مرحوم شڪيل مهر هو. 1994ع ۾ چڪ ۾ پريس ڪلب جو بنياد وڌائين ۽ ان جو پهريون سرپرست چونڊيو. پريس ڪلب جي قيام کان پوءِ روزاني اخبارن عوامي آواز ۽ بختور جو مختلف وقتن تي رپورٽر مقرر ٿيو. ٿوري عرصي کان پوءِ صحافت کي الوداع ڪيائين.
فني خدمتون:
آرٽسٽ آزاد بخاري مختلف شخصيتن جون 100 کن تصويرون ٺاهي چڪو آهي. هو سکر، شڪارپور، حيدرآباد ۽ لاهور ۾ منعقد ڪيل تصويري نمائشن ۽ پوسٽر ڪامپيٽيشن ۾ پنهنجي مصوري پيش ڪري چڪو آهي جن تي ڪيترا سرٽيفڪيٽ پڻ ماڻيا اٿس تازو سکر آرٽس ڪائونسل طرفان سندس تصويرن جي پنج روز نمائش پڻ ٿي چڪي آھي.
مليل ايوارڊ:
آزاد بخاريءَ کي علمي ۽ قلمي پورهئي جي مڃتا طور ڪجهه انعام به مليا آهن. 1. چڪ شهري اتحاد پاران 1999ع ۾ “بهترين اديب” جو اوارڊ. 2. سنڌي لئنگيوئيج اٿارتي پاران 2011ع ۾ “ٻاراڻي ادب” تي شيلڊ. 3. سنڌي ادبي سنگت مرڪز پاران 2011ع ۾ “ٻاراڻي ادب” تي شيلڊ. 4. چڪ سوشل ويلفيئر پاران 2016ع ۾ “بهترين شاعر ۽ اديب” جو ايوارڊ. سنڌيالوجي طرفان سائنس ڏنو سوجھرو تي 2015 ۾ ٻاراڻي ادب تي شيلڊ مليل آھي.
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل