چيتن ميگهواڙ

سنڌي ٻوليءَ جو  ليکڪ ۽ اديب چيتن ميگهواڙ تاريخ  2 جنوري 1991ع  تي  سنڌ جي ھڪ ننڍڙي شھر ”سامارو روڊ“ ضلعي عمرڪوٽ ۾ ڄائو. سندس اصل نالو چترو مل ولد موهن آھي. ھن جو اباڻو ڳوٺ ھاڙهو تعلقو ننگر پارڪر آھي. پاڻ ابتدائي تعليم،  پرائمري  اسڪول  ۽ مئٽرڪ گورنمينٽ ھائير سيڪينڊري سامارو روڊ شھر، ۽ ٻارهون ڪلاس گورنمينٽ ھائير سيڪينڊري ابن خلدون اسڪول ساماري مان پاس ڪيائين. وڌيڪ بي. اي. تائين تعليم عمرڪوٽ مان ورتائين. پوءِ  ايم اي سنڌي ادب ۾  ڪرڻ لاءِ 2014 ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ويو، جتي ايم ڪرڻ کان پوءِ ھن  پروفيسر ڊاڪٽر اسحاق سميجي وٽ ”اُستاد رائچند راٺوڙ جي ادبي ۽ علمي خدمتن جو تحقيقي اڀياس“ تي ايم فل پڻ ڪئي. 
ھن کي ھاءِ اسڪول جي زماني کان ئي گل ڦل، ٻارن جي دنيا، نونھال رسالي معرفت ٻاراڻو ادب پڙهڻ ڪري وڌيڪ پڙهڻ ۽ لکڻ جو چاھ پيدا  ٿيو. ڳوٺ ۾ ھن جو پھريون ادبي اُستاد شاعر خطائي ٿيٻو بڻيو. ھن جون شروعاتي لکڻيون ٻارن جي رسالي ”موتي ھن مھراڻ جا“، ۾ ڇپيون. بعد ۾  ”تعمير سنڌ“ ”هلال پاڪستان“، ”ڪاوش“ اخبار ۾ ڇپيون،  عوامي تحريڪ، سنڌي ادبي سنگت ۽ بزم روح رهاڻ ۾ سرگرم رهڻ ڪري ھن جو ڊائري جي ورقن تي مشتمل پھريون ڪتاب ”يادگيريون سنڀال ڪم ايندئي“ جي نالي سان 2017ع ڇپيو، جيڪو ھن جي پھرين ادبي سڃاڻپ بڻيو. ھن ريڊيو پاڪستان تي سنڌي ۾ پڻ خبرون پڙهيون. ھي  ”فتح خان جي اوطاق“ ۾ پڻ سرگرم رهيو. رسول بخش پليجي،  حميد سنڌي ۽ جامي چانڊيي جو ھن جي شخصيت تي گھرو اثر رهيو آھي. ھن جا ”سامارو روڊ شھر تاريخ جي آئيني ۾“، ”اُستاد رائچند راٺوڙ جي ادبي ۽ علمي خدمتن جو تحقيقي اڀياس“، ”چيتن جي ڊائري“ تبصرن ۽ سفرنامي تي ڪتاب اڻ ڇپيل موجود  آھن. جڏهن تہ ھن جي شخصيت تي ”ڪوسو لڳئي نہ واءُ“ ڪتاب پڻ  2019ع ۾ ڇپيو، جيڪو ھن جي  امڙ جاني ٻائي ميگهواڙ جي نالي سان سھيڙيل آھي. جنھن ۾ حميد سنڌي، گل محمد عمراڻي، مريم مجيدي،  پروين موسيٰ ميمڻ، نصير مرزا سميت مختلف اديبن جا شاندار ليک شامل آھن.  ھن کي لطيف شناسي سان بيحد  ذوق آھي. کيس  2019ع ڌاري ”بزم روح رهاڻ“ ۾ برک  اديب حميد سنڌي پاران پنھنجي ھٿن سان”روح رهاڻ“ ايوارڊ  پڻ ڏنو ويو. چيتن مختلف شھرن ۽ اسڪولن ۾ شاگردن کي ليڪچر ڏيندو رهي ٿو. ساماري روڊ شھر ۾  ھن ڪامريڊ لڌرام صوفي لائبريري قائم ڪرڻ ۾ پڻ ڪوششون ورتيون. هي ساماري جي سپر ٽيڪ پبلڪ اسڪول سميت  سنڌ گرامر اسڪول حيدرآباد، گل عرساڻي ڪاليج حيدرآباد ۽ اسپارڪ ڪاليج حيدرآباد سميت مختلف اسڪولن ۾  اُستاد رهيو. ھن وقت پبلڪ اسڪول گڏاپ ڪراچيءَ ۾  سنڌيءَ جو سبجيڪٽ اسپيشلسٽ آھي.

  • جنم: 1991-01-02
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب