ڊاڪٽر اياز قادري

پروفيسر ڊاڪٽر اياز قادري ناميارو شاعر، افسانہ نگار، ڪھاڻيڪار ۽ ماھر تعليم ھو. 19 جنوري 1927ع تي لاڙڪاڻي جي مشھور قادري خاندان ۾ ڄائو. سندس پيءُ جو نالو فقير غلام سرور قادري ھو. جيڪو پڻ غزل جو سٺو شاعر ھو. ھن صحافت جي ميدان ۾ ڪافي خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ ھفتيوار اخبار ”الحقيقت“ بہ ڪڍي ھئائين. اياز قادريءَ لاڙڪاڻي مدرسہ ھاءِ اسڪول مان مئٽرڪ ڪرڻ بعد ڪراچيءَ مان بي. اي (آنرس)، ايم. اي (فارسي)، ايم. اي (سنڌي) ۽ ايل ايل بيءَ جون ڊگريون حاصل ڪيون. ھن سنڌي غزل جي اوسر تي پي ايڇ ڊي جو مقالو علامہ غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي نگرانيءَ ۾ لکي، ڊاڪٽريءَ جي سَند حاصل ڪئي. اياز قادري 1950ع کان 1970ع تائين ايس. ايم. ڪاليج ڪراچيءَ ۾ ليڪچرر رهيو. 1971ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جو پھريون چيئرمئن مقرر ٿيو ۽ ڏهن سالن تائين انھيءَ عھدي تي فائز رهيو. پاڻ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ”شاھ لطيف چيئر“ جو باني ڊائريڪٽر پڻ رهيو. ان دوران سندس يادگار ڪارنامو، پروفيسر سيد وقار رضويءَ جي تعاون سان، شاھ لطيف رحہ جي مڪمل ڪلام جو نثري اردو ترجمو آھي، جيڪو اڪادمي ادبيات پاڪستان طرفان چئن جلدن ۾ ڇپايل آھي. اردو، سنڌي ۽ فارسي زبانن جي ڀليءَ ڀت ڄاڻ ھئس. ڊاڪٽرصاحب، پنھنجي شاعريءَ جو مجموعو مرتب ڪري رهيو ھو، پر زندگيءَ سندس ساٿ نہ ڏنو، جيڪو سندس ڀاڻيجي ذوالفقار قادريءَ نئين سر ترتيب ڏئي ”زلف اياز“ جي نالي سان 2007ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آھي. ڊاڪٽر اياز قادري 1950ع واري دور ۾، پنھنجي رهائشگاھ تي ’سنڌي ادبي سنگت‘ جون ھفتيوار ادبي گڏجاڻيون ڪوٺائيندو رهيو. ’سنڌي ادبي سنگت‘ جي ورهاڱي کان پوءِ واري دور جو پھريون سيڪريٽري جنرل ٿيو، جنھن 1956ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي ڪنوينشن ۾ سنگت جي آئيني جوڙجڪ ۽ سڄي سنڌ ۾ تنظيمي ڍانچي کي پکيڙڻ ۾ ابتدائي ڪردار ادا ڪيو. ڊاڪٽر صاحب ’جمعيت الشعراءِ سنڌ‘ جو بہ باني ميمبر ھو. پاڻ سنڌيءَ جي چوٽيءَ جي ڪھاڻيڪارن مان ھو. سندس چونڊ افسانن جو مجموعو ”بِلو دادا“ جي عنوان سان 1956ع ۾ ڇپيو، جنھن جا بعد ۾ٻيا ڇاپا بہ پڌرا ٿي چڪا آھن. اياز قادريءَ ’مئڪسم گورڪيءَ‘ جي مشھور ناول ’آتم ڪھاڻيءَ‘ جا ٻہ جلد پڻ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا، جيڪي سنڌي ادبي بورد طرفان ڇپرايا ويا. سندس تحقيقي مقالو ’سنڌي غزل جي اوسر‘ ٻن جلدن ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آھي. سندس ھيءَ ڪتاب سنڌي غزل جي نہ صرف جامع تاريخ آھي، پر سنڌي شاعرن جو مستند تذڪرو پڻ آھي، جيڪو ٽن صدين تي مشتمل آھي. ان کان سواءِ پاڻ جي. الانا جي انگريزي ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ’اسان جي آزاديءَ جا اڳواڻ‘ (1980ع) عنوان سان ڪيو، سندس ٻين ڪتابن ۾ ’مٽيءَ لڌو مانُ‘(1970ع)، ’عشقيہ داستان‘(1985ع) ۽ ’پرين جون ڪھاڻيون‘ (لوڪ ادب: 1981ع) بہ مثالي حيثيت رکن ٿا. ڊاڪٽر اياز قادري 15 ڊسمبر 1997ع تي وفات ڪئي ۽ کيس لاڙڪاڻي ۾ اباڻي ڳوٺ ۾ دفن ڪيو ويو .

  • جنم: 1927-01-19
  • ورسي: 1997-12-15
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image
book image
book image