وينا شرنگي

Author Name

آل انڊيا ريڊيو جي نامور براڊڪاسٽر ۽ سنڌي ليکڪا، وينا شرنگيءَ جو جنم 16 فيبروري 1948ع تي شهدادڪوٽ، ضلعي لاڙڪاڻي (هاڻوڪي قنبر شهدادڪوٽ) ۾ ٿيو. ورهاڱي کان اڳ سندس وڏو ڀاءُ دهليءَ ۾ جج هو. سندس والد مهراج گوپي ڪرشن شرنگي شهدادڪوٽ جو اثر رسوخ وارو شخص، زميندار ۽ چانورن ڇڙهڻ جي ڪارخانن (سيلرن) جو مالڪ هو. وينا ۽ اُن جي ڀيڻ شالني، 1970ع کانپوءِ انڊيا وڃي آباد ٿيون. وينا پنهنجي ابتدائي تعليم سنڌ ۾، اعليٰ تعليم هند ۾ ورتي ۽ اتان گرئجوئيشن ڪيائين. عملي زندگيءَ جي حوالي سان پاڻ آل انڊيا ريڊيو، نئين دهليءَ ۾ بطور سينئر براڊڪاسٽر، پروڊيوسر ۽ ترجمي نگار رهي آهي. هن هندستان ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي واڌاري لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي. سنڌيءَ ۾ سندس يارنهن (11) ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جن ۾ سندس يادگيرين تي مشتمل ڪتاب ’ڪيئن وساريان ويڙهيچن‘ ۽ مختصر افسانن جو مجموعو ’زندگي هڪ ناٽڪ‘ ۽ سنڌ جي سفرنامي تي آڌاريل ڪتاب ’ڪڇان تہ ڪافر‘ شامل آهن. ان کان سواءِ هن آزاديءَ جي جدوجهد ۽ ملڪي خوشحالي جي ترقي ۾ سنڌي عورتن جي ڪردار تي ٻڌل ڪتاب ’پاڻ سڃاڻج سپرين‘ لکي شايع ڪرايو آهي. ورهاڱي کانپوءِ هندستان ۾ آباد ٿيندڙ ليکڪائن ۾ سندس حيثيت نمايان آهي. هن افساني، مضمون، نثري نظم، سفرنامي ۽ ادب جي مختلف صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. آمريڪا ۽ لنڊن ۾بين الاقوامي سنڌي ڪانگريسن ۽ سيمينارن ۾ شرڪت ڪري چڪي آهي. هند ۾ حڪومتي سطح تي جڙيل ايڇ.آر.ڊي وزارت هيٺ نيشنل ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لئنگئيج (NCPSL) اداري جي ميمبر آهي ۽ دهليءَ ۾ قائم سنڌي اڪيڊميءَ جي ايگزيڪيٽو ميمبر پڻ رهي چڪي آهي. هند ۾ سندس هڪ ٻي سڃاڻپ مشهور ’سنڌي صحافيءَ‘ طور بہ آهي. کيس ايئر براڊڪاسٽر جي حيثيتہ ۾ پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم محترمہ بينظير ڀٽو ۽ پاڪ هند جي ٻين عظيم شخصيتن جا انٽرويو ڪرڻ جو اعزاز بہ حاصل آهي. هيءَ هندستان ۾ سنڌي وومينز موومينٽ جي سرگرم ڪارڪن ۽ ’مارئي‘ نالي سنڌي عورتن جي سماجي ثقافتي سرگرمين تي مشتمل تنظيم جي جنرل سيڪريٽري طور پنهنجا فرض سر انجام ڏئي رهي آهي. سال 2014ع ۾ هن شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ تي بين الاقوامي ڪانفرنس دهليءَ ۾ سڏائي هئي، ان ۾ سنڌ ۽ هند جي برک اديبن شرڪت ڪئي هئي. ڪانفرنس ۾ پڙهيل مقالن جو ڪتاب مرتب ڪري پڻ ڇپرايو اٿس.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي وينا شرنگي جا ڪُل 6 ڪِتاب موجود آھن


وينا شرنگي جا ڪتاب

ڪيئن وساريان ويڙھيچن، ليکڪ : وينا شرنگي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ڪيئن وساريان ويڙھيچن
ليکڪ : وينا شرنگي
منهنجـا معصوم سڄڻ، ليکڪ : وينا شرنگي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
منهنجـا معصوم سڄڻ
ليکڪ : وينا شرنگي
وايون وڻجارنِ جون، ليکڪ : وينا شرنگي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
وايون وڻجارنِ جون
ليکڪ : وينا شرنگي
اڌ کليون اکيون، مصنف : وينا شرنگي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
اڌ کليون اکيون
مصنف : وينا شرنگي
ماروئڙا ۽ ماڳ، مصنف : وينا شرنگي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
ماروئڙا ۽ ماڳ
مصنف : وينا شرنگي
سارنگ سار لھيج، مصنف : وينا شرنگي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
سارنگ سار لھيج
مصنف : وينا شرنگي
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ