علي حسن چانڊيو

Author Name

قومپرست سياستدان علي حسن چانڊيو 22 جنوري 1963ع تي نوابشاھ ضلعي جي شھر دوڙ ۾ علي شير چانڊيي جي گهر ۾ جنم ورتو. پاڻ پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم دوڙ مان، انٽرميڊيئيٽ سچل سرمست ڪاليج نوابشاھ مان ۽ گريجوئيشن ماسٽرس (پوليٽيڪل سائنس ۾) سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ۽ ماسٽرز انٽرنيشنل رليشنز ۾ سنڌ يونورسٽي مان پاس ڪئي.
علي حسن چانڊيو سياست جي شروعات شاگردي دور کان ڪئي، ان وقت ايس اين ايس ايف جي ڪجھ نوجوانن سان سندس دوستي ٿي ۽ اتان ئي هڪ ڪارڪن طور سياست جو سفر شروع ڪيو، پاڻ پنهنجي پنجاھ سالن جي حياتيءَ مان لڳ ڀڳ پنجٽيھ سال هڪ سرگرم سياسي ڪارڪن طور گذاريائون.
 ۱۴ اپريل ۱۹۷۹ع تي ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاسي ڏني وئي تہ نوابشاھ ۾ نوجوانن سان گڏ جلوس ڪڍڻ ۽ سرڪاري بس کي باھ ڏيڻ جي الزام ھيٺ گرفتار ڪري سخت تشدد ڪيو ويو، وري ۹ آگسٽ ۱۹۸۰ع تي نظير عباسي کي شهيد ڪيو تہ ان جي ردعمل ۾ هن نوابشاھ ۾ هڙتال ڪرائي، ان کان پوءِ ۱۹۸۱ع ۾ حيدرآباد ۾ مارشل لا خلاف لکيل پمفليٽ پڪڙجڻ جي ڪري کيس ساٿين سميت گرفتار ڪيو ويو، ۱۹۸۳ع ۾ ضياءِ جي مارشل لا خلاف ايم آر ڊي جي تحريڪ دوران گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو، هن کي ضياءِ تي لعنت، مارشلا مرده باھ ۽ جهموريت زنده باد جي نعرن سبب سزا ڏني وئي، ۱۹۹۰ع ڌاري سويت يونين جي ٽٽڻ کان وٺي ۲۰۱۰ع تائين ڊاڪٽر قادر مگسي سان گڏ رهيو. سال ۲۰۱۰ع ۾ اس ٽي پي کان الڳ ٿيڻ کان پوءِ سياسي ڪارڪنن سان گڏجي پريس ڪلب ۾ سنڌ نيشنل موومينٽ جو بنياد رکي چيئرمين بڻيو ـ
علي حسن چانڊيو کي ۱۷ جولاءِ تي گڙدن ۽ پيٽ ۾ السر جي تڪليف سبب ڪراچي جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، ۲۳ جولاءِ تي طبيعت بگڙجڻ سبب ڊاڪٽرن کيس آءِ سي يو روم ۾ وينٽيليٽر هٿرادو طريقي سان ساھ کڻائڻ لڳا، پر ۲۴ جولاءِ ۲۰۱۳ع تي سنڌ جو ھي قومپرست اڳواڻ ۽ اديب لاڏاڻو ڪري ويو، کيس مڙھ کي ڳوٺ دوڙ ڳاڙهي پير قبرستان ۾ دفنايو ويو.

علي حسن چانڊيو جون ڪيل علمي، ادبي خدمتون ھيٺين ڪتابن جي صورت ۾ موجود آھن.

(۱) بلوچ پارليامينٽ کان پھاڙن تائين (حيدر ملاح سان گڏ لکيل) (تاريخ ۽ سياست)
(۲) نئين سنڌ جو سفر (سياسي مضمون)
(۳) نظير عباسي شھيد (شخصيت)
(۴) نيلسن منڊيلا جي جدوجهد ۽ سنڌي قومي تحريڪ (سياسي ادب)
(5) جڏهن بہ سنڌ سڏ ڪيو (سياسي ادب)
(۶) منھنجو سياسي سفر (ڊائري)

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي علي حسن چانڊيو جا ڪُل 3 ڪِتاب موجود آھن


علي حسن چانڊيو جا ڪتاب

نيلسن منڊيلا جي جدوجھد ۽ سنڌ جي قومي تحريڪ، ليکڪ : علي حسن چانڊيو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
نيلسن منڊيلا جي جدوجھد ۽ سنڌ جي قومي تحريڪ
ليکڪ : علي حسن چانڊيو
منهنجو سياسي سفر، مصنف : علي حسن چانڊيو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
منهنجو سياسي سفر
مصنف : علي حسن چانڊيو
نئين سنڌ جو سفر، مصنف : علي حسن چانڊيو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
نئين سنڌ جو سفر
مصنف : علي حسن چانڊيو
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ