قاضي خادم

Author Name

مشهور اديب، ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار، مترجم ۽ نقاد، ڊاڪٽر قاضي خادم حسين، محمد لائق قريشيءَ جي گهر ۾،11 نومبر 1945ع تي، ڳوٺ الهداد چنڊ، ضلعي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. قاضي خادم جو والد مختيارڪار هو، جيڪو هالن پراڻن جو رهاڪو هو ۽ نوڪريءَ سانگي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ رهيو، جنهنڪري قاضي خادم به ساڻس گڏ مختلف شهرن ۾ ننڍپڻ گهاريو ۽ پڙهيو. 1960ع ۾ حيدرآباد مان مئٽرڪ ڪيائين، 1963ع دوران انٽر (آرٽس) جو امتحان مسلم ڪاليج حيدرآباد مان پاس ڪري سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ بي. اي (آنرس) ۾ داخلا ورتائين. اهڙيءَ ريت بي. اي (آنرس)، ايم. اي (سنڌي)، ايم. اي (انگلش) ۽ ايل. ايل. بي جا امتحان يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيائين. قاضي خادم 1966ع ۾ بي. اي آنرس ۾ فيڪلٽي ٽاپ ڪرڻ جي ڪري، سچل سائنس ڪاليج حيدرآباد ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو، ان سان گڏ مسلم آرٽس ڪاليج حيدرآباد ۾ شام جو پارٽ ٽائيم ليڪچرار پڻ رهيو ان دوران 1963ع کان 1966ع تائين اخبار ’خادم وطن‘ ۾ سب ايڊيٽر ٿي رهيو، جتي ادبي صفحو مرتب ڪندو هو. 1969ع کان 1970ع تائين روزانه ”هلال پاڪستان“ حيدرآباد ۾ سب ايڊيٽر ٿي رهيو. 15 جون 1970ع کان سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ استاد مقرر ٿيو، جتي رٽائرمينٽ (11 نومبر 2005ع تائين) پروفيسر، چيئرمئن سنڌي شعبو، ڊين فيڪلٽي آف آرٽس ۽ ايڊوائيزر اسٽوڊنٽس گائيڊنس بيورو به ٿي رهيو. قاضي خادم 1989ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊي ڪئي، سندس تحقيقي مقالي جو عنوان ’سنڌ جي نثري داستانن جو تنقيدي جائزو‘ هو. ڊاڪٽر قاضي خادم صف اول جو ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ڊراما نگار ۽ نقاد آهي. هن ٻه اصلوڪا ناول، چار ترجما، ٻه ڪهاڻين جا ڪتاب، هڪ ڊرامن جو مجموعو ۽ ٽي ساروڻين جا ڪتاب لکيا آهن. ڊرامن جي حوالي سان قاضي خادم کي وڏي شهرت حاصل رهي آهي. هن ريڊيو ۽ ٽيليويزن لاءِ ڪيترائي ڊراما لکيا آهن. قاضي خادم جي طبعزاد ۽ ترجمو ڪيل ڪتابن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو: (1) شمع هر رنگ ۾ جلتي هي سحر هوني تک (اردو ناول: آگسٽ 1962ع، (2) گڊ باءِ مسٽر چپس (جيمز هلٽن جو ناول: ترجمو: 1964ع)، (3) زوال (البر ڪامئو جو ناول: ترجمو: 1966ع)، (4) سونهن جي ديوي (پيري لوئيءَ جي ناول ’ايفروڊائيٽ‘ جو ترجمو: 1972ع)، (5) جوئاري (دوستو وسڪيءَ جي ناول ‘The Gambler’ جو ترجمو: 1976ع)، (6) پيار ۽ سپنا (ناول: 1977ع)، (7) پيار (جان پال سارتر جي ناوليٽ جو ترجمو: 1978ع) (8) درد جي خوشبوءِ (ناول: 1981ع)، (9) سمنڊ اپسمنڊ (ڪهاڻيون: 1981ع)، (10) شهري حياتي ۽ ڳوٺاڻي حياتي (مرڪزي سرڪار جي رٿا هيٺ سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپيل: 1981ع)، (11) لڙڪ لڙڪ زنجير (ڊراما: 1988ع)، (12) سنڌ جا نثري داستان (پي. ايڇ. ڊي جو مقالو: 1990ع)، (13) ادب ۽ روايتون (مضمون: 1992ع)، (14) The Glorious Past (42 سنڌي آتم ڪهاڻين تي انگريزيءَ ۾ تبصرو: 2006ع)، (15) مٽيءَ ۾ ملاوٽ (ڪهاڻيون: 2008ع)،(16) دل جي دفتر مان (يادگيريون: 2009ع)، (17) ساروڻيون (ساروڻيون: 2010ع) ۽ (18) اندر روح رهيام (ساروڻيون: 2011ع). قاضي خادم جي ڪتاب ’دل جي دفتر مان‘ کي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران 2010ع ۾ ادبي اوارڊ ڏنو ويو. ان کان سواءِ قاضي خادم جي ڪهاڻين جو اردو ترجمو آگسٽ 2000ع ۾، ’مڪتبه نئي قدرين‘ طرفان ڇپيو، جنهن جو مرتب پروفيسر مرزا سليم بيگ هو. قاضي خادم جي ڪيترين ڪهاڻين جا ترجما، آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس جي ڇپرايل ڪتاب ‘Colors of Loneliness’ ۽ اڪيڊمي آف ليٽرس اسلام آباد جي پرچي ’ادبيات‘ ۽ ’شاهڪار افساني‘ وغيره ۾ ڇپيل آهن. ڊاڪٽر قاضي خادم کي رٽائرمينٽ کان پوءِ سنڌي شعبي جو وزيٽنگ پروفيسر ۽ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي چيئر جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو آهي. هن مختصر عرصي اندر چيئر پاران 11 ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا آهن: جن ۾ (1) ايڏو شان شعور (علامه قاسميءَ جا ’الرحيم‘ رسالي جا سنڌي ايـڊيـٽـوريل)، (2) قرآن حڪيم جون خصوصيتون (مولانا ڪوثر نيازيءَ جي ڪتاب جو ترجمو)، (3) علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ سندس همـعصر (2006ع)، (4) علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ سندس همعصر عالم ۽ اديب (2007ع)، (5) علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ سندس همعصر عالم ۽ مؤرخ (2008ع)، (6) علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، همعصر عالم ۽ صحافي (2009ع)، (7) شذرات (اردو رسالي ’الولي‘ جا ايـڊيـٽوريل، ڀاڱو پـهـريـون)، (8) شــذرات (اردو رسـالـه ’الـولـي‘ جـا ايڊيـٽـوريل، ڀـاڱـو ٻـيـــو)، (9) شذرات (اردو رساله ’الولي‘ جا ايڊيٽوريل، ڀاڱو ٽيون)، (10) علامه غلام مصطفيٰ قاسمي: سوانح ۽ علمي ڪاوشون (2011ع)، (11) مقالات سرفراز 2011ع شامل آهن. ڊاڪٽر قاضي خادم، علامه قاسمي چيئر پاران ٽي ڪامياب ڪانفرنسون پڻ ڪرائي چڪو آهي. هو مسلسل پنهنجون يادگيريون لکندو رهي ٿو، جيڪي ڪالمن جي صورت ۾ روزاني شام، حيدرآباد ۾ ڇپجنديون رهن ٿيون. ان کان سواءِ ڊاڪٽر قاضي خادم، مهراڻ ٽي. وي چئنل تان ادبي پروگرام ’ساهت رس‘ جا ساٺيڪو پروگرام ڪري چڪو آهي، ۽ اهو سلسلو اڃا هلندڙ آهي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي قاضي خادم جا ڪُل 3 ڪِتاب موجود آھن


قاضي خادم جا ڪتاب

پیار ۽ سپنا، ليکڪ : قاضي خادم

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
پیار ۽ سپنا
ليکڪ : قاضي خادم
لڙڪ لڙڪ زنجير، مصنف : قاضي خادم

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
لڙڪ لڙڪ زنجير
مصنف : قاضي خادم
جوئاري، سنڌيڪار : قاضي خادم

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
جوئاري
سنڌيڪار : قاضي خادم
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ