هوش محمد ڀٽي

Author Name

ھوش محمد ڀٽي، تعلي ڏوڪري جي باڊھ شھر ۾ حاجي نظام الدين ڀٽيءَ جي گهر ۾ 8 مئي، 1986ع تي جنم ورتو.  پاڻ ڪرت جي لحاظ سان اُستاد آھن ۽ ھن وقت حيدرآباد شھر ۾ تعليمي فرائض سرانجام ڏئي رھيا آھن.

ھوش محمد ڀٽي، 1995ع کان لکڻ جي شروعات ڪئي، سنڌي ادب ۾ ”شاھ لطيف جي ڪلام ۽ شيخ اياز جي شاعريءَ جون فڪري آراڌايون“ جي عنوان سان سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي مان پي.ايڇ.ڊي ڪري رھيا آھن. 

سندن ادبي سڃاڻپ بطور ڪھاڻيڪار، ناولنگار، شاعر ۽ نقاد طور آھي. ھوش محمد جا ڇھ ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿي چُڪا آھن جيڪي ھيٺ ڏِجن ٿا.

  • انگن جي راند (ڪھاڻيون) 2010ع
  • سنڌي ويا ڪرڻ 2014ع
  • پوپٽ ڏاڍا پيارا آھن (ٻارن لاءِ شاعري) 2016ع
  • ڀٽائيءَ جو عشق (ناول) 2017ع
  • ڪوءِ ڳنڍيندڙ ھوءِ (ڪھاڻيون) 2018ع
  • ٿيندي ناھي پريت پُراڻي (پريم پتر) 2021ع.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي هوش محمد ڀٽي جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


هوش محمد ڀٽي جا ڪتاب

ڀٽائيءَ جو عشق، ليکڪ : هوش محمد ڀٽي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ڀٽائيءَ جو عشق
ليکڪ : هوش محمد ڀٽي
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ