ع ق شيخ
نامياري مصور، ڪھاڻيڪار ۽ تاريخدان ع. ق شيخ جو پورو نالو عبدالله ولد قادر بخش شيخ ھو. سندس جنم 8 مارچ 1914ع تي ڳوٺ گڊڙو، ٿرپارڪر ۾ ٿيو. ھن پرائمري تعليم ڳوٺ ٽنڊي سومري ۽ مئٽرڪ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول ٽنڊي الھيار مان پاس ڪئي. ڊرائنگ جي ٽريننگ 1938ع ڌاري بمبئيءَ جي سر جي. جي اسڪول آف آرٽ مان، بي. اي ۽ ايم. اي سنڌ يونيورسٽيءَ مان، ايل. ايل. بي سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد مان ۽ لائبرري سائنس ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان پوسٽ گريجوئيشن ڪيائين. ع. ق. شيخ، نامور مصور ۽ ڪھاڻيڪار طور شھرت ماڻي. مصوريءَ ۾ زندگيءَ جا حقيقي رنگ ڀريندڙ ۽ ڊزائينگ جا اعليٰ نقش ۽ نگار رنگن ۽ برشن وسيلي ڏئي وڏي مقبوليت ماڻيائين. سندس تصوير ڪشيءَ جون لياقتون ڏسي، ڊسٽرڪٽ انسپيڪٽر آف اسڪولز ٿرپارڪر پاران کيس پنھنجي ضلعي ٿرپارڪر ۾ ڊرائنگ ٽيچر مقرر ڪيو ويو. سندس والد پنھنجي وقت جو ناميارو استاد ۽ قابل حڪيم ھو، جيڪو تعليم کاتي مان اعليٰ عھدي تان رٽائر ٿيو ھو. ع. ق. شيخ ديني تعليم پنھنجي گهر ۾ حاصل ڪئي ھئي. ايليمينٽري ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد ۾ رهڻ دوران ھن پنھنجي تعليم کي وڌايو ۽ ايليمينٽري ڪاليج حيدرآباد کي مصوريءَ جي ھڪ اعليٰ تربيت گاھ بڻايو، جتان سنڌ جا ناميارا مصور: ظفر ڪاظمي، علي اڪبر سومرو ۽ فتاح ھاليپوٽو (شرجيل) پڻ وٽائنس فيضياب ٿيا. ع. ق. شيخ نوڪري ۽ تعليم دوران پنھنجو علمي، ادبي مطالعو ۽ مشاھدو بہ جاري رکيو، جنھن ڪري آرٽسٽ سان گڏوگڏ بطور اديب بہ ھن کي وڏي سڃاڻپ ملي. ع.ق شيخ جي ٺاھيل لاتعداد تصويرن کي سنڌ توڙي ٻاھر گهڻو پسند ڪيو وڃي ٿو. ع. ق شيخ کي سندس اعليٰ صلاحيتن جي بنياد تي نارمل ڊرائنگ ڪاليج مان رٽائر ٿيڻ کانپوءِ حيدرآباد جي پبلڪ اسڪول ۾ رکيو ويو، جتي پڻ سندن خدمتون ساراھڻ جوڳيون رهيون. ھو مصوريءَ واري شوق سبب 1942ع ۾ بمبئي ويو، پر ڏيڍ سال کانپوءِ پيءُ جي بيماريءَ جو ٻڌي سنڌ موٽي آيو. ع. ق شيخ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان مراد علي مرزا جي چوڻ تي گيتن ڀريون ڪھاڻيون لکي تمام گهڻي شھرت ماڻي. ھن اٽڪل 25 سال انچارج آرٽ ٽيچر ٽريننگ سينٽر اينڊ آرٽ ٽيچر ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد جي حيثيت ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ ھڪ آرٽسٽ طور ٻن سالن کان مٿي ڪم ڪيائين. سندس ڪتابن ۾ ’تاريخ اندلس‘، ’تاريخ اسلام‘، ’روح رهاڻ‘ ۽ ’کٿوري کيھہ‘ ڇپيل آھن. سنڌ جي ھن نامياري مصور، ڪھاڻيڪار ۽ تاريخ نويس، 65 ورهين جي ڄمار ۾، 15 آگسٽ 1991ع تي وفات ڪئي. سندس ھڪ ڌيءَ نجمہ شيخ اديبہ آھي. شيخ اياز جي شاعريءَ جي مختلف ڪتابن جا ٽائيٽل ع. ق. شيخ جا ٺاھيل آھن. محمد ابراھيم جويي، شيخ اياز ۽ مراد علي مرزا سان سندس تمام گهاٽي دوستي ھوندي ھئس
- جنم: 1914-03-08
- ورسي: 1991-08-15
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل