زاھدہ تاج ابڙو

Author Name

شاعرہ، ڪھاڻيڪار، ڪالم نگار ۽ سماجي ڪارڪن محترمہ زاهدہ تاج ابڙو 29 مئي 1970ع تي ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي گهر لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. سندس والد جج هو، جنھن جي بدلي جي ڪري پرائمري تعليم مختلف شھرن ۾ حاصل ڪيائين، جن ۾ حيدرآباد، سکر، نوابشاھہ ۽ جيڪب آباد وغيرہ شامل آهن. مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول خيرپور مان 1984ع ۾ ڪيائين. انٽر زبيدہ ڪاليج حيدرآباد مان جڏهن تہ گريجوئيشن ۽ ماسٽرس شاھہ عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪيائين. سال 2002ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ليڪچرر ٿي. هن وقت اسسٽنٽ پروفيسر جي حيثيت سان حيدرآباد جي هڪ ڪاليج ۾ پنھنجون ذميواريون نڀائي رهي آهي.
سندس ڪھاڻيون ۽ ڪالم عبرت، ڪاوش، سوڀ، عبرت مئگزين، سرتيون، اخبار جھان ۽ ٻين اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿينديون رهن ٿيون. پاڻ ڪافي عرصي کان مھراڻ ٽي. وي تي عورتن جي پروگرام “بنت حوا“ جي ميزباني جون ذميواريون بہ نڀائي رهي آهي. ان کانسواءِ مختلف سماجي تنظيمن سان پڻ رضاڪاراڻي نموني سھڪار ڪري ٿي جن ۾ ٻارن جي تنظيم S.P.A.R.C ۽ ٻيون تنظيمون شامل آهن.
سندس ڇپيل ڪتابن ۾ دنيا آکيرو (شاعري)، عشق لامحدود (ناول)، محبت رنگين پل صراط (ناول) شامل آهن.
سندن خدمتن تي کيس ڪيترائي ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن، جن ۾ مھراڻ ٽي. وي پاران “بيسٽ اينڪر ايوارڊ“  پڻ شامل آهي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي زاھدہ تاج ابڙو جا ڪُل 2 ڪِتاب موجود آھن


زاھدہ تاج ابڙو جا ڪتاب

دنيا آکيرو، ليکڪ : زاھدہ تاج ابڙو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
دنيا آکيرو
ليکڪ : زاھدہ تاج ابڙو
عشق لا محدود، مصنف : زاھدہ تاج ابڙو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
عشق لا محدود
مصنف : زاھدہ تاج ابڙو
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ