مھراڻ ڌامراھو

شاعر  مھراڻ   ڌامراھي  جو اصل نالو مسرت حسين ولد قائم الدين  ڌامراھو   آھي،  سندس جنم 12 سيپٽمبر 1970ع تي تاريخي ڳوٺ  ڌامراھ  تعلقي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو.  ھن  پرائمري ۽ مئٽرڪ  ڌامراھ  مان، انٽر لاڙڪاڻي مان، ايم. اي  شاھ  عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪئي.  ھن  شاعريءَ جي شروعات 1990ع کان ڪئي. اديب ۽ محقق ڊاڪٽر بدر  ڌامراھو  سندس ادبي  رهنما   رهيو.   مھراڻ   ڌامراھي  جي شاعري سنڌي رسالن توڙي اخبارن ۾ شايع ٿيندي  رهي  ٿي، سندس گيت ۽ غزل سنڌ جي ناليوارن فنڪارن توڙي فنڪارائن  شھلا  گل،  زاھد  گل، سليم رضا، عاشق نظاماڻي، نظير سمي ۽ ٻين ڳائي خوب داد حاصل ڪيو  آھي.  سندس مشھور  گيت  ’اوھان  ڇا پيار مان ڄاڻو‘ فنڪار سليم رضا ڪنڀر جي آواز ۾ سنڌي سيٽلائيٽ چئنل ڪشش ۽ ڪي. ٽي. اين تان تمام  گهڻي  مقبوليت ماڻي. انکانسواءِ سندس ٻيا ڪيترائي گيت ريڊيو توڙي سنڌي ٽي وي چئنلن تان نشر ٿيندا رهن  ٿا.  مھراڻ   ڌامراھو  سنگيت وديا سنگت لاڙڪاڻي جو چيئرمئن ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي جو سرگرم ميمبر  آھي.  کيس دنيا جي مختلف ملڪن جا سڪا ۽ نوٽ گڏ ڪرڻ جو بيحد شوق  آھي،  وٽس ڪيترن ملڪن توڙي سنڌ جي قديم سڪن جو تعداد ٽي سؤ کان وڌيڪ  آھي.  سندس شاعريءَ جا  ٽي  ڪتاب: (1) ’روز ملجي ڪٿي‘، (2) ’اندر جي آس‘ ۽ (3) ’اسان ڇا پيار مان ڄاڻون‘ شايع ٿيل  آھن،  کيس مڃتا طور ڪي ٽي اين طرفان اوارڊ ۽ ٻيا اعزاز ملي چڪا  آھن.   ھي  سوئي سدرن گئس ڪارپوريشن جو ملازم  آھي.

  • جنم: 1970-09-12
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image