شگفتہ شاھہ

Author Name

سنڌ جي مشھور آرٽسٽ، شاعرہ، ڪھاڻيڪارہ، ناول نگار، سفر نامہ نگار، تعليمي ماهر شگفتہ شاھ 24 اپريل 1965ع تي ڪاظمي سيدن جي خاندان ۾ حيدرآباد ۾ جنم ورتو. ھن ابتدائي تعليم حيدرآباد جي مختلف اسڪولن مان، انٽر زبيدہ گرلز ڪاليج حيدرآباد، گريجوئيشن، سنڌي ادب ۾ ماسٽرس، بي ايڊ، ايم ايڊ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي، شگفتہ شاھہ تعليم سان لاڳاپيل رهي آهي، پبلڪ اسڪول مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄام شورو جي وائيس پرنسپل، پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾ گرلز سيڪشن جي انچارج رهي آهي، تہ مختلف وقتن تي ريڊيو پاڪستان سان بہ لاڳاپيل رھي آھي تہ صحافت بہ ڪئي اٿس. 
شگفتہ شاهہ منفرد آرٽسٽ آھي جنھن جو گهڻو ڪم شاه لطيف جي شاعريءَ تي مصورانہ چترڪاري تي ٿيل آھي. ھن ڪيترن ئي ڪتابن ۽ رسالن جا سرورق پيج بہ ٺاهيا / ڊزائين ڪيا آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ خالي ڪئنواس (شاعري)، جڏهن ٽڙندا ڳاڙها گل (ناول)، واجهائيندي ورھيہ ٿيا (ڪھاڻيون)، انڪل آرٿر جون ڪھاڻيون (ٻاراڻو ادب)، ٻارن جي ٻاري (ٻاراڻو ادب)، سفر عشق (سفر نامو) شامل آهن. سندس اردو ۾ لکيل ڪتاب”درد آشنا (ناول )“ ۽”سفر عشق (سفرنامو )“ شامل آھن.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي شگفتہ شاھہ جا ڪُل 2 ڪِتاب موجود آھن


شگفتہ شاھہ جا ڪتاب

واجهائيندي ورهه ٿيا، ليکڪ : شگفتہ شاھہ

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
واجهائيندي ورهه ٿيا
ليکڪ : شگفتہ شاھہ
جڏھن ٽڙندا ڳاڙھا گل، ليکڪ : شگفتہ شاھہ

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
جڏھن ٽڙندا ڳاڙھا گل
ليکڪ : شگفتہ شاھہ
2025 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ