course image
Dr Shams uddin Ursani

ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي

ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻيءَ، 04 اپريل 1939ع تي هالا نوان، تعلقي هالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ نور محمد عرساڻي جي گھر ۾ جنم ورتو. پاڻ ٻن سالن جو ٿيو ته سندس خاندان هالا نوان کان لڏي حيدرآباد شهر ۾ اچي رهيو، سندس تعليم ۽ تربيت حيدرآباد ۾ ٿي. شمس الدین عرساڻي مئٽرڪ 1956ع ۾ ڪيائين، جنهن بعد بي. اي ۽ ايم. اي (سنڌي ادب) ۾ ڪري، اڳتي هلي 1980ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري ”آزاديءَ کان پوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر“عنوان سان حاصل ڪيائين.
پيشي جي لحاظ کان پاڻ مئٽرڪ پاس ڪرڻ بعد 1958ع ۾ نوڪريءَ سان عملي زندگيءَ جي شروعات ڪيائين، ڪجهه عرصو مختيارڪار آفيس حيدرآباد ۾ ملازم، ڪجهه عرصو ڊپٽي ڪمشنر آفيس حيدرآباد ۾ سرشتيدار ٿي رهيو. 1961ع ڌاري گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ نائب ماستر مقرر ٿيو، بعد ۾ 1966ع ۾ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪري سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو. مختلف ڪاليجن ۾ نوڪري ڪرڻ سان گڏ ڪيترائي ڀيرا سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ سنڌيءَ جو ايڪسپرٽ به رهيو. 1999ع ڌاري گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد مان پروفيسر طور رٽائر ٿيو.
پروفيسر ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي لکڻ جو آغاز 1963ع کان ڪيو، هن ٻارن لاءِ ڪهاڻيون لکيون. سنڌي لسانيات تي پڻ جديد انداز سان ڪم ڪيائين. خاص طور تي نون سنڌي علمي اصطلاحن کي رواج ۾ آندو. هن مختلف موضوعن تي تنقيدي مضمون ۽ مختلف شخصيتن تي خاڪا لکيا. سندس مضمون، مقالا ۽ ڪهاڻيون وقت به وقت مختلف رسالن ۾ ڇپبيون رهيون.
سنڌ جو ھي ناليوارو محقق،نقاد ۽ ڪهاڻيڪار 22 آگسٽ 2017ع تي لاڏاڻو ڪري ويو. 

ڊاڪٽر شمس الدین عرساڻيءَ جون ڪيل علمي، ادبي خدمتون ھيٺين ڪتابن جي صورت ۾ موجود آھن. 

1.سنڌي ادب ۾ تنقيد (تنقيد) 
2.آزاديءَ کانپوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر (پي ايڇ ڊي مقالو) 
3.سنڌي ٻوليءَ جي سکيا (بي. ايڊ جي شاگردن لاءِ)
4. سنڌي ورجيسي ٻولي
5. سنڌي ٻوليءَ جي جهان جي کوجنا
6. فن، شخصيت ۽ انداز (خاڪا)
7.بنيادي سائنس (پهرين درجي لاءِ)
8.سنڌي ادب جي ارتقائي تاريخ (بيت ڪهاڻيون) 
9. پڪو ٻاراڻو (ٻاراڻو ادب)
10. لاکو ڦلاڻي (ٻاراڻو ناول)
11.نئو ڇٽيهه لکڻو (ٻاراڻو ادب) 
12.اوسر پهاڪاتي لغت
13.سنڌي ادب ۾ تنقيد (وڌايل ۽ سڌاريل)
14.سنڌي لسانياتي اوسر
15.سنڌي ادب جي اوسر 
16.آزاديءَ ۾ اسير (ڪھاڻيون)

1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image
book image
book image
book image