پروفيسر ڪي. ايس. ناگپال

Author Name

ڊاڪٽر ناگپال جو جنم 15 اپريل 1951ع تي پنهنجي ڳوٺ شهداد ڪوٽ ۾ ٿيو جتي هن مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪئي. ان بعد انٽر لاڙڪاڻي جي گورنمينٽ ڪاليج مان ڪئي. باقي تعليم سنڌ يونيورسٽيءَ مان هڪ ريگيولر شاگرد جي حيثيت ۾ ڪئي ۽ 1974ع ۾ ٽاپ پوزيشن ۾ انگريزيءَ ۾ ماسٽرس ڪئي. هيءَ انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن مئڊم امينا خميساڻي ۽ سائين اڪرم انصاريءَ جهڙا ماڻهو انگلش ڊپارٽمينٽ ۾ پروفيسر هئا. 1982ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ايل ايل بي جي ڊگري حاصل ڪيائون.
گرئجوئيشن ڪرڻ بعد ڊاڪٽر صاحب مختلف ڪاليجن ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڻ پڙهايو. نوڪريءَ جي شروعات هن ڪنڌ ڪوٽ ڊگري ڪاليج کان ڪئي. پاڻ ڪراچيءَ جي “ڊي جي سائنس ڪاليج” ۾ به يارهن سال هيد آف انگلش ڊپارٽمينٽ ٿي رهيو. 2007 ۾ پروفيسر ناگپال سي آءِ اِي سي ۾ ڊائريڪٽر طور 2011 تاء ڪم ڪيو بعد ۾ رٽائرمينٽ تائين ويهين گريڊ ۾ لياري ڊگري سائنس ۽ ڪامرس ڪاليج سان پرنسپال طور سلهاڙيل رهيو.CSS جي چٽاڀيٽي امتحان لاءِ هن 32 بئچون پڙهايون آهن ۽ پڙهائي پيو ۽ SIUT ۾ پڻ ميڊيڪل ٽيڪنالاجي B.S کي پڙهائي ٿو.
ڊاڪٽر صاحب هڪ سٺو اديب، شاعر ۽ ڪمپيوٽر جو ڄاڻو آهي. سندن ڪيترائي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن جيئن ته سنڌيءَ ۾ شاعريءَ جو ڪتاب: “جيون تاءُ تتيءَ جو”. هڪ تصوف جو ڪتاب: “پنهنجو پاڻ سڃاڻ” ۽ “گنج شاهه لطيف”. هڪ ڪتاب اردوءَ ۾ هن امر جليل تي لکيو آهي: “امر جليل: شخصيت اور فن.”
انگريزيءَ ۾ سندن ڪيترائي ڪتاب آهن جيئن ته شاعريءَ جو هڪ ڪتاب بعنوان: Life’n Dreams جنهن جي 3 ايڊيشن هن ڪتاب سان گڏ ڇپيل آهي.
ان کان علاوه شاگردن جي مدد ۽ رهنمائيءَ لاءِ هن انگريزي سکڻ بابت ڪجهه ڪتاب لکيا آهن. ڊاڪٽر ڪنهيا لال ناگپال جي خاص دلچسپي ادب، فلسفو ۽ روحانيت آهي.
سندس ڇپيل ڪتاب:

1. A Hand Book of English 4 additions
2. Life’n dreams ( English poetry) 2 additions
3. امر جليل فن اور شخصيت
4. جيون تاءِ تتيءَ جو (سنڌي شاعري)
5. ڪارل مارڪس
6. ايک داتا (اردو)
7. Ek-o-Ankar, Spiritual Treatise.
8. Spoken English by Sindhica 1913.
9. پنھنجو پاڻ سڃاڻ (سنڌي)
10. Hindu Religious Books prepared for classes one to graduation 

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي پروفيسر ڪي. ايس. ناگپال جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


پروفيسر ڪي. ايس. ناگپال جا ڪتاب

صوفي لاڪوفي، ليکڪ : پروفيسر ڪي. ايس. ناگپال

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
صوفي لاڪوفي
ليکڪ : پروفيسر ڪي. ايس. ناگپال
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ