course image
Habibullah Sangi Sujawali

حبيب الله سانگي سجاولي

حبيب ﷲ سانگي سجاولي مارچ 1958 ۾ سنڌ جي عوامي انقلابي شاعر سرويچ سجاولي جي گهر ۾ جنم ورتو. سانگي سجاولي مسڪين ۽ غريب ماڻھن جي ڏکن ۽ سکن کي ڏسندي وڏو ٿيو. ھن دنيا کي مزاحمت واري نگاھ سان پرکڻ جو ڏانءُ ننڍپڻ کان سکي ورتو. ھو وڏو ٿي جڏهن پاڻ ادبي دنيا ۾ پير پاتو ۽ شاعري جي شروعات ڪئي تہ ھن پنھنجي والد عوامي انقلابي شاعر سرويچ سجاولي جي سڃاڻپ کان ڌار ٿي پنھنجي وجود ۽ ڏات کي پاڻمرداو مڃايو. ھن حبيب الله سرويچ بجائي حبيب الله سانگي سجاولي بنجي پنھنجي سڃاڻپ پاڻ پيدا ڪئي. حبيب الله سانگي سجاولي نہ صرف قلم ذريعي جھدوجھد ڪئي پر عملي ميدان ۾ پڻ قيد ۽ بند جون تڪليفون سھندي عوامي ۽ انقلابي شاعر طور پاڻ مڃايو. سانگي سجاولي صرف قلم جي ذريعي ناھي وڙھيو پر عملي طور تي ايم آر ڊي جي 83ع ۽ 86جي تحريڪن ۾ جھدوجھد ڪندي جيل بند جا ڏينھن بہ گهاري آيو ۽ انھن قيد خانن ۾ ھمٿ ھارڻ بجاء پنھنجي ساٿي قيدين کي پڻ ھمٿايو . سانگي سجاولي جي شاعري ۾ اوھان کي آمريت تي ڦٽڪار جمھوريت جي بحالي ۽ سنڌ جي غدار وڏيرن جي ڪرتوتن ڪامورڪي قھر رياستي بدمعاشي ۽ بدديانتي، ڌرتي ، ٻولي ، پاڻي، معيشت ،گذر سفر ،حيلن وسيلن تي لڳندڙ ڌاڙن، ٿل ڪئنال ،ڪالاباغ ڊيم، سنڌ جي نياڻين سان ٿيندڙ ظلم، ڪارو ڪاري ، قرآن سان پرڻو، جنسي ڏاڍائي، قومي جرئت جذبي ، ڦُر لُٽ ،ڌاڙن، اغوائن جي وارداتن ۽ سنڌي ماڻھن جي ڪاھلي ۽ ُسستي ۽ جھالت جا چٽا عڪس سندس شاعري ۾ نظر ايندا …
سانگي سجاولي سنڌ جي مختلف اسٽيجن قومي ڪاڄن توڙي اليڪشن جلسن ۾ پڙهيل سندس شاعري سنڌ جي ماڻھن جي ذھنن ۽ دلين ۾ ڇپيل آھي. سانگي سجاولي ھڪ ئي وقت عشق، انقلاب، مزاح ۽ مزاحمت جو شاعر ھو . سندس مزاحيہ شاعري ٻڌڻ بعد کل روڪڻ ڪنھن جي وس ۾ نہ ھئي ۽ سندس اليڪشني شاعري ماڻھن جي ڪنن مان دونھان ڪڍي ڇڏيندي ھئي. قدرت کيس شاعري جي اھا ڏات ڏني ھئي جيڪا ورلي ڪن ماڻھن کي نصيب ٿيندي ھجي. ھو ھڪ حاضر دماغ ۽ ڪُل وقتي شاعر ھو جيڪو شاعري ڪرڻ لاءّ موڊ ، موسمن يا حالتن جو محتاج نہ ھو، بس پين پنو کڻي ويٺو ۽ ڪنھن بہ وقت ڪنھن بہ موضوع تي چند منٽن ۾ زبردست شعر جوڙي وٺندو ھو، جنھن ڪري ادبي حلقن کيس سنڌ جو تيز ترين شاعر قرار ڏنو ھو. سنڌ جي مھان عوامي انقلابي شاعر سرويچ سجاولي تہ کيس پنھنجي حياتي ۾ ئي اھو اعزاز ڏيئي ڇڏيو ھو تہ سانگي سجاولي اُن کان بہ وڏو شاعر ٿيندو پر ھڪ عوامي شاعر جا احساس ۽ پيرسن پيءُ جا ارمان ان وقت دم ٽوڙي ويٺا جڏهن ڪينسر جي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي حبيب الله سانگي سجاولي 23 مئي 2007ع تي 48 سالن جي مختصر ڄمار ۾ مالڪ حقيقي سان وڃي مليو. سندس پھريون انقلابي مجموعو ”ڌرتيءَ لڳن ڌاڙا“ ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي چڪو آھي.

  • ورسي: 2007-05-23
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image