بلوچ صحبت علي

:شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نگار بلوچ صحبت علي جو اصل نالو صحبت علي لنڊ آهي . هي پهرين جنوري 1974ع تي دادو شهر جي ’ڇاڻي ‘ (شاهه آباد ) محلي ۾ پيدا ٿيو . سندس تعليم ايل ايل بي ۽ ايل ايل ايم آهي. هي وڪالت جي پيشي سان وابسته آهي ۽ هن وقت ڪراچيءَ ۾ وڪالت ڪري رهيو آهي. سندس هڪ ڪتاب ” البرٽ آئن اسٽائن جي جيون ڪٿا “2006 ۾ ڇپيل آهي . ان کان سواءِ سندس ٻہ ڪتاب ’سوجهرن جا سفير ‘۽ ’سيتا جا سدابهار ماڻهو ‘(2004ع )پڻ ڇپيل آهي ،جنهن ۾ سنڌ جي نالي وارن اديبن جا انٽرويو شامل آهن .وٽس ڪجهه ڪتاب اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود آهن.

1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image
book image
book image
book image
book image