اسلم عباسي

Author Name

اسلم عباسي ولد حاجي الهداد عباسي موري ڀرسان ڳوٺ علي بخش ڪلهوڙو ۾ 25 نومبر 1968ع تي جنم ورتو. لکڻ جي شروعات 1985ع کان شروع ڪيائين. شروعات ۾ آزاد نظم ۽ ٽيڙو لکيا. بعد ۾ نثرنويسي لکڻ شروع ڪيائين. علم و ادب ۽ تاريخ سان بيحد دلچسپيءَ جي سبب ڪيترائي تاريخي سيمينار منعقد ڪرايا آهن ۽ سنڌ جي تاريخ متعلق هيٺيان ڪتاب مرتب ڪيا آهن، جن ۾:

1- ميان غلام شاهه ڪلهوڙو ــ سنڌ جو شاهجهان
2- ڪلهوڙا دؤر: هڪ مطالعو
3- ضلعو نوشهروفيروز: تاريخ جي آئيني ۾
4- مورو: تاريخ ۽ ثقافت
5- 
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو (مختصر تاريخ)

سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌ  گريجوئيٽس ايسوسيئشن مورو سان 1991ع کان وٺي وابستگي رهي اٿس ۽ ڪيترائي دفعا سگا مورو شاخ ۾ ميمبر ڪاروباري ڪميٽي رهندو اچي ٿو. سال 18-2015ع ۽ 21-2018ع سگا موري شاخ جو صدر چونڊجي آيو آهي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي اسلم عباسي جا ڪُل 3 ڪِتاب موجود آھن


اسلم عباسي جا ڪتاب

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو  (مختصر تاريخ)، ليکڪ : اسلم عباسي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو (مختصر تاريخ)
ليکڪ : اسلم عباسي
مورو : تاريخ ۽ ثقافت، مُرتب : اسلم عباسي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
مورو : تاريخ ۽ ثقافت
مُرتب : اسلم عباسي
ضلعو نوشھروفيروز (تاريخ جي آئيني ۾)، مُرتب : اسلم عباسي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
ضلعو نوشھروفيروز (تاريخ جي آئيني ۾)
مُرتب : اسلم عباسي
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ