اسلم عباسي
اسلم عباسي ولد حاجي الهداد عباسي موري ڀرسان ڳوٺ علي بخش ڪلهوڙو ۾ 25 نومبر 1968ع تي جنم ورتو. لکڻ جي شروعات 1985ع کان شروع ڪيائين. شروعات ۾ آزاد نظم ۽ ٽيڙو لکيا. بعد ۾ نثرنويسي لکڻ شروع ڪيائين. علم و ادب ۽ تاريخ سان بيحد دلچسپيءَ جي سبب ڪيترائي تاريخي سيمينار منعقد ڪرايا آهن ۽ سنڌ جي تاريخ متعلق هيٺيان ڪتاب مرتب ڪيا آهن، جن ۾:
1- ميان غلام شاهه ڪلهوڙو ــ سنڌ جو شاهجهان
2- ڪلهوڙا دؤر: هڪ مطالعو
3- ضلعو نوشهروفيروز: تاريخ جي آئيني ۾
4- مورو: تاريخ ۽ ثقافت
5- سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو (مختصر تاريخ)
سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئشن مورو سان 1991ع کان وٺي وابستگي رهي اٿس ۽ ڪيترائي دفعا سگا مورو شاخ ۾ ميمبر ڪاروباري ڪميٽي رهندو اچي ٿو. سال 18-2015ع ۽ 21-2018ع سگا موري شاخ جو صدر چونڊجي آيو آهي.
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل