عبدالغفار ”تبسم“

Author Name

عبدالغفار تخلص ”تبسم“ ولد قادر بخش ڀٽي تاريخ 20 نومبر 1951ع تي ڳوٺ مير پور ڀٽو تعلقو رتو ديرو ضلعو لاڙڪاڻو ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم نئو ديري ۽ ڳڙهي ياسين ۾ حاصل ڪيائين. مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول نئون ديري مان سال 1966ع ۾ جڏهن ته بي اي آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻو مان سال 1972ع ۾، ايم اي (بين القوامي تعلقات) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان سال 1974ع ۾ ٻي پوزيشن حاصل ڪري پاس ڪيائين. 
تبسم صاحب جي زندگي گهڻن رخن ساب ڀرپور رهي آهي. جنهن ۾ هڪ شاگرد اڳواڻ بلدياتي سياست، ٽي وي، فلم، ڊراما، شاعري، سماجي ۽ ثقافتي شعبي ۾ وقت به وقت پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪندي نالو پيدا ڪيائين. بحيثيت طالب علم سال 1972ع ۾ آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ اسٽوڊنٽس يونين جو جنرل سيڪريٽري، سال 1974ع ۾ سنڌ يونيورسٽي اسٽوڊنٽس يونين جو ڪلاس نمائندو، سنڌ آزاد ماروئڙا اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو عهديدار، گورنمينٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي تقريري ۽ ادبي سوسائٽي جو جوائنٽ سيڪريٽري ۽ لاڙڪاڻو اسٽوڊنٽس آرگنائزيشن (ايل ايس او) جو نائب صدر به رهيو، تقريري مقابلن ۾ ڪيترائي انعام کٽيائين. ان کان اڳ 1963ع ۾ الفتح اسٽوڊنٽس فيڊريشن نئون ديرو جو جنرل سيڪريٽري، سنڌ گريجئيٽس ايسوسيئشن نئون ديرو شاخ جو باني ۽ نئو ديرو ڊراماٽڪ سوسائٽي صدر ۽ سرپرست به هيو. هن پليٽ فارم تان شيرين فرهاد، آغا حشر ڪاشميري جو سنڌي ترجمي ڪيل ڊرامو باغبان، تاريخي ڊرامو ليلا چنيسر ۽ ٻيا ڊراما پيش ڪيا ويا.
تبسم صاحب ڪيترن ئي ٽي وي جي سنڌي ڊرامن ۾ هيرو ٿي ڪم ڪيائين جنهن 1978ع جوبهترين ڊرامو ”بري هن ڀنڀور۾“ به شامل آهي. ڪيترن علمي ادبي ۽ راڳ رنگ جي محفلن جو ميزبان به ٿيو. ٽيلوزن جي پروگرام ”سنڌ سينگار جو ميزبان ڪمپيئر 1981ع کان 1982ع تائين رهيو. سال 1982ع ۽ 1984ع ۾ پاڻ هڪ سنڌي فلم به ٺاهيائين جنهن ۾ فلم ” برسات جي رات“ جو هيرو جڏهن ته بي ايس گل صاحب جي فلم ”سهڻا سائين“ ۾ ولن جو ڪرادار ادا ڪيائين جڏهن ته پروگرام آرگنائيزر به پاڻ هو. ٽن سالن کان ڪراچي آرٽس ڪائونسل گورننگ باڊي جو ميمبر به آهي.
پاڻ ملازمت جي لحاظ کان پهرين 1982ع ۾ استاد وري فيملي پلاننگ آفيسر پوءِ 1983ع ۾ يونائيٽيڊ بئنڪ ۽ آخر ۾ 1975ع ۾ پي آئي اي ۾ آفيسر مقرر ٿيو. مارشل لا دور ۾ 1981ع ۾ ملازمت تان لاهڻ بعد ٺيڪيداري به ڪيائين. سال 1983ع کان 1987ع تائين نئو ديرو ميونسپالٽي جو چيئرمين چونڊجي اچڻ بعد شهر جي خدمت ۽ راڄوڻي فيصلا به ڪيائين. ٻيهر 1990ع ۾ پي آئي اي ۾ ملازمت تي بحال ڪيو ويو ۽ هڪ ڪامياب آفيسر جي حيثيت ۾ ذميواريون نڀائي رهيو، آهي.
تبسم صاحب جي هاڻ سڃاڻپ هڪ شاعر جي حيثيت ۾ آهي جيڪو پنهنجي شاعري معرفت محبت ۽ ڌرتي سان لاڳاپيل رهي ٿو. شاعري ۾ پهريون قدم سال 1964ع ۽ 1965ع ڌاري رکيو. پهرين شعر 1966ع ۾ اورينٽل ڪاليج حيدرآباد جي زير اهتمام مخدوم طالب الموليٰ صاحب جي زير صدارت منعقد ٿيندڙ مشاعري ۾ پڙهيائين. جڏهن ته هن وقت تائين ڪيترائي شعري مجموعا پڻ شايع ٿيل اٿس. هن ڏس ۾ پهريون ڪتاب ”گلن جهڙا ڳل“ 1966ع ، ”مٽي جا سر“ 1991ع، ”شفق وارا ڇانورا“ 1982ع، ”زندگي تنهنجا رنگ هزار“ (سرنامو) 1994ع، ”سوچون صحرا سراب“ 1995ع ۽ ”نيڻن جي آڳر ۾“ 1996ع ۽ تنها ڪنڌيءَ مسافر 1999ع شامل آهن.
تبسم اٽڪل ٽي سال لڳاتار عوامي آواز اخبار لاءِ قطعو لکندو رهيو. محفلن، مشاعرن ۾ پنهنجا شعر پيش ڪرڻ، صدارت يا مهمان خاص هئڻ کان علاوه هو سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جو شايد پهريون شاعر آهي جنهن جي گيتن، غزلن کي سنڌ جي هر وڏي ننڍي فنڪار ڳايو آهي. سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ سندس شاعري ٻڌي وڃي ٿي. سندس هر ڳايل شاعري يا گانا هر ننڍي وڏي جي لبن تي جهونگارجن ٿا. هر ايندڙ گيت مقبوليت ماڻي ٿو سندس ڪافي آڊيو ڪيسٽون رليز ٿيون آهن هي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جو پهريون خوشنصيب شاعر آهي جنهن جي آمريڪا مان 1999ع ۾ سي ڊي رليز ٿي آهي. هنجي شاعريءَ ۾ تمام رمزون، بحر وزن ۽ پختگي آهي. محبوب، پيار، ڌرتي ۽ ماروئڙن لاءِ شاعري ۾ سچائي ۽ انقلابي صداقت شامل آهي. پاڻ سنڌ جي پڙهيل ۽ اڻپڙهيل طبقي ۾ هڪجيتري مقبوليت رکي ٿو. سندس مداحن جو وڏو حلقو آهي. بنيادي طرح سان محفلن جو مور، ڪچهري جو ڪوڏيو ۽ محبتي ماڻهو آهي. وٽس دفتر يا گهر ۾ گهڻو ڪري محفلن جو مور، ڪچهري جو ڪوڏيو ۽ محبتي ماڻهو آهي. محبت ۽ مرڪ سان هر، ڪنهن جي آجيان ڪندڙ، ڪنهن جي به مخالفت ۾ ڪونه سڀ جو خير گهرندڙ هي نئين ٽهي جو شاعر ننڍي وڏي اديب ۽ اد دوست حلقن ۾ احترام جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. 
پاڻ پرڏيهي دورن جي حوالي سان به خوشنصيب آهي. 1992ع ۾ دبئي ۾ ”سنڌي سدائين گڏ“ تنظيم جي دعوت تي شرڪت، سنڌي ايسوسيئشن آف نارٿ آمريڪا پاران دعوت ۾ 1992ع ڪئيليورنيا، شڪاگو، واشنگٽن، نيويارڪ کان علاوه سنگاپور، ملائيشيا، بئنڪاڪ، سعودي عرب (والد سان گڏ 1978ع ۾ عمرو) جرمني ۽ انگلينڊ جو سير ب ڪري چڪو آهي.
عبدالغفار تبسم سال 1980ع ۾ اعواڻ خاندان مان شادي ڪئي. هن وقت اولاد ۾ خليل جبران، ارسلان، نوشيروان، زعفران، فاران ۽ نياڻي ساره غفار اٿس.

محترم عبدالستار ڀٽي جي لکيل ڪتاب لاڙڪاڻو امر شخصيتون تان ورتل

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي عبدالغفار ”تبسم“ جا ڪُل 9 ڪِتاب موجود آھن


عبدالغفار ”تبسم“ جا ڪتاب

اُڀ هيٺان اُڃارا گيت لُڇن!، ليکڪ : عبدالغفار ”تبسم“

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
اُڀ هيٺان اُڃارا گيت لُڇن!
ليکڪ : عبدالغفار ”تبسم“
موسيقي، موسم ۽ تبسم، ليکڪ : عبدالغفار ”تبسم“

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
موسيقي، موسم ۽ تبسم
ليکڪ : عبدالغفار ”تبسم“
تنھا ڪنڌيءَ مسافر، مصنف : عبدالغفار ”تبسم“

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
تنھا ڪنڌيءَ مسافر
مصنف : عبدالغفار ”تبسم“
مِٽيءَ جا سُر، مصنف : عبدالغفار ”تبسم“

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
مِٽيءَ جا سُر
مصنف : عبدالغفار ”تبسم“
زندگي تنھنجا رنگ ھزار، مصنف : عبدالغفار ”تبسم“

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
زندگي تنھنجا رنگ ھزار
مصنف : عبدالغفار ”تبسم“
نيڻن جي آڳر ۾، مصنف : عبدالغفار ”تبسم“

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
نيڻن جي آڳر ۾
مصنف : عبدالغفار ”تبسم“
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ