ضراب حيدر

ناليواري ڪھاڻيڪار، ناول نويس، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي اڳوڻي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ۽ ڊراما نگار ضراب حيدر ولد غلام حيدر ڪليار جو جنم 12 اپريل 1967ع تي سکر شھر ۾ ٿيو، سندس والد پنھنجي وقت جو مشھور زرعي ماھر ھو. ضراب پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول وحدت ڪالوني حيدرآباد ۽ پنگريو ضلعي بدين مان، مڊل ۽ انٽر نوابشاھ مان، بي فارميسي 1991ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان حاصل ڪئي. ان کانسواءِ ايم. اي اردو ۽ سنڌي کانسواءِ ۽ ڊي. ايڇ. ايم (ڊاڪٽر آف ھوميو پيٿڪ ميڊيسن) جون ڊگريون پڻ حاصل ڪيائين. لکڻ جي شروعات 1983ع ۾ ڪيائين، انهيءَ زماني ۾ اسڪولي مئگزين ۽ ٻارن جي رسالي ’گل ڦل‘ ۾ لکندو رهيو. سندس پھرين ڪھاڻي گورنمينٽ (جي. پي) ڊي. سي ھاءِ اسڪول نوابشاھ جي مخزن ’سوجهرو‘ ۾ 1983ع ۾ ڇپي. اڳتي ھلي ھو ’عبرت مئگزين‘ ۾ بہ لکندو رهيو. سندس ڪيتريون ڪھاڻيون ’عبرت مئگزين‘ ۾ ڇپيل آھن. سندس ڪھاڻين ۽ ڊائريءَ جي ورقن جو پھريون مجموعو ’انگن چڙهيو انگ‘ 1989ع ۾ شانتي پبليڪيشن بدين پاران ڇپرايو ويو، جنھن جو مھاڳ ناليواري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار طارق عالم ابڙي لکيو. سندس ڪھاڻين جو ٻيو مجموعو ’سرحدن کان اڳتي‘ 1996ع ۾ سچائي اشاعت گهر دڙو پاران ڇپيو، جنھن جو مھاڳ عبدالقادر جوڻيجي لکيو. سندس آتم ڪٿائي ناول ’زندگيءَ جو سفر تون ۽ مان‘ سچائي اشاعت گهر دڙو پاران 2006ع ۾ ڇپيو. ضراب حيدر صحافت جي حوالي سان مختلف اخبارن سان سلهاڙيل رهيو، جن ۾ روزاني ’هلچل‘، ’تعمير سنڌ‘، ’ڪوشش‘، ’سوڀ‘ ۽ ٻيون اخبارون شامل آھن. صحافت سان گڏ ضراب حيدر ڪيترائي احساساتي ڪالم پڻ لکيا آھن.
ضراب حيدر سنڌي اليڪٽرانڪ ميڊيا سان پڻ سلهاڙيل رهيو آھي. 2000ع ۾ ھن ’اجرڪ ٽي. وي‘ ۽ ’رنگ ٽي. وي‘ تي اسڪرپٽ ايڊيٽر ۽ نيوز ايڊيٽر طور ڪم ڪيو ۽ پوءِ 2008ع ۾ مھراڻ ٽي. وي حيدرآباد ۾ بنيادي انتظاميا جو حصو بڻيو. مھراڻ ٽي. وي جي بنيادي ميمبر جي حيثيت ۾ ھن سنڌي سماج ۽ ثقافت کي عام ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ئي بهتر پاليسيون ڏنيون. شاھ جو ڪلام عام ڪرڻ، شاھ جا بيت متعارف ڪرائڻ، سھرا ۽ ڪارٽون، خاص سنڌي ڊرامي کي بهتر ڪيو، بندوق ڪلچر، ڌاڙيل ڪلچر ۽ ڊريسنگ جو خاص خيال رکيو، ھن مھراڻ ٽي. وي لاءِ سنڌ جي مشھور ڪھاڻيڪار، امر جليل، نسيم کرل، نور الهديٰ شاھه، حميد سنڌي ۽ ٻين جون ڪھاڻيون ڊراما ٽائيز ڪري بهترين ھدايتڪاريءَ ۾ پيش ڪرايون. بعد ۾ کيس ترقي ڏيئي پروگرام مئنيجر جو عھدو ڏنو ويو. ھن ڪيترائي ڊراما سيريلز لکيون آھن، جيڪي مختلف سنڌي ٽي. وي چينلز تان نشر ٿي چڪيون آھن. ڪي. ٽي. اين تي سندس مشھور سيريل ’روگ‘ ۽ مھراڻ ٽي. وي تي سندس مشھور سيريل ’حياتي صدائون‘ آھي. سندس ھڪ ناول ’رنگ گرهڻ‘ ماھوار ’همسري‘ مئگزين ۾ قسطوار پڻ شايع ٿي رهيو آھي.
ضراب سنڌي ادبي سنگت سان پڻ سلهاڙيل رهيو آھي، ھو ڪيترائي ڀيرا سنڌي ادبي سنگت شاخ نوابشاھ جو سيڪريٽري ۽ سال 1998ع ۾ نامور شاعر ۽ براڊڪاسٽر مختيار ملڪ جي سيڪريٽري جنرل واري دؤر ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو جوائنٽ سيڪريٽري رهيو.
ضراب حيدر ڪيترائي مڃتا اوارڊ حاصل ڪري چڪو آھي، جن ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ طرفان اوارڊ بهترين نثر نگار اوارڊ 2005ع، اڪيڊمي آف ليٽرس پاران شاھ عبداللطيف اوارڊ 2016ع، بهترين ڪارڪردگي اوارڊ مھراڻ ٽي. وي 2009ع، بهترين ڪھاڻيڪار سنڌ راڻي اوارڊ 2016ع، بهترين ڊرامہ نگار ڀٽائي آرٽس ڪائونسل اوارڊ 2016ع، آزادي صحافت اوارڊ 1999ع، بهترين رائٽر فقير محمد لاشاري اوارڊ 2015ع قابل ذڪر آھن. ضراب حيدر سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ 2011ع کان ڪم ڪري رهيو آھي، ھو انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا ۾ ’ريسرچر‘ ۽ ھن وقت سنڌي ڊڪشنري بورڊ ۾ ريسرچ فيلو آھي.
 

  • جنم: 1967-04-12
0

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image