امر پيرزادو

Author Name

امر پيرزادي جو جنم 6 آڪٽوبر 1980ع آھي.

امر پيرزادي جي شاعري جا ٻہ ڪتاب عشق ۽ فنا ڇپجي چڪا آھن. امر پيرزادي جي شاعري سنڌ جي ناليواري ڳائڻن حنيف لاشاري, بيدل مسرورغفور سومرو, واحد لاشاري ۽ سڪندر فقير ۽ ٻين فنڪارن  ڳائي آھي. سندس ڳايل غزلن ۾ وري رهي ٿي جهڙالي موسم ۽ تو سوا زندگي جا نڀائي هئي گهڻا مشھور ٿيا. امر پيرزادي جي نظمن کيس فيمنسٽ , ترقي پسند, مزاحمتي ۽ رومانوي شاعر بڻايو. امر 2011 ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ گلشن حديد جو سرگرم سيڪريٽري بہ رهيو. هن ڪيترن ئي ادبي پروگرامن جي ميزباني پڻ ڪئي آھي ۽ مختلف فيسٽيولز جي سيشنز ۾ مقرر رهيو آھي. امر انور پيرزادو اڪيڊمي طرفان انور پيرزادي ۽ ٻين ليکڪن جا ڪيترائي ڪتاب ڇپرايا ۽ انور پيرزادو ميلو جو ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ بنياد وڌو. اڄڪلهه امر پنهنجي بابا انور پيرزادي جي زندگي ۽ فڪر تي ڪتاب لکي رهيو آھي. امر فارماسسٽ آھي ۽ هڪ دوائن جي ملٽي نيشنل ڪمپني ۾ مينيجر آھي. امر پيرزادي پنهنجي ادبي مضمونن ۽ مڪالن جو ڪتاب ڇپرائڻ جو پڻ ارادو رکي ٿو. امر پيرزادي جي شاعري کي ناليوارن اديبن انور سين راء ، مصطفي ارباب، رحمت ﷲ ماڃوٺي ۽ خدا بخش ابڙي اردو ٻولي ۾ ترجمو پڻ ڪيو آھي. 

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي امر پيرزادو جا ڪُل 3 ڪِتاب موجود آھن


امر پيرزادو جا ڪتاب

بابا _ انور پيرزادو، مصنف : امر پيرزادو

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
بابا _ انور پيرزادو
مصنف : امر پيرزادو
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ