گلزار ڪلهوڙو پاٽائي

Author Name

سنڌ جي علمي، ادبي ۽ تاريخي ماڳ پاٽ شريف ضلعي دادو ۾ جنم وٺندڙ ليکڪ، آرٽسٽ، سماج سڌارڪ ۽ هڪ بهترين استاد ”گلزار ڪلهوڙو پاٽائي“ 24 آڪٽوبر 1971ع ۾ پير بخش ڪلهوڙو جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس اصل نالو غلام حيدر آهي پر گلزار ڪلهوڙو پاٽائي جي نالي سان مشهور آهي، هن قاضي احمد گورنمينٽ ماڊل پرائمري اسڪول پاٽ شريف مان پرائمري جي تعليم حاصل ڪئي، علامه آءِ آءِ قاضي گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول پاٽ شريف مان 1988ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين. 1991ع ۾ استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو مان انٽر ڪيائين، 1996ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان بي اي ڪيائين، پيشي جي لحاظ کان پاڻ استاد آهي. محنتي ۽ سٺن استادن ۾ سندس شمار ٿيندو رهيو آهي، سنڌ جي نامور اديبن ڊاڪٽر حبيب الله صديقي، الهنواز رڪڻائي، فدا ڪلرائي، ڊاڪٽر قربان جهتيال، عبد مگسي، سليم چنا ۽ ٻين سان ويجهڙائپ سبب پاڻ 1994ع کان ادبي دنيا ۾ پير پاتائين ۽ 1998ع ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ پاٽ شريف جو بنياد وڌائين ۽ ان جو پهريون باني سيڪريٽري ٿيو. سندس نگراني ۾ دوستن جي سهڪار سان سنڌي ادبي سنگت شاخ پاٽ شريف تمام گهڻي فعال رهي، جنهن جي طرفان ڪيترائي ادبي پروگرام ڪرايا ويا، جنهن ۾ مشاعرا، ليڪچر، پروگرام، تنقيدي ويهڪون، هفتيوار گڏجاڻيون، ورسيون، مهورتي تقريبون ۽ رهاڻيون شامل آهن. گلزار ڪلهوڙو پاٽائي فن اداڪاريءَ ۾ به پنهنجو پاڻ کي مڃرايو آهي. 1989ع کان ماروي آرٽ سرڪل ۽ هوشو آرٽ ڪلب پاٽ شريف جو بنيادي ميمبر ٿيو. دادا غني سولنگي، انور شاد، ايم اڪرم سومرو ۽ سيد آصف شاهه جي سرپرستيءَ ۾ اداڪاريءَ جا گُرَ سکي ورتائين ۽ سنڌ جي مختلف ڳوٺن ۽ شهرن ۾ اٽڪل 50 اسٽيج ڊرامن ۾ مختلف ڪردار ادا ڪري پنهنجو پاڻ مڃرائي چڪو آهي، هي هڪ سٺو ڪمپيئر به آهي. کيس ڀٽائي، سچل، دادن فقير، سرڪش سنڌي، شيخ اياز ۽ استاد بخاري سميت ڪيترن ئي شاعرن جي شاعري ياد آهي. گلزار ڪلهوڙو پاٽائي ڪيترين ئي اخبارن ۽ رسالن لاءِ به وقت بوقت لکندو رهي ٿو. جنهن ۾ سندس مضمون، شاعري ۽ مختلف شخصيتن کان ورتل انٽرويو ڇپجندا رهن ٿا، پاڻ سوشل ميڊيا ذريعي به ڄاڻ فراهم ڪندو رهي ٿو. گلزار ڪلهوڙو هڪ سٺو ٽيلر ماسٽر به آهي ۽ پاڻ پاٽ شريف جي ٽيلرز ايسوسيئيشن جو صدر به رهي چڪو آهي. سماجي خدمتن جي حوالي سان گلزار ڪلهوڙو پاٽائي شهري اتحاد يونٽ پاٽ شريف جو خزانچي به رهيو ۽ ان بعد 2009ع ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ پاٽ شريف جو انفارميشن سيڪريٽري ٿيو ۽ 2012ع کان هن برانچ جو ٻيو دفعو جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو. هن پنهنجي مخلص دوستن محمد اعظم ميمڻ، محمد زمان سومرو، خادم حسين چنا ۽ حاڪم علي بٺڙ سان گڏ ميڊيڪل ڪيمپون، اکين جون ڪيمپون ۽ غريب مسڪين مستحق ماڻهن جي سهائتا سميت ڪيتريون ئي سماجي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن ۽ انهن سماجي خدمتن عيوض سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مرڪز پاران 22 مئي 2015ع تي کيس مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جي هٿان آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ بيسٽ ورڪر جو ايوارڊ ملي چڪو آهي. ان کان علاوه کيس فني، ادبي ۽ سٺن مضمونن لکڻ تي کيس مختلف ادارن ۽ تنظيمن پاران ڪيترائي مڃتا ايوارڊ، سرٽيفڪيٽ ۽ شيلڊون ملي چڪيون آهن. گلزار ڪلهوڙو پاٽائي 2 مئي 1990ع تي شادي ڪئي ۽ اولاد ۾ کيس 4 پٽ ۽ 3 نياڻيون آهن. گلزار هميشه ٻين جي لاءِ ڀلو سوچڻ وارو انسان آهي، سندس مَنَ ۾ ڪنهن جي لاءِ ٻيائي نظر نٿي اچي، سندس ڪردار کاهوڙيين وارو رهيو آهي ۽ سندس ڪانه ڪا جستجو جاري آهي. گلزار ڪلهوڙو پاٽائي جا پنج اڻڇپيل ڪتاب موجود آهن، جن مان سندس هڪ ڪتاب "پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾" سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيسن شاخ پاٽ شريف جي سهڪار سان ڇپيو آهي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي گلزار ڪلهوڙو پاٽائي جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


گلزار ڪلهوڙو پاٽائي جا ڪتاب

پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾ (تحقيقي جائزو)، ليکڪ : گلزار ڪلهوڙو پاٽائي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾ (تحقيقي جائزو)
ليکڪ : گلزار ڪلهوڙو پاٽائي
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ