علي نواز ڏاهري
علي نواز ڏاهري 01 مارچ 1966ع تي سڪرنڊ جي قديم ڳوٺ ڄام ڏاهري تعلقي سڪرنڊ ضلع نوابشاه موجوده شهيد بينظير آباد ۾ اک کولي.پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾. مڊل تائين مڊل اسڪول کڏھر ۾ ۽ مئٽرڪ هاء اسڪول سڪرنڊ مان 1981ع ۾ ڪئي. ايم اي سنڌي ادب (فرسٽ ڪلاس) شاه لطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس مان(پرائيويٽ) ڪئي.
ادب ۾: خاڪي جويو. تاج جويو. عبدالحڪيم ارشد ۽ مير محمد پيرزادو جي رهنمائي ۾ شروعات شاعريءَ کان ڪئي.
ڇپيل ڪتاب:
1: چانهون مٿان چنڊ (شاعري)
2: آڌي رات اروڙ (شاعري)
3: موٽڻ جنين مهڻو (ناول/ترجمو)
4: عشق بي حجاب (ترتيب/ شاعري)
5: من من مور-ٽهوڪا (مضمون /خاڪا)
6: انڌيرن کان وڌي اڳتي (ترتيب/شاعري)
7: … ۽ ڀٽائي گم ٿي ويو (ڪالم ڪهاڻيون)
اڻڇپيل ڪتاب جوتعداد ڇھ آهي جنهن ۾ هڪ شاعريءَ جو ڪتاب .هڪ ڪهاڻيون( ترجمو) ٽي مضمونن جا هڪ صوفي شاعر تاج علي شاه جي شاعري جو فڪري اڀياس وغيره آهن.
ازدواجي زندگي:
08 اپريل 1988ع ۾ سڳي سئوٽ سان شادي ڪئي.
اولاد :
3 پٽ:
1: زوهيب نواز. 2: سهيل نواز ۽3: فيصل نواز.
3 نياڻيون:
1: سسئي. 2: خوشبو 3: سنڌو
06اپريل 1986 ۾ واپڊا ۾ ملازمت ڪئي جتان وقت کان اڳ جولاء 2017 ۾ ايل پي آر تي رٽائر ڪيو.
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل