جھانگير عباسي
ڪھاڻيڪار، مترجم، ڊرامہ نگار ۽ مقالہ نويس جھانگير عباسي ولد غلام مصطفيٰ عباسي 20 مارچ 1971ع تي ڳوٺ ڀنگئي ڪلھوڙا، تعلقي باقراڻي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم. اي (سوشيالاجي 1994ع)، ايم. اي (اردو ادب 1997ع)، بي ايڊ ۽ ايم ايڊ (2005ع) آھي. ھن وقت پبلڪ اسڪول سکر ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور ڪم ڪري رهيو آھي. ھن ريڊيو پاڪستان خيرپور ۽ FM 106 سکر تي 2003ع کان 2006ع تائين مختلف پروگرامن ۾ ڪمپيئرنگ ڪئي. جھانگير عباسي سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻي، جاڳرتا فورم سکر، انساني حقن جي تنظيم سکر، سنڌي ادبي سنگت سکر، ڪلھوڙا ھسٽاريڪل فورم سکر، انجمن ترقي پسند مصنفين سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ ميمبر، خزانچي ۽ ٻين عھدن تي رهي چڪو آھي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ”مان تنوير آھيان“ (ترتيب 2008ع)، ”حسن جي بازار“ (ترجمو 2013ع)، ”درشڪ“ (ڪھاڻي 2014ع)، ”چونڊ شاھڪار ڪھاڻيون“ (2019ع)، ”ڪلھوڙا دؤر جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو“ (2019ع)، ”ڪجلي“ (ڪھاڻيون 2020ع)، ”موھن جو دڙو“ (ڪھاڻيون 2022ع)، ”بلو دادا اور ڪھاني ھر دؤر ڪي“ (اياز قادري جي چونڊ ڪھاڻين جو اردو ترجمو 2022ع)، ”شاھڪار سنڌي افساني“ (اردو ترجمو 2022ع) ۽ ”سنڌو درياھ جون ڪھاڻيون“ (جلد پھريون 2022ع) شامل آھن. جھانگير عباسي کي شاھ لطيف ادبي سنگت پاران جشن لطيف اوارڊ، ڪلھوڙا عباسي تنظيم لاڙڪاڻي پاران بھترين منتظم جو اوارڊ، سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻي پاران ”لاڙڪاڻو صدين کان“ سيمينار ۾ مقاله نگار جو تعريفي سرٽيفڪيٽ، ڪلھوڙا ھسٽاريڪل فورم سکر پاران بھترين مقاله نگار جو اوارڊ، پبلڪ اسڪول سکر پاران بھترين مقرر / استاد جي تعريفي سندَ، عباسي ڪلھوڙا تنظيم لاڙڪاڻه سنڌ پاران بھترين مقالا نگار جي شيلڊ، زخمي چانڊيو فورم لاڙڪاڻي پاران بھترين ڪھاڻيڪار جو ”زخمي چانڊيو“ اوارڊ، سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي پاران بھترين ڪھاڻيڪار جو ”ملڪ آگاڻي“ اوارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي اوارڊ ملي چڪا آھن. ان کانسواءِ ”سوچ“ ۽ ”شعاع“ رسالن جو ايڊيٽر ۽ ماھوار ’دوستي’ ۽ ھفتيوار ’باغ و بھار‘ جو ميمبر پڻ رهي چڪو آھي.
- جنم: 1971-03-20
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل