عبدالقادر منگي

Author Name

عبدالقادر منگيءَ، 26 نومبر 1947ع تي، لاڙڪاڻي ضلعي جي رتيديري شهر ۾ علي شير خان منگيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس گهر جو نالو محمد بچل ۽ ڇٺيءَ جو نالو عبدالقادر هو ۽ والده جو نالو غلام فاطمه آهي. سندس پيءُ جي اصل جنم ڀومي ته مديجي، تعلقو ڳڙهي ياسين آهي، پر هن رتيديري کي پنهنجو مَسڪن بڻايو. هو سنڌي فائنل ڪري استاد ٿيو ۽ پوءِ تپيداريءَ جو امتحان ڏئي تپيدار ٿيو. سندس نوڪري به لاڙڪاڻي ضلعي ۾ رهي ۽ پنهنجو گهر گهاٽ رتيديري ۾ رکيائين، جتي عبدالقادر ڄائو. علي شير خان جي شادي به پنهنجي مائٽن مان رتيديري مان ئي ٿي. سپروائيزنگ تپيدار ٿي اتان ئي 1959ع ۾ رٽائر ٿيو ۽ اتي ئي 1962ع ۾ گذاري ويو. ان وقت عبدالقادر جي عمر 14- 15 سال هئي. ننڍپڻ ۾ سندس پالنا ۽ سار سنڀال سندس مامي ديدار حسين منگيءَ ڪئي. هن نوجوان ذهين ٻار پرائمري تعليم رتيديري مان مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول رتيديري مان 1965ع ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. سال 1968ع ۾ انٽر سائنس گورنمينٽ ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪرڻ کان پوءِ، مقابلي جو امتحان پاس ڪري پاڪستان فاريسٽ انسٽيٽيوٽ/ ڪاليج پشاور ۾ داخل ٿيو، جتان 1970ع ۾ ڊپلوما/ بي. ايس. سي (B.Sc) فاريسٽري پاس ڪري سنڌ ۾ اچي رئنج فاريسٽ آفيسر مقرر ٿيو. اهو سندس عملي زندگيءَ ۾ پهريون قدم هو. ان سال ئي سندس ماسات خورشيد منگيءَ سان شادي ٿي. مئي 1975ع ۾ صوبائي سول سروس ۾ شامل ٿي اسسٽنٽ ڪمشنر ٿي ويو. تربيت مڪمل ڪرڻ کانپوءِ کپرو، گهارو، ٽنڊو الهيار ۽ سجاول ۾ AC/SDM رهيو. ساڍن تيرهن سالن جي عرصي کانپوءِ 1988ع ۾ 18 گريڊ ۾ ترقي ٿي ۽ لاڙڪاڻي جو ايڊيشنل ڪمشنر مقرر ٿيو، جتي ساڍا ٽي سال کن مختلف عهدن تي رهيو. منگي صاحب جي علم ۽ ادب سان شغف، سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت سان محبت سبب تاريخي ماڳن مڪانن ۽ مشاهيرن تي ڪانفرنسون ۽ سيمينار ڪندو رهيو آهي. گهاري ۾ پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ ڀنڀور ۽ ديبل تي 1983ع ۾ سيمينار ڪوٺايائين ۽ ان موقعي تي پڙهيل مقالن تي ڀنڀور ۽ ديبل جي نالي سان سهيڙي ڪتابي شڪل ۾ آندائين. جڏهن ٽنڊي الهيار ۾ بدلي ٿي آيو ته اتي به ساڳئي طريقي سان وتائي فقير تي سيمينار ڪرايائين ۽ ان تي به ڪتاب ڇپايائين. اهي ٻئي دستاويز سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت ۾ اهم جاءِ والارين ٿا. منگي صاحب جي گهر واري خورشيد جوانيءَ ۾ ئي دل جي دوري پوڻ سبب مارچ 1991ع ۾ وفات ڪري وئي. کين ٽن ٻارن: صفيه قادر (1971ع)، ذڪيه قادر (1972ع) ۽ پٽ انيس قادر (1976ع) جو اولاد ٿيو. ستت ئي جنوري 1992ع ۾ ٿر مٺيءَ جي نئين قائم ٿيل ضلعي ۾ بدلي ٿيس. ٿر ۽ ٿرين جي ڏکن ۽ ڏکائين کي هن پنهنجو درد سمجهيو ۽ ٿرين کي سهوليتن ۽ بهتر زندگي مهيا ڪرڻ لاءِ موقعا فراهم ڪرڻ جي سلسلي ۾ ‘ٿر سيمنار’ ڪيو. ان سيمينار جي روئداد ڪتابي شڪل ۾ شايع ڪئي ۽ سرڪار کي سفارشون ڪيون. ان سال ئي ٿر ۾ ڪوئلي جي دريافت ٿي. هن ٿر جي بهتري ۽ ترقيءَ جو بنياد وڌو. کيس اڄ به 25 سالن جي گذرڻ کان پوءِ به ٿري کيس ياد ٿا ڪن. ٿر ۾ خدمتن عيوض کيس اوارڊ براءِ Services to Down Trodden people of Thar سگا پاران 1994ع ۾ مليو. منگي صاحب لاڙڪاڻي ۽ خيرپور ۾ به ڊي. سي رهيو. خيرپور ۾ کرل فئمليءَ مان عزيز فاطمه کرل سان 1996ع ۾ ٻي شادي ڪيائين. جنهن مان کيس ٻه پٽ محمد اريس خان ۽ علي حميص قادر ڄاوا. پاڻ 2001ع ۾ حيدرآباد جو آخري ڪمشنر رهيو. پرويز مشرف جي نئين نظام ۾ نوابشاهه ۽ سکر جو ڊي. سي. او رهيو. سندس آخري پوسٽنگ بطور سيڪريٽري ڪلچر، ٽوئرزم ۽ سوشل ويلفيئر جي ٿي، جتان 25 نومبر 2007ع تي رٽائر ڪيائين. عبدالقادر منگيءَ دوستن سان گڏجي ‘ڌرتي نيوز چينل’ جو بنياد 2008ع ۾ وڌو، پر پوءِ جلد ئي ان چينل کان الڳ ٿي ويو. 2009ع کان 2011ع تائين گورک هل ڊيولپمينٽ اٿارٽيءَ جو ڊائريڪٽر جنرل به رهي. سندس ذاتي لائبرريءَ ۾ تقريباً هر موضوع تي ست هزار کن ڪتاب هوندا. 2017ع جي آخر ۾ سندس جنم ڪٿا ‘جوئي آهيان سوئي آهيان’ جي نالي سان سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ طرفان ڇپجي پڌري ٿي چڪي آهي.عبدالقار منگي 12جون 2022ع تي وفات ڪئي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي عبدالقادر منگي جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


عبدالقادر منگي جا ڪتاب

جـوئي آهيان سوئي آهيان، ليکڪ : عبدالقادر منگي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
جـوئي آهيان سوئي آهيان
ليکڪ : عبدالقادر منگي
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ