وفا اسلم شيخ
ڪھاڻيڪار، ڪالم نگار ۽ مضمون نويس. وفا اسلم جو پورو نالو محمد اسلم شيخ آھي. ھن 18 آڪٽوبر 1974ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو، سندس تعليم ايم اي سنڌي، ايم اي معاشيات ۽ ايم سي ايس (ڪمپيوٽر سائنس) آھي. وفا اسلم اٺ سال لاڙڪاڻي جي پھرئين پرائيويٽ اداري ڪلاسڪ اڪيڊمي آف ڪمپيوٽر سائنس ۾ ھڪ استاد طور خدمتون انجام ڏنيون. بعد ۾ موبلنڪ ڪمپنيءَ ۾ ٽرانسميشن انجينئر طور سکر ريجن ۾ سيليولر ڪوريج (موبلنڪ جا ٽاور) لڳائي سنڌ جي انيڪ شھرن ۾ نيٽ ورڪ ڏنو. ھن وقت ميسڪام ٽيليڪام ڪمپنيءَ ۾ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪري رهيو آھي. وفا اسلم 1987ع کان لکڻ شروع ڪيو. ابتدائي طور شاعري، ان بعد ڪھاڻيون ۽ پوءِ ڪيترائي ئي ڪالم ۽ مضمون لکيا. سندس مضمون، ڪالم ۽ مقالا مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجي چڪا آھن. ھن جي ڇپيل ڪتابن ۾: ’جيون تنھنجي نانءُ‘ (ڪھاڻيون: 2006ع) ۽ ’عدد ناھي عشق‘ (ڪھاڻيون :2021ع) شامل آھن. وفا اسلم سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻي جو خزانچي، آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان (لاڙڪاڻو) ۽ ڊسٽرڪٽ ھسٽاريڪل سوسائٽي لاڙڪاڻي جو ميمبر آھي. کيس علمي، ادبي مڃتا طور مليل اوارڊن ۾: ”ڪھاڻي اوارڊ“ (انيس انصاري اڪيڊمي ڪراچي: 2022ع)، ”بيسٽ پرفارمنس اوارڊ“ (موبلنڪ ڪمپني: 2007ع)، ”مڃتا سرٽيفڪيٽ ۽ ڪھاڻي اوارڊ“ (سنڌ رنگ ڊائجسٽ: 2002ع)، ”مڃتا سرٽيفڪيٽ ۽ ڪھاڻي اوارڊ“ (هالار ڊائجسٽ: 2003ع)، ”بيسٽ ٽيچر اوارڊ“ (ڪلاسڪ اڪيڊمي آف ڪمپيوٽر سائنس لاڙڪاڻو: 2000ع) شامل آھن.
- جنم: 1974-10-18
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل