course image
Dr Abdul Hafeez Laghari
اديب ۽ سائنسدان

ڊاڪٽر عبدالحفيظ لغاري

اديب ۽ سائنسدان ڊاڪٽر عبدالحفيظ لغاري جو جنم سعودي عرب جي شھر مڪي ۾ 22.07.1982 تي ٿيو جتي سندس والد روزگار سانگي رهندو هيو. پاڻ پرائمري جا 3 درجا جده ۾ پاڪستان ايمبسي اسڪول ۾ پڙهيا ۽ مئٽرڪ تائين تعليم ضلعي بدين جي پنهنجي ڏورانھين ڳوٺ ولي محمد ملڪاڻيءَ ۾ حاصل ڪئي. انٽر آرمي پبلڪ اسڪول اينڊ ڪاليج بدين ڪئنٽ مان ڪندي سنڌي يونيورسٽي پھتو جتي ڪيمسٽري ۾ ماسٽرس ڪرڻ کان پوءِ پي ايڇ ڊي ۾ انرول ٿيو ۽ ان دوران منسٽري آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي اداري پي سي ايس آئي آر ۾ سينئر سائنٽسٽ طور نوڪري ملي وئي ۽ پي ايڇ ڊي نوڪري دوران پوري ڪري بحر اسود يونيورسٽي ترڪي مان پوسٽ ڊاڪٽريٽ پڻ ڪئي.
ڊاڪٽر حفيظ کي ننڍي هوندي کان ٻاراڻا رسالا پڙهڻ ۽ انهن ۾ لکڻ جو شوق هو. پاڻ لکڻ پڙهڻ جي اها شروعات عبرت اخبار جي مئگزين ارچڪ مرچڪ ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي ٻاراڻي رسالي گل ڦل کان ڪئي ۽ پوءِ مختلف اخبارن جي ٻاراڻي پيجز تي لکندو رهيو. اڳتي هلي سوشل ميڊيا اچڻ کان پوءِ نوجوانن جي دلچسپي جا مائڪرو بلاگ لکڻ شروع ڪيا ۽ ڪاوش جي ھفتيوار مئگزين ۾ پڻ ڪيترائي فيچر ڇپيا. ڊاڪٽر حفيظ اردو ۾ پڻ ٿورو ئي پر لکيو آهي جيڪو ٻاراڻي رسالي ذهين ۽ ڊان جي ويبسائٽ تي بلاگ طور آنلائن ٿيو.
ڊاڪٽر صاحب ڪيريئر ڪائونسلنگ تي سنڌيڪا پاران گريجوئيٽس جون گهرجون جي ٽائيٽل سان ڪتاب پڻ لکيو جنھن جو پھريون ايڊيشن 6 مھينن اندر وڪامي ويو هو. پاڻ سنڌ سلامت ڪتاب گهر لاءِ ملائيشيا "مون بہ ڏٺو ملائشيا" جو سفرنامو پڻ لکيو جيڪو خوب پڙهيو ويو.
پاڻ هن وقت منسٽري آف سائنس ۽ ٽيڪنالوجي ۾ اسسٽنٽ ايڊوائزر طور نوڪري ڪري رهيو آهي

  • جنم: 1982-07-22
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image