عنايت کٽياڻ

عنايت کٽياڻ جي پيدائش 11 جنوري 1961ع تي پيرڳوٺ، ضلع خيرپور ۾ ٿي. ھن ابتدائي تعليم پيرجوڳوٺ جي وڏي پرائمري اسڪول مان،  ميٽرڪ 1976ع ۾ گورنمنٽ ھاء اسڪول پير جو ڳوٺ انٽر1978ع ۾ ڊگري ڪاليج سکر مان پاس ڪئي. ھن بي-اي 1984ع ۾ ڊگري ڪاليج سکر مان ڪئي.
ھو 1978ع ۾ ڪراچي آيو. ڪراچيءَ ۾ ايندي ئي ايئر ٽڪيٽنگ جو ڪورس ڪري PIA۾ نوڪري ڪئي. مارشل لا جي دور ۾ 1980ع ۾ نوڪري تان برطرف ڪيو ويو. 
ننڍي هوندي 11 سالن جي عمر ۾ والد صاحب جي وفات ڪري گهر جي ذميواري مٿس اچڻ ڪري تعليم حاصل ڪندي درزڪو ڪم بہ سکيو جنھن ڪري ڪوشش ڪري1981ع کان 1988ع تائين گارمينٽس فيڪٽري جي ھڪ يونٽ جي ٺيڪيداري حاصل ڪري سٺي آمدني ڪمائيندو ھيو جنھن سان گهر ھلائيندو رھيو.
1988ع جي فسادن کانپوءِ سچل ڳوٺ آباد ٿيو تہ دوستن سان گڏ اتي جدوجھد ۾ شامل ٿيو ۽ 1990ع ۾ گهر ٺھرائي لانڍي کان سچل ڳوٺ آيو. سچل ڳوٺ جي بنيادي سھولتن جي حاصلات لاءِ ٻين سماجي اڳواڻ دوستن سان گڏجي سچل ڳوٺ لاءِ سماجي ڪم شروع ڪيائين ۽ سچل ڳوٺ ڊولپمينٽ ڪميٽي جو جنرل سيڪريٽري پڻ رھيو. 
1995ع ۾سنڌ حڪومت جي لوڪل گورنمنٽ ڊپارٽمينٽ ۾ سرڪاري ملازمت اختيار ڪيائين جتان 2021ع ۾ 16 گريڊ ۾رٽائر ٿيو.
کيس ننڍپڻ ۾ ئي والد صاحب جي اوطاق جي المارين ۾ رکيل ڪتاب پڙهڻ جو موقعو ميسر ٿيو. ھن ناول پڙهندي تاريخ ۽ شاعريءَ سان وڌائي. پاڻ قومپرست سياست ۾ حصو وٺندي جيئي سنڌ قومي محاذ ۽ پوءِ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو.
سال 2000ع ۾ سنڌ جي تاريخي ماڳن بابت اخبارن ۾ لکڻ شروع ڪيائين. سندس مضمون روزاني برسات، عوامي آواز، جاڳو ۽ ٻين اخبارن۾ ڇپبا رهيا آهن. انھن مان ڪجهہ مضمونن کي ھڪ ڪتاب "سنڌ سڀيتا" جي صورت ۾ 2017ع ۾ڇپرايو ويو. هن ڪتاب جو اردو ترجمو ٿيو آھي جيڪو2018ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو..
تاريخي ماڳن ۽ تاريخي شخصيتن کي نوجوانن ۾ متعارف ڪرائڻ لاء  محترم علي بابا جي صلاح سان ڪجهہ دوستن سان گڏجي 2000ع ۾ هڪ فورم ”سنڌ هسٽري اويئرنيس فورم” جوڙيائين.   هن فورم ۾ سنڌ جو منفرد ۽ سينئر ليکڪ علي بابا ۽ سنڌ جو ناميارو شاعر تاجل بيوس بہ گڏ هئا. هن فورم ۾ آئيني جوڙجڪ باري منگي صاحب ڪئي، عنايت کٽياڻ کي ان جو چيئرمين ۽ ممتاز ماڻڪ کي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو.
عنايت کٽياڻ ھن وقت سچل ڳوٺ، ڪراچيءَ ۾ رھي ٿو. ھن جا سنڌ جي تاريخي ماڳ مڪانن ۽ تاريخ بابت ھيٺيان ٽي ڪتاب ڇپجي چڪا آھن.
1.    سنڌ سڀيتا 2017ع
2.    سنڌ سڀيتا (ٻيو ڀاڱو) 2021ع
3.    سکر تاريخ جو گلدستو 2023ع
 

  • جنم: 1961-01-11
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image
book image
book image