جامي چانڊيو

Author Name

دانشور، ڪالم نگار، نقاد جامي چانڊيو 11 مارچ 1969ع تي ڳوٺ ٺوڙهي بجار، تعلقي قمبر، ضلعي قمبر- شهدادڪوٽ ۾ نامور تعليمدان ۽ فارسيءَ جي صاحب ڪتاب شـاعـر، پـروفيـسـر عبـدالـحـئي چانڊيي جي علمي گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. پـرائمـري تعـليـم گـورنـميـنـٽ پـرائـمـري اسڪول علي خان، قمبر مان حاصل ڪرڻ کانپوءِ ڇهون ۽ ستون درجو قمبر هاءِ اسـڪـول ۾ پـڙهيـو. وڌيـڪ تعليـم لاءِ 1981ع ۾ ڪيـڊٽ ڪاليـج پيـٽاري ۾ داخل ٿيو. 1986ع ۾ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽاري مان انٽرميڊيٽ ڪيائين. 1993ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم. ايس. سي (فزڪس) ڪيائين. سنڌي شاگرد تحريڪ جي اڳواڻ جي حيثيت ۾ شاگرد سياست ۾ سنڌ، ملڪي ۽ ايشيائي سطح تي سرگرم رهيو. 1989ع ۾ ٿائيلينڊ ۽ 1990ع ۾ ڀارت ۾ ايشيائي شاگردن جي عالمي ڪانفرنسن ۾ شريڪ ٿيو. 1995ع ۾ عبرت گروپ آف پبليڪيشن جي ادبي رسالي ماهوار بختاور جو ايڊيٽر رهيو. 1997ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ۾ ايڊيٽنگ ۽ ٽرانسليشن بيورو جو انچارج ڊائريڪٽر مقرر ٿيو، پر سـُـتت ئي استعيفا ڏنائين. 1998ع کان 2002ع تائين روزاني عبرت حيدرآباد جو انچارج ايڊيٽر رهيو. روزاني ڪاوش، ڪي ٽي اين ۽ سنڌ ٽي ويءَ سان هڪ ڪالم نگار ۽ ميزبان طور وابسته رهيو. مختلف ملڪي ۽ بين الاقوامي ادارن ۽ يونيورسٽين ۾ مهمان استاد ۽ تربيتڪار طور ليڪچر ڏيڻ سان گڏوگڏ ايشيا، آمريڪا ۽ يورپ جي پندرهن کان وڌيڪ ملڪن جا تعليمي، مطالعاتي ۽ سياسي دورا ڪري چڪو آهي. کيس اي. پي. اين. ايس طرفان ٻه ڀيرا (2000-1999ع ۽ 2002-2001ع) سنڌي ٻوليءَ جي بهترين ڪالم نگار ۽ مضمون نگار طور اوارڊ ملي چڪا آهن. 2004ع کان پاڪستان جي چئني صوبن ۾ مختلف سياسي پارٽين جي ڪيترن مرڪزي، صوبائي ۽ مقامي اڳواڻن کي سياسي تربيت ڏئي چڪو آهي، جنهن ۾ صوبن جا ايم. پي. اي ۽ ايم. اين. اي شامل هئا. سياست ۽ سياسي مئنيجمينٽ جي هڪ ماهر طور سنڌ توڙي پاڪستان ۾ سندس مڃتا آهي. جامي چانڊيو، سول سوسائٽيءَ جي ملڪي سطح جي ڪيترن ادارن جي بورڊ آف ڊائريڪٽرس جو ميمبر ۽ ڪجهه عالمي ۽ ڏکڻ ايشيائي ٿنڪ ٽينڪس جو سرگرم ميمبر ۽ مهمان اسڪالر به رهيو آهي. سندس هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن:
(1) پاڪستان ۾ وفاقيت جمهوريت جو بحران ۽ قومي خودمختياري (آڪٽوبر 2009ع)، (2) تبديليءَ جا محرڪ ۽ سنڌ جو آئيندو، (3) ايم. ڪيو. ايم جي سياست ۽ سنڌ (جون 2007ع)، (4) تنهن پاڻيءَ پُنا ڏينهڙا، (5) ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا (آگسٽ 2007)، (6) ادب، سياست ۽ سنڌي سماج (اپريل 2007ع)، (7) سنڌي ادب ۾ تنقيد- شيخ اياز (ترتيب)، (8) سنڌي ادب ۾ تنقيد- افسانوي ۽ فڪري ادب (ترتيب)، (9) لبرل ازم: هڪ اڀياس، (10) سنڌي ادب ۾ تنقيد- ڪلاسيڪي ۽ جديد سنڌي شاعري، (11) سنڌ ڪيس (I- آڪٽوبر 2009ع، II- نومبر 2009ع)، (12) جمهوريت، صحافتي اخلاقيات ۽ ميڊيا ۽ (13) رسول بخش پليجي جون مڪمل تحريرون- سياسي ادب (3جلد: ترتيب) ۽ ٻيا شامل آهن، جڏهن ته سندس 400 کان وڌيڪ ادبي، فڪري ۽ سياسي مضمون، ڪالم ۽ ٻيون ادبي ۽ تخليقي لکڻيون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجي چڪيون آهن. فلسفو، ادب ۽ سياست سندس پسنديده موضوع آهن. تازو کيس هڪ عالمي ٿنڪ ٽينڪ طرفان ريسرچ اسڪالر طور واشنگٽن، آمريڪا ۾ فيلوشپ ڏني وئي، جنهن دوران هن ’پاڪستان ۾ وفاقيت جي بحران ۽ قومي خودمختياريءَ‘ جي موضوع تي انگريزيءَ ۾ هڪ تحقيقي ڪتاب لکيو.
هي هن وقت هڪ تحقيقي، علمي ۽ تربيتي اداري ’سي پي سي ايس‘ (سينٽر فار پيس اينڊ سول سوسائٽي) جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر آهي ۽ ان اداري طرفان انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾ شايع ٿيندڙ تحقيقي ۽ فڪري جرنل ٽه ماهي ’فريڊم‘ جو ايڊيٽر آهي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي جامي چانڊيو جا ڪُل 5 ڪِتاب موجود آھن


جامي چانڊيو جا ڪتاب

ادبي تنقيد جا محرڪ ۽  سماجي ڪارج، ليکڪ : جامي چانڊيو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ادبي تنقيد جا محرڪ ۽ سماجي ڪارج
ليکڪ : جامي چانڊيو
ادب، سياست ۽ سنڌي سماج، ليکڪ : جامي چانڊيو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ادب، سياست ۽ سنڌي سماج
ليکڪ : جامي چانڊيو
ڦِريا پَسِي ڦيڻَ، ليکڪ : جامي چانڊيو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ڦِريا پَسِي ڦيڻَ
ليکڪ : جامي چانڊيو
سندي جوڳيان ذات، مصنف : جامي چانڊيو

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
سندي جوڳيان ذات
مصنف : جامي چانڊيو
تنقيدي ۽ تخليقي ادب (ڀاڱو ٻيو، جلد 1)، سھيڙيندڙ : جامي چانڊيو

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
تنقيدي ۽ تخليقي ادب (ڀاڱو ٻيو، جلد 1)
سھيڙيندڙ : جامي چانڊيو
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ