احساس ميرل سھتو

Author Name

نامياري شاعر، ڪھاڻيڪار، ڪالم نويس ۽ محقق احساس ميرل جو اصل نالو مير محمد سھتو جڏھن تہ ادبي نالو احساس ميرل آھي. سندس جنم 15 ڊسمبر 1984ع تي  نورمحمد سھتي جي گهر ڳوٺ نئين وسي، ضلعو مٽياري ۾ ٿيو. ھن وقت رھائش اڏيرو لعل اسٽيشن، ضلعي مٽياري ۾ اٿس.
پرائمري پاس احساس ميرل لکڻ جي شروعات 1999ع کان ڪئي. شاعريءَ ۾ ھن سڀني صنفن خاص ڪري غزل، گيت، وائي، نظم، ٽيڙو، ترائيل، چوسٽي سان سٺو نڀايو آھي. ھو نثر ۾ پڻ ڪھاڻيون، مضمون ۽ ڪالم لکندو رھي ٿو. سندس شاعري ۽ نثري مواد امرتا، اديب، ڪرزما، شام، آڪاش، صبح، نئين آس،  همسري، عبرت مئگزين، ڪاوش گئلري، سنڌو، ھاري، حلال پاڪستان وغيره  ۾ ڇپجندو رھيو آھي. 
سندس شاعريءَ جي ڇپيل ڪتابن ۾ ”تو زندگي چيو هو“2014ع، ”جڏهن هو زلف ڇوڙي ٿو“2016ع، ”درد گهنگهرو ٻڌا“ 2020ع شامل آھن. اُن کان علاوه گڏيل شاعري جي ڪتاب ”هر گُل جي خوشبو پنهنجي“،  ”ادب آبِ حيات“ ۾ شاعري ڇپيل اٿس. سندس ترتيب ۽ سھيڙيل ڪتابن ۾ ”سخنوَر سنڌ ڌرتيءَ جا“ (150 شاعرن جو تعارف ۽ شاعري) 2017ع ۽ ”ڪيئن الائي عيد آئي“ (90 شاعرن جا طرحي غزل) 2020ع ڇپيل آھن. 

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي احساس ميرل سھتو جا ڪُل 3 ڪِتاب موجود آھن


احساس ميرل سھتو جا ڪتاب

جڏهن هُو زلفَ ڇوڙي ٿو، ليکڪ : احساس ميرل  سھتو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
جڏهن هُو زلفَ ڇوڙي ٿو
ليکڪ : احساس ميرل سھتو
سخنوَر سنڌ ڌرتيءَ جا، ليکڪ : احساس ميرل  سھتو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
سخنوَر سنڌ ڌرتيءَ جا
ليکڪ : احساس ميرل سھتو
دَرد گهُنگهرو ٻَڌا، مصنف : احساس ميرل  سھتو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
دَرد گهُنگهرو ٻَڌا
مصنف : احساس ميرل سھتو
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ