نياز ھمايوني

Author Name

نياز همايوني جو اصل نالو مشتاق احمد ۽ سندس والد جو نالو قائم حسين ميمڻ هو. پاڻ ۱۲ اپريل ۱۹۳۰ع تي شڪارپور ضلعي جي مشهور ڳوٺ همايون شريف ۾ ڄائو. سندس والد ٻني ٻاريءَ جو ڪم ڪندو هو. ننڍڙي مشتاق احمد کي سنڌي، فارسي ۽ قرآن مجيد جي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان ڏياري وئي. ان کانپوءِ هن طب جي تعليم حاصل ڪئي. ان کانپوءِ شڪارپور ۾ شفا خانو کولي حڪمت ڪرڻ لڳو. حيدرآباد جي طبي ادارن ۾ استاد جي حيثيت سان ملازمت کي جاري رکندو آيو. بعد ۾ اردو سائنس بورڊ حيدرآباد ۾ لائبريري انچارج ٿيو، جتان ۱۹۹۵ع ۾ رٽائرمينٽ ورتائين.
 نياز جو شمار سنڌ جي ڀلوڙ ڪوين ۾ ٿئي ٿو، جنهن شاعريءَ جي مختلف صنفن تي لکي پاڻ مڃرايو. هو نه صرف سٺو شاعر هو پر نثر نويس ۽ مترجم جي حوالي سان به سندس سڃاڻپ آهي. سندس شاعري ڳائڻ وڃائڻ جهڙي، سندس نثري تحريرون ساهه ۾ سانڍڻ جهڙيون ۽ ترجما سنڌي ادب ۾ اهم جاءِ والارين ٿا. 
نياز همايوني، ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ لکيل مواد جو جيڪو انگ ڇڏي ويو آهي تنهن جي تفصيل هن ريت آهي؛

ڇپيل مواد
·      دل ۽ ڌرتيءَ جاگيت،
·      فرهنگ جعفري،
·      ديوان مفتون،
·      ساڻيهه جي ساک،
·      سنڌ جي طبي تاريخ،
·      ڌرتيءَ جا گيت،
·      ملوڪ الڪلام،
·      سنڌي نامہ،
·      تاريخ مظهر شاهجهاني،
·      انتخاب سنڌي شاعري،
·      آهوان صحرا،
·      تاريخ طاهري،
·      مقصود العارفين،
·      آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه،
·      راههِ عشق،
·      ڪلامِ اشرف،
·      تاريخ تازه نواءِ معارڪ،
·      فرهنگ همايوني
·      رساله اويسيه

اڻ ڇپيل ڪتاب
·      اذان العارفين،
·      سنڌي رانديون،
·      سنڌ جي طبي تاريخ (جلد ٽيون)،
·      اَڪ پچي ٿيا اَنار،
·      جتي منهنجا ماروئڙا،
·      دوزخ ۾ رهڻ جي ريهرسل،
·      ڏکيا سکيا ڏينهن،
·      شاهه جو گنج،
·      گلبانگ لطيف،
·      اوٺاڻيون اويس جون،
·      اڌ صديءَ جو اکين ڏٺو احوال،
·      سمندر ڪي سانس
·      مخدوم نوح جو ڇپيل مواد.

نياز همايوني ۳ جنوري ۲۰۰۳ ع تي دل جو دورو پوڻ سبب حيدرآباد ۾ ۷۴ ورهين جي ڄمار ۾ انتقال ڪري ويو.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي نياز ھمايوني جا ڪُل 3 ڪِتاب موجود آھن


نياز ھمايوني جا ڪتاب

ڌرتيءَ جا گيت، ليکڪ : نياز ھمايوني

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ڌرتيءَ جا گيت
ليکڪ : نياز ھمايوني
تاريخ مظھر شاھجھاني، سنڌيڪار : نياز ھمايوني

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
تاريخ مظھر شاھجھاني
سنڌيڪار : نياز ھمايوني
ديوان مفتون (مولانا عبدالغفور ’مفتون‘ ھمايونيءَ جو ڪلام)، مُرتب : نياز ھمايوني

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ديوان مفتون (مولانا عبدالغفور ’مفتون‘ ھمايونيءَ جو ڪلام)
مُرتب : نياز ھمايوني
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ