پروفيسر نذير احمد سومرو
مشھور نقاد ۽ اُستاد، پروفيسر نذير احمد سومرو، 21 نومبر 1948ع تي، پير جي ڳوٺ، نئين ديري ۾ ڄائو. ھن جو والد عبدالحميد سومرو ۽ چاچو در محمد سومرو عليڳڙھ جا تعليم يافتہ ھئا ۽ سڄي عمر تعليم جي پيشي سان لاڳاپيل رهيا. اُن ڪري نذير احمد سومري جي تربيت پڙهيل ڳڙهيل ماحول ۾ ٿي، پرائمريءَ کان مئٽرڪ تائين نئين ديري ۾ پڙهيو. انٽر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪرڻ بعد 1966ع ۾ سنڌ يونيورسٽي، ڄامشوري مان بي. اي ڪيائين، جتان ئي 1970ع ۾ پوليٽيڪل سائنس ۾ ايم. اي ڪيائين. نذير احمد سومري پنھنجي ڪيريئر جي ابتدا 1969ع کان سيڪنڊري استاد طور وارھ ھاءِ اسڪول کان ڪئي. بعد ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري 1975ع ۾، ڊگري ڪاليج دادوءَ ۾ ليڪچرر ٿيو. ھن جي ادبي تربيت ۾ نئين ديري ۾ ذوالفقار راشديءَ ۽ دادوءَ ۾ استاد بخاريءَ جي صحبت ۽ ويجهڙائپ جو وڏو ھٿ رهيو. نئين ديري ۾ امام راشديءَ ۽ منٺار سولنگيءَ سان بہ سندس صحبت رهي. اھڙيءَ ريت دادوءَ ۾ ملازمت دوران سندس سيد حاڪم علي شاھ بخاري، محسن ڪڪڙائي، نواز رڪڻائي ۽ احمد خان مدھوش سان ويجهڙائي رهي. ائين ادب سان سندس لڳاءُ وڌندو رهيو ۽ وسيع مطالعي جو صاحب رهيو. اردو اديبن مان سندس مسلم شميم، سيد مظھر جميل ۽ ظاھر نوريءَ سان واسطا رهيا. نئين ديري ڪاليج ۾ ملازمت دوران ڪاليج جي مسلنيءَ جي اردو ڀاڱي جو ايڊيٽر پڻ رهيو. ھن نھايت دير سان عمر جي آخري حصي ۾، 2000ع ڌاري قلم کنيو ۽ تنقيد ۽ تجزئي نگاريءَ ۾ نالو ڪڍيائين. سندس تنقيدي ۽ ادبي ڪم کي ڪافي ساراھيو ويو، جنھن منجهس وڌيڪ حوصلو پيدا ڪيو. سندس تجزيا ۽ تنقيدون مختلف رسالن ۾ ڇپجندا رهيا، خاص ڪري ’پھاڪن جي پاڙ‘ (عبدالڪريم سنديلو)، ’خيمي ۾ شام‘ (نصير مرزا)، ’در در ٺوڪر کائي‘ (ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ جي آتم ڪٿا)، ’مارو جي ملير جا‘ (خادم حسين چانڊيو)، ’ياد گهر‘ (ڪوثر ٻرڙو) ڪتابن تي سندس تنقيدون ڪافي پسند ڪيون ويون. ھن نجم عباسي، نياز ھمايوني، استاد بخاريءَ ۽ ٻين جديد اديبن ۽ شاعرن جي ادبي ڪم ۽ شاعريءَ جا بھترين تجزيا پڻ لکيا. پروفيسر نذير احمد سومري، 8 ڊسمبر 2005ع تي وفات ڪئي. سندس وفات کانپوءِ، انجنيئر عبدالوھاب سھتي، پروفيسر نذير احمد سومري جون تنقيدون ۽ تجزيا، مختلف رسالن مان ھٿ ڪري سندس ڪتاب ’تنقيد ۽ تجزيا‘ عنوان سان، ڏاھپ پبليڪيشن، لاڙڪاڻي پاران 2003ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.
- جنم: 1948-11-21
- ورسي: 2005-12-08
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل