حڪيم دين محمد اڪرم ٻورِڙي شريف تعلقه ناٿن شاھ ضلعو دادو ۾ 25 فيبروري 1936ع تي ميان امام بخش خان جي گهر پيدا ٿيا، پاڻ 1942ع ۾ گورمنٽ پرائمري اسڪول ٻورڙي ۾ استاد ديوان ڊالومل، استاد محمد خان جوڻيجو چوکنڊي وارو ۽ ميان فيض محمد عباسي جهڙن قابل رشڪ استادن وٽ سنڌي جا چار درجا پڙھيا.
ان کان پوءِ 1949ع ۾ ٽنڊو رحيم خان تعلقو جوھي ۾ پنھنجي ڀاءُ ميان ڪريم بخش خان جي مطب ۾ سندن سرپرستي ھيٺ تعليم سان گڏوگڏ حڪمت به سکڻ شروع ڪيائون اتي استاد خير محمد جت وٽ سنڌي پنجون درجو پاس ڪيائون ۽ پڻ حڪمت تي به دسترس حاصل ڪيائون. ان سان گڏوگڏ پاڻ اتي والي بال راند جو بنياد به وڌائون جيڪو اڳتي ھلي ٽورنامنٽ تائين پھتو. ٽنڊي رحيم ۾ ڪجه سال رھڻ کان پوءِ 1952ع ۾ گورمنٽ پرائمري اسڪول دادو ۾ سائين محترم استاد شفيع محمد سولنگي جي نگراني ۾ سنڌي فائينل پاس ڪئي. پاڻ چوندا ھئا ته اھا منھنجي خوشنصيبي ھئي جو مونکي اھڙو استاد مليو جنھن کان مون ٻيو به گهڻو ڪجه سکيو جو سائين شفيع محمد سولنگي ھڪ مثالي استاد ھو.
سندن اصل نالو ته دين محمد آھي پر پاڻ ادبي حلقن کان ٻاھر گهڻو ڪري امام دين جي نالي سان سڏيا ويندا ھئا. ڇو ته کين گهر وارا پيار سان امام دين سڏيندا ھئا ۽ ڪوٽڙي شھر ۾ ته پاڻ “ماما” جي نالي سان سڏيا ويندا ھئا.
جيئن ته شاھاڻي پاڙي دادو ۾ سندن وڏو ڀاءُ ميان الھواريو خان جوڻيجو رھندو ھو ۽ اھو ان وقت ايريگيشن کاتي م s.d.o ھو جنھن جي ڪري پان انھن سان گڏ رھيا. دادو ۾ رھڻ دوران سندن شعر و شاعري سان چاھ ھئڻ ڪري “انجمن آفتاب ادب دادو” جي مشاعرن ۾ پھتا جتي ملاقات استادالاشعراءِ الھاج حافظ محمد احسن چنا سان ٿي ۽ پاڻ سندن شاگردي ۾ رھي فيض پرايو. سائين جن جي ئي صلاح تي پاڻ 1975ع ۾ ڳوٺ ٻورڙي م “بزم فدا” جو بنياد وڌو. جنھن ۾ وقت جي مشھور شاعر جيئن الحاج حافظ محمد احسن چنا، محسن ڪڪڙائي، استاد بخاري، نشتر ناٿن شاھي، مولوي عبداللھ اسر، احمد خان مدحوش ۽ ٻيا اچي محفل مچائيندا ھئا. پاڻ ميان جان محمد فدا عباسي جي فرزند ميان فيض محمد عباسي سان گڏجي مرحوم ثنائي جي ڊرامي فقير بادشاھ جي تياري ڪرائي ۽ ان ۾ پاڻ فقير جو ڪردار ڪيائون. اھو ڊرامو ان وقت ايترو ته مشھور ٿيو جو ان وقت جي ڪليڪٽر سيد مدد علي شاھ، سائين شفيع محمد سولنگي جي معرفت دادو ھاءِ اسڪول ۾ وري ٻيھر پيش ڪرايو. جيڪو لڳاتار ٽي ڏينھن پيش ڪيو ويو ۽ ٽئي ڏينھن ڪليڪٽر صاحب ڊرامي ڏسڻ لاءِ موجود رھيو. ان کان علاوھ ثنائي صاحب جو ٻيو ڊرامو “دريا شاھ جو آندو مون کيرو پلو” پڻ ڳوٺ ٻورڙي شريف ۾ پيش ڪيو ويو.
ھندستان جي ورھاڱي ڱان پوءِ ڳوٺ ٻورڙي ۾ ڄڻ ته نئي زندگي موٽي آئي ھجي “بزم فدا ” ٻورڙي ڳوٺ کي چار چنڊ لڳائيڇڏيا. ادبي محفلون، رانديون ڊراما ۽ راڳ جون محفلون اڪثر ڪري ٿينديون رھنديون ھئيون. انھن ئي ڏينھن ۾ خيرپور ناٿن شاھ ۾ حضرت جڙيل شاھ جي ميلي جي سلسلي ۾ پان کي ھاري تحريڪ جي سلسلي ۾ لکيل ڊرامون “ھاري جي جي پڪار” پيش ڪرڻ لاءِ چيو ويو جيڪو ان وقت باباءِ سنڌ حيدربخش جتوئي جي ميلي تي اچڻ وقت پيش ڪيو ويو. ان ڊرامي ماڻھن تي ايترو اثر وڌو جو ماڻھو اوڇنگارون ڏئي روئيندا ھئا. اھو ڊرامون ميلي کانپوءِ به 15 ڏينھن تائين پيش ٿيندو رھيو.
دادو ۾ رھڻ دوران سندن ملاقات مرحوم خادم حسين انڙ صاحب سان ٿي جيڪا ڇڪي کين ڪوٽڙي کڻي آئي ڪجھه وقت حيدرآباد ۾ علي سائين جي قدمن وٽ به رھيا. باقي سڄي عمر ڪوٽڙي شھر ۾ رھي مرحوم خادم حسين وڪيل سان ھڪ روح ٻه جسم مثل رھيا. پاڻ بزم ادب ڪوٽڙي جا صدر رھيا ۽ ڳچ عرصي تائين مشاعرن جون محفلون برپا ڪندا رھيا. حيدرآباد ۽ ٻين شھرن ۾ به مشاعرن ۾ حصو وٺندا رھيا سندن ڪلام اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندو رھيو ۽ پاڻ ريڊيو ۽ پي ٽي وي جي زينت به رھيا سندن ان سان گڏوگڏ ڪوٽڙي کي والي بال راند ۾ به نمايان حيثيت ڏيارائون.
1980ع واري ڏھاڪي ۾ مھراڻ والي بال ڪلب ڪوٽڙي جي پليٽ فارم تان آل سنڌ ۽ آل پاڪستان والي بال ٽورنامنٽ منعقد ڪرائيندا رھيا ۽ پڻ
سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاھر والي بال ٽورنامينٽ ۾ پاڻ کي قومي رانديگر مڃرايائون. ڇاڪاڻ ته دادو ته ھن جي راند جو مرڪز ھو ۽ سڄي پاڪستان ۾ دادو جا رانديگر مشھور ھئا. سندن خدمت کي حڪمت جي حوالي سان به نٿو وسار سگهجي. سندن قول ھو ته ھر ڪم کي محبت گهرجي ۽ ڪو به محبت کانسواءِ مڪمل نٿو ڪري سگهجي. پاڻ حڪمت کي عبادت سمجهندا ھئا ۽ اھو ئي سبب ھو جو سندن دواخانو مطب گهٽ پر سخاوت خانو وڌيڪ لڳندو ھو. پاڻ ٻارن، جوانن ۽ ھمعصرن ۾ يڪسان پسند ڪيا ويندا ھئا. سندن طبيعت تمام حساس ھئي. ھر ڪنھن جي ڏک ۽ تڪليف کي پنھنجو ڏک ۽ تڪليف سمجهندا ھئا. سدائين نصحيت ڪندا ھئا سچ ته اھو آھي ته اسان ڪتابن اسڪولن ڪاليجن ۽ يونيورسٽي کان وڌيڪ جيڪڏھن سکيوسين ته اھو سندن ذات کان سکيو سين. پاڻ تمام محبتي، شفيق، ھڏ ڏوکي، صابر، شاڪر، غريب پرور سچ چوڻ وارا صوفي، سڄ ۽ حق جا پيروڪار ۽ متلاشي رھيا. اھل حيات توڙي اھل ممات بزرگن ۽ درويشن جو احترام ۽ تعظيم ڪرڻ ڄڻ سندن مشغلو ھو. سائين سخي سيد عبدالحفيظ شاھ جي الذاڪرين تنظيم ڪوٽري جا ستپرست اعلىٰ پڻ رھيا ۽ حضرت محبوب سڄڻ سائين جن جي لازوال محبت سان سرشار ٿي انھن جي نظر ڪرم جي سمنڊ ۾ ڇوليون کائيندا رھيا. پان مريد ته سائين حامد علي شاھ راڻي پور واري جا ھئا. پر عشق جي راه کين بزرگن ۽ درويشن جو محبوب بنائي ڇڏيو. سائين ملاقاتيار شريف واري کان به جيڪي ڪجھه ورتائون اھو آخر تائين سنڀاليندا آيا. زندگي جي سڄي سفر ۾ پاڻ حق جا متلاشي رھيا ۽ قدم در قدم انسانيت جي منزلن کي پار ڪندا ويا. انسان جنھن کي مٺڙي مالڪ اشرف المخلوقات جي شرف سان نوازيو ۽ پنھنجي محبوب کي نورالبشر جي شرف سان نوازيو ۽ پنھنجي محبوب کي نورالبشر جي صورت ۾ ظاھر ڪيو آھي. پاڻ سڄي عمر انسانن جي ان اعلىٰ درجي جي تلاش ۽ جستو ۾ ھڪ بھترين انسان جي قالب ۾ سمائڻ جي سعي ۽ ڪوشش ڪندا رھيا. جنھن آخر ڪار انھن کي انسانيت جي اعلىٰ رتبي تي پھچائي عاشق رسولﷺ جي تعريف ۽ توصيف لاءِ وقف ڪري ڇڏيو کين رب پاڪ سندن محبت ۽ قربت نصيب فرمائي جنھن سان کين والحانه عشق ۽ محبت ھئي ۽ اھوئي ھڪ سٺي ۽ سچي انسان جو اصل ۽ معراج آھي. پاڻ پنھنجي حياتي ۾ بنا ڪنھن مالي سھائتا جي پنھنجي کيسي مان خرچ ڪري اللھ تعالىٰ جي محبوب ۽ اسان سڀني جي پياري محبوب جي شان ۾ ڪيل شاعري کي ڪتابي شڪ ڏئي پنھنجي حلقه احباب ۾ تقسيم ڪندا رھيا. اھو عشق کين آخر تائين رھيو.
سندن ڪلام ھون ته تمام گهڻو آھي پر پاڻ پنھنجي حياتي ۾ ست ڪتاب ڇپرائي پڌرا ڪيا.
01. اکيون پسي آئيون 1983
02. سندي سڪ پرين نعتيه ديوان 2003
03. جيڏو تنھنجو ناءُ حمديه ديوان 2004
04. سڄڻ نت سوجهرا منقبت ديوان 2005
05. نائي نيڻ نھار عشقيه ديوان 2006
06. نسوروئي نور نعتيه غزل 2007
07. ھينئڙي سڄڻ ساريا نعتيه غزل 2008
جڏھن ته علم عروض، وائي، رباعيات اڃا ڇپائي جي مرحلي ۾ نه آيا آھن البتا تيار آھن، جن کي ڪوشش ڪري جلد پڌرو ڪرايو ويندو ان کان علاوھ ٻيو به تمام گهڻو ڪلام آھي جنھن کي به سھيڙي ۽ ڇپرايو ويندو. سندن نعت کي مڃتا ڏيندي سنڌھ ٽيڪست بڪ بورڊ سندن نعت سنڌي نصاب جي ڪلاس چوٿين ۽ پنجين ۾ شامل ڪئي آھي. سندن ڪيل خدمت جي ڪٿ بلا آخر اصحاب حس و دانش جي حد ونظر تي موقوف ھجي ٿي. اميد ۽ اعتماد سان ته ڪيل خدمتن جو محل و منصب به ائين بقدر اصل مقرر فرمايو ويندو.
سنڌسلامت ڪتاب گهر تي حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جا ڪُل 2 ڪِتاب موجود آھن