course image
Dr Abdul Rehman Jiskani

ڊاڪٽر عبدالرحمان جسڪاڻي

تعليم جي ميدان ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ ڊاڪٽر عبدالرحمان جسڪاڻي، 2 مارچ 1960ع تي ڳوٺ دُٻي، تعلقي ميرواھه، ضلعي خيرپور ۾ پرائمري استاد حسن بخش جسڪاڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. سنڌي تعليم پرائمري اسڪول دُٻي، اٺون درجو مڊل اسڪول عثمان رند، مئٽرڪ ھاءِ اسڪول ٺري ميرواھ ۽ انٽر ممتاز ڪاليج خيرپور مان ڪيائين. جنهن بعد ايران، عراق، ترڪي، اردن ۽ شام جي ملڪن ۾ تفريح لاءِ ويو. ھڪ سال تائين شام ۾ رهي عربي ٻوليءَ جي مڪمل سکيا ورتائين. وطن ورڻ بعد سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان 1983ع ۾ ايم. اي (عربي) ڪيائين. جنهن بعد مختلف وقتن تي تعليم کاتي، سينٽرل ايڪسائيز ۽ لينڊ ڪسٽم ۾ ملازمت ڪرڻ کانسواءِ پاڪستان اسٽيل جي تعليم کاتي سان پڻ منسلڪ رهيو. ملازمت دوران 1986ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان ايم.اي سنڌي، 1986ع ۾ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ايم.اي صحافت، 1996ع ۾ ايم فل ۽ 2008ع ۾ ‘شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ اسلامي قدر’ جي عنوان سان ڊاڪٽر نواز علي شوق جي نگرانيءَ ھيٺ تحقيقي مقالو لکي پي. ايڇ. ڊي ڪيائين. سندس پي. ايڇ. ڊي ٿيسز سياحت ۽ ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ پاران ڇپيل آھي. ڊاڪٽر عبدالرحمان تعليم سان گڏ سماجي خدمتن جي شعبي سان تعليم، صحت ۽ ڀلائي جي ڪيترن ئي منصوبن تي ڪم ڪيو آھي، جڏهن تہ ريڊيو ۽ ٽي وي جي مختلف چئنلن تي علمي ادبي، سماجي ۽ مذھبي موضوع تي پروگرام ڪندو رهيو آھي. سندس لکيل ڪيترائي علمي ۽ ادبي مضمون ۽ مقالا سنڌي ۽ اردوءَ جي مختلف اخبارن توڙي مختلف يونيورسٽين جي تحقيقي جرنلن ۾ ڇپيل آھن. ان کانسواءِ نصابي ڪتابن نائين، ڏهين ۽ ٻارهين جي سنڌي ۽ اسلاميات جي تياريءَ ۾ شامل رهيو آھي ۽ تر جمي ۾ سندس ڪيترائي مضمون مقالا ۽ ڪتاب پڻ ڇپيا آھن. پاڻ ھن وقت پاڪستان اسٽيل ڪيڊٽ ڪاليج، اسٽيل ٽائون ڪراچيءَ ۾ پرنسپال ۽ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر جي حيثيت سان خدمتون سان سرانجام ڏئي رهيو آھي.

  • جنم: 1960-03-02
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب