عثمان علي انصاري

Author Name

نامور اديب، تعليم دان ۽ عالم، عثمان علي انصاريءَ جا وڏا سهارنپور جا رهاڪو هئا. سندس والد ميان هدايت علي انصاري، سهارنپور ضلعي جي جنت آباد (انبهٽه) ۾ ڄائو هو، ۽ 1870ع ڌاري نوڪريءَ سانگي سنڌ ۾ آيو. 1901ع ۾ هو سيوهڻ ۾ پوليس انسپيڪٽر هو، جتي وفات ڪيائين. هن جي مستقل رهائش شڪارپور ۾ هئي. هن ميرپور ماٿيلي جي رندن مان شادي ڪئي هئي، جنهن مان کيس ٻه فرزند ۽ هڪ نياڻي ڄائي. عثمان علي انصاري، 21 آڪٽوبر 1901ع ۾ شڪارپور ۾ ڄائو. سندس ولادت کان ٻه مهينا اڳ سندس والد جو انتقال ٿيو.هن ابتدائي تعليم شڪارپور جي سنڌي اسڪول نمبر 2 مان ورتي، جيڪو اسڪول هاٿيدر جي ٻاهران خانبهادر جان محمد جان پٺاڻ جي اوطاق جي ڀر ۾ هو. سندس چاچو شيخ صادق علي مرحوم ان وقت ميهڙ ڊويزن جو ڊپٽي ڪليڪٽر هو، اُن کيس گهرائي ميهڙ جي سنڌي اسڪول ۾ پڙهڻ ويهاريو. اُتي چار درجا پڙهي، موٽي شڪارپور ويو، جتي ٻن سالن تائين قاضي بهادر عليءَ وٽ فارسي پڙهندو رهيو. جتان شيخ صادق عليءَ وري کيس گهرائي، خيرپور ميرس ۾ انگريزي پڙهڻ لاءِ ويهاريو ويو. اُتي ٿورو وقت رهي، وري اچي شڪارپور هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ ويٺو، جتان 1918ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان ڏنائين. سندس ’خود نوشته حيات‘ موجب هو: ”پڙهڻ جو جڏو ۽ راندين جو شوقين هو. انهيءَ ڪري پڙهڻ کان وڌيڪ راندين طرف توجهه ڏيندو هو.“ مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ هو جهونا ڳڙهه ڪاليج ۾ پڙهڻ لاءِ ويو، اُتان پڙهڻ کان سواءِ موٽي آيو. ساڳئي سال، آڪٽوبر مهيني ۾، عليڳڙهه ڪاليج ۾ پڙهڻ ويو، جتي 1921ع ۾ انٽر پاس ڪيائين. خلافت تحريڪ جي وقت ۾ جڏهن مهاتما گانڌي، مولانا محمد علي ۽ مولانا شوڪت علي عليڳڙهه ويا، تڏهن اُنهن جي تقريرن کان متاثر ٿي، هي هجرت ڪري پشاور ويو، جتان ڪيترين مشڪلاتن برداشت ڪرڻ کان پوءِ، ٻارهن ڏينهن بعد، موٽي شڪارپور پهتو. ان کان پوءِ ناز هاءِ اسڪول خيرپور ۾ ماستري ڪيائين. بعد ۾ هڪ سال لاءِ ڊي. جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ پڙهڻ لاءِ ويو، جتان 1922ع ۾ بڙودا ڪاليج ۾ پڙهڻ ويو، ۽ 1923ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي.اي جي ڊگري پاس ڪري، جرنلزم (صحافت) جي ڊپلوما وٺي وطن وريو. موٽڻ کان پوءِ ’بامبي ڪرانيڪل‘ اخبار ۾ سيد عبدالله بريلويءَ جي هٿ هيٺ ڪجهه وقت لاءِ ڪم ڪيائين. سگهوئي اُتان کيس سر غلام حسين هدايت الله، سنڌ گهرائي، ميرپورخاص مدرسي اسڪول جو هيڊماستر ڪري رکيو، جتي هن 27 نومبر 1925ع تي چارج ورتي ۽ ٻه سال کن پڙهائڻ کان پوءِ، 1927ع ۾ سندس بدلي نوشهري فيروز مدرسي هاءِ اسڪول ۾ ٿي، جتي 1933ع تائين پرنسپال ٿي رهيو. اُتان وري کيس بدلي ڪري ميرپورخاص هاءِ اسڪول ۾ ٻيو ڀيرو رکيو ويو، جتي 1940ع تائين هيڊماستر رهيو. 1940ع ۾ عثمان علي انصاري، ڪراچيءَ ۾ ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر ٿي آيو، جتي ڊسمبر 1947ع تائين رهيو. پوءِ کيس ايس. ٽي. ڪاليج ڪراچيءَ جو پرنسپال ڪري رکيو ويو، جتان چئن سالن بعد، 1950ع ۾ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي جي پبلڪ سروس ڪميشن جي ميمبر مقرر ٿيڻ تي، کيس ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن سنڌ جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو، جتان 1957ع ۾ پينشن تي لٿو. عثمان علي انصاري نوشهري فيروز مدرسي جي پرنسپاليءَ واري زماني ۾ نامور سياستدان سيد ظفر علي شاهه جي والد سيد محمد علي شاهه ڊڀري واري جو اُستاد ٿي رهيو جيڪو خود به سياستدان هو. اهڙيءَ ريت هن جا مقامي زميندارن سان سٺا تعلقات قائم ٿيا. شڪارپور جي خانبهادر الله بخش سومري ۽ حاجي مولا بخش سومري سان به دوستانه تعلقات هئس. جڏهن سائين جي.ايم.سيد 1940ع ۾ وزير تعليم ۽ ليبر حڪومت سنڌ ٿيو ته عثمان علي انصاريءَ جي لياقت ۽ خوش خلقيءَ کان متاثر ٿي، کيس ”سنڌي ادب جي مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ جو سيڪريٽري ڪري رکيائين. ’سنڌي لغت‘ تيار ڪرڻ جو ڪم به ٻين عالمن- ڀيرومل مهرچند، هرومل سدارنگاڻي، محمد بخش واصف وغيره سان گڏ انصاريءَ صاحب جي حوالي ڪيو ويو. ان کان سواءِ جي.ايم.سيد کيس ڪيترين تعليمي ڪميٽين، جهڙوڪ: سيڪنڊري ايڊيوڪيشن ڪميٽي، راڳ جي تعليم ڏيڻ لاءِ ڪميٽي وغيره جو سيڪريٽري پڻ ڪري رکيو. جيتوڻيڪ عثمان علي انصاريءَ جو والد يو.پي (سهارنپور) کان آيل هو، پر عثمان علي انصاري، سنڌي ٻوليءَ جو ڄاڻو، عالم ۽ اديب هو. جڏهن 1951ع ۾ ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي نئين سر تشڪيل ٿي ته جي.ايم.سيد ۽ محمد ابراهيم جويي سان گڏجي سنڌي ادبي بورڊ ۾ ڪم ڪيائين. ان وقت انصاري صاحب ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن هو. هن ادبي بورڊ جي ترقيءَ لاءِ وڏي سرجوشيءَ ۽ محنت سان ڪم ڪيو. جڏهن جي.ايم.سيد کي 10 آڪٽوبر 1958ع کان جنوري 1960ع تائين ڪراچي سينٽرل جيل ڪراچيءَ ۾ نظربند ڪري رکيو ويو ته ان عرصي ۾ عثمان علي انصاري بورڊ جي هڪ سرڪرده ميمبر جي حيثيت ۾، ۽ محمد ابراهيم جويو سيڪريٽري طور بورڊ جو ڪاروبار هلائيندا رهيا. انصاري صاحب بورڊ جي ٺهڻ وقت به اُن جو سيڪريٽري هو، ۽ مارشل لا جي قيام کان پوءِ، جڏهن سرڪار محمد ابراهيم جويي صاحب تي ’ون يونٽ خلاف سرگرميءَ‘ جي ڪري ناراض ٿي، کيس تعليم کاتي ۾ واپس موڪليو، تڏهن انصاري صاحب وري به ڪجهه عرصي لاءِ بورڊ جو اعزازي سيڪريٽري ٿي رهيو. عثمان علي انصاريءَ ڪيترا ڪتاب تصنيف ڪرڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيو هو، پر هو ڪي ٿورا ڪتاب لکي، ترتيب ڏئي ۽ ترجمو ڪري سگهيو، جن ۾: (1) درس عمل (1936ع)، (2) گمراهه دوست (ترجمو: 1939ع)، (3) ادبي انتخاب (1944ع)، (4) يوناني فلسفو (ترجمو)، (5) جرم وفا (ترجمو: ناٽڪ)، (6) پنج (خليل جبران جون ڪهاڻيون: ترجمو)، (7) سنڌي نثر شامل آهن. سندس عالمانه ۽ تحقيقي ڪم ۾ هيٺيان ٻه ڪتاب وڏي معيار جا آهن. (1) رسالو سچل سرمست (سنڌي ڪلام): جيڪو سنڌي ادبي بورڊ 1958ع ۾ شايع ڪيو، (2) شاهه جو رسالو: جيڪو ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي سهڪار سان 1997ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. سچل سرمست جي رسالي جو ڪم عثمان علي انصاريءَ کي 1952ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان سونپيو ويو هو. ڪجهه مهينا کيس سچل جو ڪلام هٿ ڪرڻ ۾ لڳا، جنهن ڏس ۾ هن ان وقت تائين سچل سرمست جا ڇپيل سمورا نسخا هٿ ڪيا، جن ۾ (1) مرزا علي قلي بيگ وارو رسالو (ٻئي جلد)، (2) پوڪرداس وارو رسالو، (3) هريسنگهه وارو رسالو، (4) آغا غلام نبي صوفيءَ وارو رسالو، (5) نماڻي فقير وارو رسالو وغيره شامل هئا. ان کان سواءِ هن نظر محمد شڪارپوريءَ جي دستخط مان ڪيتريون ڪافيون ۽ بيت هٿ ڪيا، جيڪي ٻين نسخن ۾ نه هئا. ان سواءِ صفر فقير درازيءَ جي سهيڙيل ڪلام مان به لاڀ ورتائين. انهن سمورن نسخن کي سهيڙڻ کان سواءِ، هن تصوف جو وسيع مطالعو ڪيو، جنهن دوران هن ابن عربيءَ جي ڪتاب ’فصوص الحڪم‘ جو خاص اڀياس ڪيو، ان کان سواءِ ’نظريه توحيد‘، ’مڪتوبات امام رباني‘، ’تصوف اسلام‘، ’فلسفه فقراء‘، ’علم تصوف‘، ’ڪلمة الحق‘، وغيره ڪتاب پڙهيائين ۽ سچل جي رسالي تي تفصيلي مقدمو لکيائين، جنهن ۾ تصوف جي حوالي سان خاص بحث ٿيل آهي. ’رسالي سچل سرمست‘ جا سنڌي ادبي بورڊ ٻه ڇاپا 1959ع ۽ 1982ع ۾ ڇپائي پڌرا ڪيا. ٽيون ڇاپو: سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت، حيدرآباد ’شاهه، سچل ۽ سامي‘ جي رسالن جي گڏيل اشاعت طور ڇپائي پڌرو ڪيو. چوٿون ڇاپو: گل محمد تنيي جي ترتيب سان روشني پبليڪيشن ڪنڊياري، 1997ع ۾ شايع ڪيو، ۽ تازو پنجون ڇاپو، ڊاڪٽر مخمور بخاريءَ جي ترتيب ۽ سنوار سان، سنڌي ادبي بورڊ 2012ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. عثمان علي انصاريءَ جو شاهه لطيف سان دلي لڳاءُ ۽ عشق هو. هو خود لکي ٿو ته ”فيبروري 1947ع تائين منهنجو ڀلاري ڀٽائيءَ جو مطالعو يا ته ڪن خاص موقعن تي تقريرون تيار ڪرڻ وقت ٿيندو هو يا پنهنجي ذهني عياشيءَ جي ٻاڙ پوري ڪرڻ لاءِ. ٻنهي حالتن ۾ يا ته عوام جي ضيافت جو خيال رکندي، سندن پسنديءَ جا خاص سُر پڙهي، تقريرون تيار ڪندو هئس، ۽ يا پنهنجي پسند جا ڪي مٺا سُر چونڊي، تفريحاً ويهي پڙهندو هوس. فيبروري 1947ع ۾ مون کي (هڪ حادثي دوران) ڌڪ لڳا ۽ ڦٽجي اچي حيدرآباد جي اسپتال ۾ پيس. ڪنهن سان ڳالهائڻ جي اجازت ڪين هيم. تنهنڪري دوستن کي عرض ڪيم ته ڪي ڳائڻ وارا هٿ ڪري ڏيوم، جي سنڌي ڪافيون ويهي ٻڌائينم ته جيئن ڦٽ به جلد مڙنم ۽ وندر به ٿئي. نيازمنديءَ جو رستو گهڻن ئي صاحبن سان هو، تن مان ڪيترن ئي وٽ اهو عرض اگهاڻو ۽ حيدرآباد جي اسپتال ۾ روزانو چڱو موچارو هانڊو شروع ٿي ويو... اُتي گواليار (گهراڻي) جو هڪ نوجوان پروفيسر به مجلس کي زينت بخشيندو هو... سنڌيءَ ۾ جڏهن ڀاڳيسريءَ مان ڀٽائيءَ جي هيءَ ڪافي آلاپيندو هو: ”ننڊ نه ڪر تون نماڻي، وڃئي ٿي ويل وهاڻي“ ته آءٌ ائين سمجهندو هئس ته ڄٽ سرجن جي سموري جراحيءَ کان هيءُ وڌيڪ منهنجي ڦٽن کي ڇٽائيندو ويندو هو!“ ائين انصاري صاحب، آگسٽ 1947ع ۾ اسپتال مان گهر موٽي آيو. حيدرآباد جي هانڊن کان ته محروم ٿي ويو هو، پر هنڌ تي ليٽئي شاهه جو رسالو کڻي پيو پڙهندو هو. اتي کيس خيال آيو ته شاهه جي ڪجهه قلمي ۽ ڇاپيل نسخن کي ڀيٽي، صحيح رسالو ترتيب ڏجي. ان وقت وٽس ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ کان مليل ٻه قلمي نسخا موجود هئا، جن کي آڏو رکي، سڀني ڇپيل رسالن جي بيتن جي ڀيٽ شروع ڪيائين. جڏهن ڊسمبر 1947ع ۾ وري اچي نوڪريءَ تي چڙهيو ته ڪاليج جي ملازمت دوران کيس فرصت نصيب ٿي ۽ هن شاهه جي رسالي جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو. ان وقت وٽس هيٺيان نسخا موجود هئا: (1) بلڙيءَ وارو نسخو، (2) ڀٽ وارو نسخو، (3) سيوهڻ وارو نسخو، (4) ٺٽي وارو نسخو، (5) درٻيلي جي مخدومن جو نسخو، (6) بمبئيءَ وارو رسالو، (7) ڊاڪٽر ٽرمپ وارو رسالو، (8) مرزا قليچ بيگ وارو رسالو، (9) ديوان تاراچند شوقيرام وارو رسالو ۽ (10) ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ وارو رسالو. ان کان سواءِ (11) محمد عثمان ڏيپلائيءَ وارو رسالو، (12) شاهواڻيءَ وارو رسالو، ۽ (13) بشير احمد وارو نسخو، اهي نسخا هٿ ڪري ڪم ۾ جنبي ويو. اهڙيءَ ريت ٻن سالن ۾ رسالو مڪمل ڪري ورتائين ۽ ڪوشش ڪري رسالي جي بيتن جون معياري ۽ عقلي پڙهڻيون قائم رکيائين. مثال طور: ڀٽائيءَ جي هڪ بيت جي پهرين سٽ جي مختلف رسالن ۾ موجود هيٺين پڙهڻي، کيس آئڙي ئي نه پئي: ڍَول مَ کڻي ٻانهڙي، پرين مَ کڻي پاند، آءٌ پنهنجو ڪانڌ لوڪان لڪي رانئيان. هن ڳولا ڪندي، ٺٽي واري نسخي ۾ درست پڙهڻي ڏٺي، ته ڄڻ کيس بي حساب دولت ملي وئي ۽ شاهه جي شاعرانه عظمت جو نقش سندس دل تي وڌيڪ گهرو ٿي ويو: ڍول مَ کڻي ٻانهڙي، پِرهه مَ کڻي پاند، آءٌ پنهنجو ڪانڌ، لوڪان لڪي رانئيان. هو لکي ٿو ته ”سندس دلي خواهش هئي ته .خدا ڪري ته منهنجي نگاهه کي لطيف جي شعر ۾ ڪو عيب نظر نه اچي.“ ان ڪري، شاهه جي رسالي جي ترتيب وقت سندس سموري ڪوشش ان نقطي تي مرڪوز رهي. افسوس، جو عثمان علي انصاري صاحب، پنهنجي زندگيءَ ۾ پنهنجو پورهيو ڇپائي نه سگهيو ۽ سندس تحقيق سان ترتيب سان ڏنل رسالو ”هڪ نيري رنگ جي ريشمي پوتڙي ۾ ويڙهيل، سندس گهر ۾ رکيو رهيو. ڪن جو چوڻ آهي ته اُن زماني ۾ ڊاڪٽر دائودپوٽو شاهه جو رسالو ترتيب ڏئي رهيو هو ۽ انصاري صاحب ساڻس ڪن ڳالهين ۾ اختلاف رکندو هو، ان ڪري سندس خيال هو ته دائودپوٽي صاحب جي رسالي ڇپجڻ کان پوءِ هو پنهنجو ترتيب ڏنل رسالو ڇپرائيندو. والله اعلم بالصواب! عثمان علي انصاري 02 سيپٽمبر 1962ع تي ڪراچيءَ ۾، 65 سالن جي عمر ۾، دل جي ٽٽڻ سبب انتقال ڪيو. مولانا غلام محمد گرامي، عثمان علي انصاريءَ جي شخصيت بابت لکي ٿو: ”انصاري صاحب پنهنجي ذهني، فڪري، علمي ۽ ادبي حيثيت سان سنڌي ادب ۾ انفرادي مقام تي پهتو... هو سنڌي علم و فن، تهذيب ۽ ثقافت، خاص ڪري شاهه لطيف جو عاشق هو. سندس علمي ۽ فڪري مقالا فڪرانگيز آهن. شاهه جي رسالي جي ترتيب متعلق انصاري صاحب جي جستجو ۽ تحقيق نهايت محققانه ۽ عالمانه آهي... شاهه جي بيتن جي تلاش، پرک ۽ پيشڪش جي نقطه نظر سان انصاري صاحب ڪافي عرق ريزي ڪئي. سندس چوڻ هو ته: ”هن شاهه کي ايڊٽ ڪيو آهي، پر جيستائين علامه دائودپوٽي جو رسالو شايع نه ٿيو آهي، تيستائين مان پنهنجو رسالو نه ڪڍندس!“... انصاري صاحب جي تحرير ۾ زندگي، شوخي، خفيف (هلڪو) مذاق ۽ خوشگوار اظهار موجود آهي. انفال سورة: سورة انفال قرآن مجيد جي اٺين سورت آهي، هن ۾ 75 آيتون ۽ ڏهه رڪوع آهن. انفال جي معنيٰ ’غنيمت جو مال‘ آهي. هيءَ سورت بدر جي جنگ ۾ مسلمانن جي فتح حاصل ڪرڻ کانپوءِ هٿ ايندڙ غنيمت جي مال جي مناسبت سان نازل ٿي. اها پهرين اسلامي جنگ هئي، جيڪا مسلمانن ۽ ڪافرن جي وچ ۾ لڳي هئي. هن جنگ ۾ دشمنن کان غنيمت جو مال به هٿ آيو ۽ ڪيترائي ڪافر به قيدي ٿيا. اهڙي مال کي جائز قرار ڏنو ويو. ٻئي طرف انهن ئي قريش ڪافرن جي هڪ واپاري قافلي کي ڪن مسلمانن لُٽڻ ٿي چاهيو، جنهن کي قرآن مجيد دنيا جو مال قرار ڏيـندي نـاجائـز قـرار ڏنـو. هن ٻڌائڻ جو مقصد هي هو ته جنگ ۾ هٿ ايندڙ مال جائز آهي ۽ دنيا جو مال حاصل ڪرڻ جي غرض سان ڪنهن کان به ڦر ڪرڻ ناجائز آهي، ڇو ته اصل مقصد مال حاصل ڪرڻ ناهي، بلڪه جنگ جو اصل مقصد ڪو ٻيو آهي. هن سورت ۾ بدر جي جنگ جو ذڪر ڪيو ويو آهي ۽ ٻڌايو ويو آهي ته جنگين جو مقصد مال حاصل ڪرڻ ناهي، بلڪه اصلاح ۽ اطاعت آهي. حڪم ڪيو ويو ته پنهنجي اصلاح ڪريو، الله تعالى جو ذڪر ڪريو، رسول الله صلي الله عليه وسلم جن جي فرمانبرداري ڪريو، نماز پڙهو ۽ زڪوات ڏيو ته پڪا مؤمن ٿيندؤ. ان کان پوءِ ٻڌايو ويو آهي ته جنگ بدر ۾ الله تعالى حق کي ثابت ڪرڻ ٿي چاهيو ته جيئن اسلام جي دشمنن جون پاڙون پٽجي وڃن. ٻئي رڪوع ۾ فتح جي سببن جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ويو آهي ته هي محض الله تعالى جي مدد هئي. ٽئين رڪوع ۾ ڪاميابيءَ جون حقيقي راهون ٻڌائيندي مسلمانن کي تنبيهه ڪئي وئي آهي. چوٿين رڪوع ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪافر اڃا به اوهان سان وڙهندا رهندا، پر ناڪام ٿيندا رهندا ۽ مسلمان آخر ڪعبة الله جا وارث ٿيندا. پنجين رڪوع ۾ ٻڌايو ويو آهي ته بدر جو ميڙ الله تعالى جي مصلحت سان ٿيو، نه ته مسلمانن ۾ ايتري طاقت نه هئي، جو ڪافرن جي هيڏي وڏي لشڪر جو مقابلو ڪري سگهن. ڇهين رڪوع ۾ مسلمانن کي جنگ ۾ ثابت قدم رهڻ جي نصيحت فرمائي وئي ته جيئن الله تعالى جي نصرت جا لائق ٿين. ستين رڪوع ۾ ڪافرن جي واعدي خلافين جو ذڪر ڪيو ويو آهي. اٺين رڪوع ۾ مسلمانن کي ڪافرن جي مقابلي لاءِ هر وقت تيار رهڻ لاءِ چيو ويو آهي. نائين رڪوع ۾ تسلي ڏني وئي آهي ته دشمن جي گهڻي تعداد کان نه گهٻرائجي، الله تعالى مسلمانن کي دشمنن تي ٻيڻ بلڪ ڏهوڻ غالب ڪري ڏيکاريندو. ڏهين رڪوع ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مسلمانن کي پنهنجا تعلقات مضبوط رکڻ گهرجن ۽ دين جي معاملي ۾ جيڪڏهن ڪافر مسلمانن سان زيادتي ڪن ته ٻين مسلمانن تي فرض آهي ته انهن جي مدد ڪن، سواءِ ان صورت ۾ جو جن ڪافرن جو مسلمانن سان ڪو عهد ٿيل هجي. ان کانپوءِ جنگ جي قانونن ۽ صلح متعلق اخلاقي هدايتون ڏنيون ويون آهن. جيئن مسلمان پنهنجي صلح ۽ جنگ جي وقت ۾ قديم جهالت وارن طريقن کان بچن ۽ دنيا تي انهن جي اخلاقي برتري قائم ٿئي ۽ دنيا کي پتو پئجي وڃي ته اسلام پهرين ڏينهن کان جيڪا اخلاق تي عملي زندگيءَ جو بنياد رکڻ جي دعوت ڏيئي رهيو آهي، ان جي سوچ عملي زندگيءَ ۾ واقعي ڇا آهي. ان کانپوءِ اسلامي رياست جي دستوري قانون جون شقون بيان ڪيون ويون آهن، جن موجب دارالاسلام جي مسلمان رهاڪن جي آئيني حيثيت انهن مسلمانن کان جدا ڪئي وئي آهي، جيڪي دارالاسلام جي حدن کان ٻاهر رهن ٿا.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي عثمان علي انصاري جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


عثمان علي انصاري جا ڪتاب

رسالو  سچل سرمست، ليکڪ : عثمان علي انصاري

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
رسالو سچل سرمست
ليکڪ : عثمان علي انصاري
2023 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ